سڄي دنيا ۾ موسمي تبديليون ٿي رهيون آهن ۽ ماحولياتي گدلاڻ سڄي دنيا لاءِ هڪ سنگين ۽ خطرناڪ مسئلو بڻجي ويل آهي. موسمياتي تبديلين جي ان خطرناڪ تباهه ڪن ۽ درد ناڪي تي دنيا متفق ته آهي پر حل تي وري پنهنجي پنهنجي راءِ آهي، جڏهن ته سمورا اهو به سمجهن ۽ محسوس ڪن پيا ته جيڪڏهن هن زمين تي ڪا مصيبت ۽ آفت اچي ٿي ته سڀني لاءِ خطرو پيدا ٿي وڃي ٿو. موسمي تبديلين جا انسان ذات سمورن جاندارن تي گهرا اثر پئجي رهيا آهن. پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي، جتي موسمن جي تبديلي جي ڪري پايوڊئورسٽي جي تباهي ته ٿئي پر گڏوگڏ معاشي حالتون به ابتري طرف وڃن ٿيون، ماحولياتي تبديليون هن وقت هڪ سنگين عالم گير مسئلي جو روپ وٺي چڪيون آهن، جيڪي نه صرف انفرادي پر اجتماعي طور تي به سڄي دنيا کي متاثر ڪري رهيون آهن ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته هن سنگين مسئلي تي سنجيدگي سان غور ڪيو وڃي ۽ ڪرئي ارض کي تباهي کان بچايو وڃي ۽ ان لاءِ ڪجهه ٺوس عملي اقدام ڪيا وڃن هر سال 5 جون کي عالمي يوم ماحوليات ملهايو وڃي ٿو ته جيئن ماحول جي تحفظ جي اهميت کي اجاگر ۽ عوام ۾ ان جي بهتري جو شعور بيدار ڪيو وڃي.
في الحال زمين ئي هن ڪائنات ۾ موجود اهو واحد سيارو آهي جيڪو پنهنجي فطري توازن ۽ موسمي اعتدال جي باعث زندگي جي لاءِ هڪ سازگار ماحول مُهيا ڪري ٿو ۽ هي ئي موسمياتي اعتدال آهي. زمين تي حيات جي بنياد آهي پر تيز رفتار صنعتي ترقي غير ذميدارانا طرز زندگي فضائي گدلاڻ ٻارڻ جو حد کان وڌيڪ استعمال ڪرڻ وڻن جي عام جام واڍي ان توازن کي بري طرح بگاڙي رکيو آهي، جيئن ته گذريل اڌ صدي ۾ ٽيڪنالوجي جي دنيا کي هڪ نئين شڪل ڏني آهي پر ان ترقي جي قيمت زمين جي قدرتي وسيلن چڪائي آهي. ٻارڻ جي بي تحاشا استعمال زمين جو درجي حرارت وڌيل رهيو آهي ۽ اهو درجي حرارت هاڻي ان حد تي وڃي پهتو آهي جو ان جا منفي اثرات واضح ڏيکارجي رهيا آهن، دنيا ۾ موسمن جي شدت ۾ واڌارو غير متوقع برساتون برف باري، ٻوڏون، زلزلا، طوفان، فصلن جي پيداوار ۾ گهٽتائي ۽ نت نيون بيمارين جو جنم وٺڻ ان جو کليو ثبوت آهي، ماحولياتي گدلاڻ جي نتيجي ۾ رونما ٿيندڙ موسمياتي تبديلين جي سبب پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ هاڻي بهار جي موسم تقريباً هاڻي ختم ٿي رهي آهي. سردين جي موسم فوراً پوءِ گرمين جي موسم شروع ٿي وڃي ٿي ۽ ان دوران نه صرف شديد گرمي پوي ٿي پر گرمي جي موسم جو دورانيو به تمام وڏو ۽ ڊگهو ٿي چڪو آهي ۽ صرف پاڪستان ۾ ئي نه براعظم ايشيا جا ٻيا ملڪ به انهيءَ خطرناڪ صورتحال کان دو چار آهن، وري ايمازون ڪيليفورنيا جي ٻيلن ۾ باهه لڳڻ جا واقعا ۽ برفن جو تيزي سان ڳرڻ جو عمل به ان امر جي نشاندهي ڪري ٿو، هاڻي ڪوبه خطو موسمي شدت کان محفوظ ناهي رهيو. اهڙي طرح شديد گرميءَ جي سبب عمل تبخير ۾ به واڌارو ٿيو آهي، جيڪو برساتن ۽ ٻوڏن ۾ واڌاري جو سبب بڻجي ٿو. اهڙين برساتن جي باعث زمين جي ساخت ذرخيزي آبادين ۽ درياهن جي وهڪرن کي نقصان پهچائن ٿيون. ان کانسواءِ موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ زير زمين پاڻي به تيزي سان گهٽ ٿي رهيو آهي. ماهرين خبردار ڪري چڪا آهن، ايندڙ ٽيهن سالن ۾ ڪيئي خطا پاڻي جي شديد قلت جو مقابلو ڪندا.
