ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) ملير جيل مان جڏهن 216 فرار ٿيا، انهن مان ڪجهه شرپسند قيدي اھڙا به هئا جن سيڪيورٽي اهلڪارن کان ايس ايم جي هٿيار ڦريا ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي ۽ فرار ٿي ويا. جاچ اختيارين باضابطا طور تي جاچ شروع ڪئي آهي ۽ فرار ٿيل 114 قيدين کي ملير جيل ۾ واپس آندو ويو آهي، جڏهن ته، سيڪيورٽي کان ڦريل 2 ايس ايم جي اڃا تائين غائب آهن. اهو به معلوم ناهي ته ڪهڙن قيدين هٿيار ڦريا ۽ ڪهڙي طرف فرار ٿيا. ڪيترن ئي قيدين کي انهن جا خاندان پاڻ جيل واپس کڻي ويا. ان حوالي سان جاچ ٽيم ملير جيل مان ثبوت گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. جيل اختيارين ۽ عملي کان سواءِ واپس ايندڙ قيدين ۽ جيل ۾ اڳ ۾ موجود قيدين کان به جيل ٽوڙڻ ۽ هٿيار ڦرڻ بابت پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. جاچ ٽيم بيرڪن، جيل آفيسن ۽ ٻين جاين تي پهچي ڪيترائي ثبوت گڏ ڪيا ۽ تصويرون ڪڍيون. پوليس اختيارين موجب، جيل اندر سي سي ٽي وي ڪيمرائون نه هجڻ سبب جاچ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. ٻئي پاسي 102 قيدين جي ڳولا جاري آهي. جيل انتظاميا موجب، ڪالهه کان مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن. رضاڪاراڻي طور واپس ايندڙ قيدين سان نرمي ڪئي ويندي، ۽ ملير جيل ۾ قيدين سان ملاقات جي پابندي پڻ ختم ڪئي وئي. ذريعن موجب، ملير ڊسٽرڪٽ جيل جي نئين انتظاميا اڃا ذميواريون ناهن سنڀاليون، ڪالهه 26 آفيسرن ۽ اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو.
-
جيل کاتي ۾ ڀرتين ۽ ترقين جو نئون پنڊورا باڪس کلي ويو
ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سنڌ جي جيل کاتي ۾ هڪ وڏو انڪشاف سامهون اچي ويو ، جتي سڀ ڪجهه "انڌير نگري ، چرٻٽراڄ” وانگر هلي رهيو آهي ملير جيل جو جيل سپرنٽنڊنٽ، ڊپٽي جيل سپرنٽنڊنٽ ۽ ڊيوٽي آفيسر ASP به اصل ۾ ڪلارڪ هئا، جن کي ڪلارڪ جي پوسٽ تان پوليس جي وردي واري عهدن تي "آئوٽ آف ڪيڊر” ترقي ڏئي SP جيل، DSP جيل ۽ ASP جيل جهڙين عهدن تي مقرر ڪيو ويو هو،قيدين جي فرار معاملي کانپوءِ کاتي ۾ آفيسرن جي ڀرتين ۽ ترقين تي سوال اٿڻ لڳا آهن،ذريعن مطابق ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ کان وٺي سپرنٽينڊنٽ تائين جون ڀرتيون مشڪوڪ قرار ڏنيون پيون وڃن،ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ عبدالڪريم عباسي جي شهيد ڪوٽا تي ڀرتي عدالت ۾ چئلينج ڪئي وئي،اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ فهيم انور ۽ ارشاد احمد جو موقف آهي ته شهيد ڪوٽا تي رڳو 14تائين سڌو ٿيندي آهي، ذرائع جيڪڏهن ڪلارڪن کي پوليس جي يونيفارم پارائي جيلن جي سيڪيورٽي سنڀالڻ لاءِ مقرر ڪيو ويندو ته جيلن ۾ سنگين سيڪيورٽي مسئلا پيدا ٿيندا ۽ اهڙا واقعا ٿيندا رهندا جيل کاتي ۾ DSP جيل جون سنڌ ۾ ڪُل 39 پوسٽون آهن، جن مان 2019 کان وٺي 28 پوسٽون خالي پيل آهن , 2005 جي سڌي ريت مقرر ٿيل ASP جيل جي بيچ هاڻي SSP جيل جي عهدي تي ڪم ڪري رهيا آهن معلوم ٿيو آهي ته 2005 واري بيچ کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ تجربيڪار بيچ 2010 جي سڌي مقرر ٿيل ASP آفيسرن جي آهي، جن کي سروس ۾ 15 سال مڪمل ٿي ويا آهن، پر اهي اڃا تائين ASP جي پوسٽ تي ڪم ڪري رهيا آهن
-
ملير جيل مان فرار ٿيل 105 قيدي گرفتار، 111 جي ڳولا
ڪراچي (رپورٽر) ملير جيل مان فرار ٿيل قيدين مان وڌيڪ قيدين جي گرفتاري بعد هاڻي 105 قيدين کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته 111 قيدين جي ڳولا جاري آهي. جيل انتظاميا موجب، ڪالهه کان مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، ۽ پهرين مرحلي ۾ گرفتار ٿيل قيدين کي جيل منتقل ڪيو پيو وڃي. جيل انتظاميا موجب رضاڪاراڻي طور واپس ايندڙ قيدين سان نرمي ڪئي ويندي، ۽ ملير جيل ۾ قيدين سان ملاقات جي پابندي پڻ ختم ڪئي وئي. ذريعن موجب، ملير ڊسٽرڪٽ جيل جي نئين انتظاميا اڃا ذميواريون ناهن سنڀاليون، ڪالهه 26 آفيسرن ۽ اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو.
-
ساٿي وزيرن سان ڪي به اختلاف ناهن:علي حسن زرداري
ملير (ڊ ر) صوبائي وزير جيل خانه جات ۽ ورڪس اينڊ سروسز حاجي علي حسن زرداري ملير جيل جو دورو ڪيو، دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ جي جيلن کي اصلاح گهر ۾ تبديل ڪيو ويندو، جيلن اندر ڪرپشن ۽ تشدد کي ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، جيل مان فرار ٿيندڙ قيدي پاڻ واپس اچن سندن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿيندي،هن چيو ته ان معاملي تي جاچ هلي رهي آهي،وڌيڪ ڳالهائڻ جاچ تي اثرانداز ٿي سگهيٿو،هن چيو ته ساٿي وزيرن سان ڪي به اختلاف ناهن،جيل جون مافيائون پريشان آهن،انتظاميا جي نااهلي آهي جو سي سي ٽي وي ڪئميرائون نه هيون،قيدين ڏوهه ڪيو پر انسان آهن،درست نه هلنداسين ته مرڻ کانپوءِ پڇاڻو ٿيندو، صوبائي وزير جيل علي حسن زرداري جيل سسٽم کي ھلائيندڙ اھلڪار راشد چنگاري تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو فوري طور تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو، راشد چنگاري جيل مان فرار ٿي ويو جنھن تان صوبائي وزير اهلڪار کي معطل ۽ گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ان موقعي تي ڊي آءِ جي جيل ڪراچي اسلم ملڪ، جيل سپريڊنٽ ملير شهاب الدين صديقي، ايس ايس پي ملير ڪاشف آفتاب عباسي ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا.