هاڻي هيءَ ”زباني جنگ“ به بند ڪريو

آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي جائز ۽ وقتائتي مداخلت تحت پاڪستان  ۽  ڀارت جي وچ ۾ هٿيارن جي جنگ ته 10 مئي کان رڪجي وئي آهي پر افسوس ته ٻنهي ملڪن  خاص ڪري ڀارت جي حڪمرانن ۽ وزيرن  جي زباني جنگ اڃان جاري آهي جنهن جو پڻ عالمي برادري کي ترت نوٽيس وٺڻ گهرجي نه ته هي زباني تڪراري بيان بازي ٻيهر هٿيارن جي جنگ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي جنهن خدشي  جو اظهار به حڪمران ۽ وزير پاڻ ئي ڪري رهيا آهن. سو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عالمي برادري ان معاملي ۾ به اڳتي اچي  ۽  حڪمرانن جي زباني جنگ بندي ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

اسان کي حيرت ٿي رهي آهي ته اڄ جي حڪمرانن ۾ احساس ذميواري جي ڪا ڳالهه ناهي رهي، جيڪو وات ۾ اچين ٿو سو چئي ٿا ڏين. اهو به نٿا سوچين ته سندن جذباتي ۽ غير ذميواراڻن بيانن ڪري ئي ٻئي ايٽمي ملڪ جنگين تي اچي لٿا هيا پر خوش قسمتي سان چئن ڏينهن اندر ئي جنگ بند