موسمياتي تبديلي يا ڪلائمينٽ چينج جا اثر گهڻ طرف ۽ گهڻ رخا هوندا آهن ۽ زندگي جي هر شعبي کي متاثر ڪري رهيا آهن، گرمي پد وڌي ٿو. گرمي جي شدت به واڌارو سان هر جاندار متاثر ڪري ٿو. گرمي جي شدت ۾ واڌ مرڻ جي شدت ۾ واڌ جو سبب به رهي ٿي، ڪمزور طبقا وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. زراعت اثر ٿئي ٿي، هر جاندار تي اثر انداز ٿئي ٿي. فصل زمين ان جي پيداواري صلاحيت متاثر ڪري ٿي، پاڻي جا ذخيرا ختم ٿين ٿا، سڄو قدرتي نظام متاثر ڪري ٿي، جنهن سبب قدرتي وسيلا ۽ نظام متاثر ٿيڻ جو خدشو هوندو آهي ۽ ان جا اثر گهڻ رخا ثابت ٿي سگهن ٿا. ڏڪار ۽ باهين جا واقعا عام جام ٿين ٿا، پاڻيءَ جي کوٽ ٿئي ٿي. پاڻي جي سطح وڌيڪ گهري ٿي ويندي آهي. بيٺل پاڻي جا ذخيرا ڪڙا زهريلا ٿي وڃن ٿا. گليشيئر پگهرجن ٿاسمنڊ ۾ چاڙهه اچي ٿو، جنهن سان نقصان ٿين ٿا. وڌيڪ مينهن پون ٿا. ٻوڏون اچن ٿيون. حياتاتي نظام متاثر ٿيو پوي، زمينن جي ذرخيزي ختم ٿيو وڃي، سامونڊي حيات جي تباهي ٿئي ٿي، موتمار بيماريون پيدا ٿين ٿيون. فصلن کي بيماريون لڳن ٿيون ۽ ساهوارن، پورو نظام توانائي، زراعت ۽ روزگار تباهه ٿيو پوي.
جڏهن ته ڪيترائي ساحلي شهر زير آب اچي سگهن ٿا، جنهن سان لکين ماڻهن جي زندگي متاثر ٿيندي. جيڪڏهن سمورن عوامل جي خرابي جو سبب تلاش ڪجي ته معلوم ٿئي ٿو ته خود انساني ئي پنهنجي فطري مسڪن جي تباهي جو سبب بڻجي ٿو، قدرتي نظام ۾ مداخلت وڻن جي وڏي پئمان تي واڍي، ايئرڪنڊيشنرز گاڏيون ۽ صعنتن مان خارج ٿيندڙ نقصانڪار گيسون ۽ جديد اسلح سازي جهڙا عوامل اسان جي ماحول کي بگاڙڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
موسمياتي تبديلي سبب ٿيندڙ تباهي ۾ پاڪستان ٻين جو ڀوڳي ٿو، ڇاڪاڻ ته مليل ڄاڻ موجب پاڪستان جو ڪاربان ۽ ٻين گرين هائوس گيسن جي نيڪال ۾ حصو نه هجڻ جي برابر آهي پر پوءِ به ملڪ کي تقريباً هر سال موسمياتي تبديلين سان لاڳاپيل تبديلين جو نقصان کڻڻو پوي ٿو، ان جو مثال سنڌ ۾ 2022ع ۾ سنڌ برساتن جي ڪري متاثر ٿيو ۽ بحاليءَ جو ڪم اڃا سوڌو جاري آهي، اهو به ثابت ٿيو ته جيڪڏهن پاڪستان ڪنهن طريقي گرين هائوس گيسن جي اخراج کي زيرو به کڻي ڪري تڏهن به ملڪ تبديلي جي اثرن کان نٿو بچي سگهجي، ڇاڪاڻ ته عالمي اخراج فضائن ۾ گهمندو رهندو ۽ تبديليون اثر انداز ٿينديون رهنديون، جيسين سڄي دنيا مان گرين هائوس گيسن جي اخراج تي ضابطو نٿو اچي ۽ موجوده گيسن کي قدرتي طور يا ٽيڪنالاجي جي وسيلي فضا مان ختم ڪيو وڃي پر پوءِ به اسان کي ڪوشش وٺي قدرتي ماحول کي ماحول دوست بڻائو آهي. وڻن جي واڍي روڪڻي آهي ۽ نوان وڻ لڳائي آس پاس جي گرمي پد ۾ وڏي پئماني تي گهٽائڻي آهي، جيڪا انسانن سان گڏوگڏ ٻين ساهه وارن لاءِ فائديمند بڻجندي. ماحولياتي آلودگي کي روڪڻ سان ڪيترن ئي ساهه ۽ دل جي بيمارين کان ڇوٽڪارو ملي سگهندو، آبي ذخيرن جي حفاظت ۽ احتياطي استعمال سان زراعت پيئڻ جي پاڻي ۽ روز مرهه جي زندگي کي محفوظ رکي سگهجي ٿو.
موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان تبديلي جي سببن جي رفتار کي گهٽائڻ يا ختم ڪرڻ ۽ تبديلين سان مطابقت رکي نوان اپاءُ وٺڻ تي ڪوششون وٺي پيو. تبديلي جي سببن جي رفتار کي گهٽائڻ يا ختم ڪرڻ جو سڌو سنئون تعلق ڪاربان ۽ ٻين گرين هائوس گيسن جي نيڪال کي گهٽائڻ آهي ۽ ان ڏس ۾ ڪوئلي ۽ تيل جي سڙڻ کي ٻين توانائي جي ذريعن جي استعمال سان گهٽائڻ آهي، جيئن شمسي توانائي، هوا ۽ پاڻي سان ٺهندڙ توانائي بجلي تي هلندڙ گاڏين جو استعمال اچي وڃي ٿو وڌيڪ وڻن پوکائي ڇو جو وڻ زمين ۽ سمنڊ جي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي جذب ڪرڻ جا قدرتي ذريعا آهن، ان لاءِ وڻن جي پوکائي ۾ انفرادي صوبائي ۽ قومي سطح جي اپائن وٺڻ جي ضرورت آهي، اڄ جون عمارتون ۽ گهر سيمينٽ بجري بلاڪن يا سرن سان ٺهن پيون، جنهن سبب گهر گرمي ۾ وڌيڪ گرم رهن ٿا، ٿڌي ڪرڻ لاءِ ايئرڪنڊيشن استعمال ڪجن ٿا، بجلي جي کپت ۽ پيداواري وڌڻ سبب گرمائش ۾ وڌيڪ واڌارو ٿيو، جنهن سبب اسان کي انفرادي طور تي توڙي حڪومتي طور تي موسمن کي آڏو رکندي نوان ۽ قدرت دوست طريقا استعمال ۾ آڻيون. اسان قدرتي آفتن کي روڪي ته ڪونه ٿا سگهون پر احتياطي تدبيرون ۽ حفاظتي اپاءُ وٺي نقصان کي گهٽائي ضرورر سگهون ٿا. جي ڪنهن به ضلعي ۾ سنڌو درياهه جو پاڻي پنهنجي اصلي نج حالت ۾ ڪونهي.
اسان اهو چوندي به ڪونه ٿا ٿڪجون ته سنڌو درياهه اسان جي ماءُ آهي ۽ اسان جي حياتي جو ضامن آهي پر پنهنجي درياهه سان اسان جو سلوڪ مناسب آهي. هن وقت سيوهڻ کان هيٺ درياهه جو پاڻي پيئڻ جي لائق ئي ناهي رهيو، جيڪڏهن ماحولياتي آلودگي جي تدارڪ جي لاءِ بروقت ۽ ڀرپور ڪوششون نه ڪيون ويون ته ايندڙ نسلن کي زمين تي رهڻ جي لاءِ ڪا محفوظ جڳهه نه هوندي. موسمي تبدلين کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد طريقن کي لاڳو ڪرڻو پوندو، ڇو ته روايتي اقدامات جي رفتار تمام سست آهي، ماحولياتي تحفظ جي لاءِ هي ڪانفرنسون، سيمينار آگاهي مهم ۽ سرڪاري منصوبا ان وقت تائين بي اثر آهن، جيستائين ماحول کي آلودگي کان بچائڻ جا سنجيده قدم نٿا کنيا وڃن. صنعتون به زمين لاءِ خطري جو سبب بڻيل آهن، ڪثيرالقومي ڪمپنيون نه صرف ماحوليات کي تباهه ڪري رهيون آهن پر زمين تي موجود جاندار انواع و اقسام جي خاتمي جو سبب بڻجي رهوين آهن.
سو انسان دوست ۽ ماحول دوست نظام لازمي هجي ٿو، ٻيلن جي خاتمي سبب به ماحولياتي تباهي ٿي آهي، درياهه جو ايڪو سسٽم ئي اصل ماحولياتي توازن جي ضمانت هوندي آهي، ڪراچي جي صنعتن ۽ ڪارخانن وارو گند به سڌو سمنڊ ۾ اڇلائين پيا، جنهن سبب ڪراچي وارو سامونڊي بندر ۽ ڪراچي جون Beaches دنيا جون سڀ کان وڌيڪ گندگيون ۽ گدليون بڻجي چڪيون آهن، اسان جو پنهنجي ماحول پنهنجي قدرتي وسيلن ۽ ذخيرن ڏانهن جيڪو اسمپ وارو رويو ۽ ظالماڻو ورتاءُ آهي اهو ته هن خطر ۾ وڏا خطرناڪ هاڃان ۽ گهڻيون مصيبتون آڻي سگهي ٿو، سو اهو هاڻي تمام گهڻو ضروري ٿي پيو آهي ته اسان پنهنجي زمين ۽ ان تي موجود وڻن ۽ ٻي حيات توڙي آبي حيات ۽ خاص طور پاڻي جي حفاظت لاءِ سرگرم ٿيون، سنڌ جو هاڻي ڪو اهڙو شهر يا علائقو ناهي بچيو جتي جتي پاڻي جي کوٽ جي شڪايت نه هجي يا جيڪو پاڻي دستياب ان جي خراب حالت نه هجي، ان جو اندازو ان مان ٿئي ٿو ته هاڻي اسان جي هرواهه تلاءُ ۽ ڍنڍ ۾ گهڻي غلاظت آهي.
ٻئي پاسي جيڪڏهن اسان سنڌو درياهه جي حالت تي غور ڪريون ته ان کي اسان گٽرن جي گدلي پاڻي سان گدلو ڪري رهيا آهيون. سنڌ صوبي ۽ ماحول دوست اقدام ۾ سڀ کان پهريون مؤثر ترين قدم وڻ پوکڻ آهي، جيڪڏهن هر فرد سال ۾ صرف هڪ به وڻ لڳائي ۽ ان جي مناسب ديک ڀال ڪري ته شجرڪاري جا مثبت نتيجا سامهون اچي سگهن ٿا. پلاسٽڪ ۽ گاڏين جي ڪثرت استعمال ۽ پاڻي جي زيان جي حوصله شڪني توانائي جا متبادل ذريعا جهڙوڪر شمسي توانائي جي استعمال ۽ صفائي سٺائي سان به گدلاڻ کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو.
ماحوليات جي عالمي ڏينهن مان اسان کي اهو پيغام ملي ٿو ته اسان پنهنجي ارد گرد جي ماحول جي بهتري جي لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪريون ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ بهتر مستقبل جو بنياد رکون ۽ اها سمورن جي گڏيل ذميواري آهي ته ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ محفوظ ۽ صحت مند ماحول ڇڏيون. جيڪڏهن اڄ اسان هڪ زمين کي بچائڻ ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا نه ڪيو ته اسان کان پوءِ ايندڙ نسلن اسان کي ڏوهي ٺاهيندا سو اسان کي گهرجي ته جيتري قدر ڪوشش ڪري سگهون لازماً ڪريون. جيڪڏهن ڪو ٻوٽو نه ٿو پوکي سگهجي ته گهٽ ۾ گهٽ ٻين کي ماحول جي تحفظ بابت آگاهي ڏئي اها ننڍڙي ڪاوش به وڏي تبديلي جو بنياد بڻجي سگهي ٿو، ڌرتي اسان جو مشترڪا گهر آهي ۽ ان جي فطري نظام جي برقراري، زرخيزي ۽ خوبصورتي اسان جو اجتماعي فريضو آهي ۽ اهو فريضو ڪنهن هڪ طبقي، اداري يا حڪومت تائين محدود ناهي، هر شخص جي ديني، اخلاقي ۽ سماجي ذميداري آهي، اهو پنهنجو حصي جو چراغ ٻار تي جيئن ايندڙ نسل هڪ محفوظ زمين تي پرسڪون زندگي بسر ڪري سگهن.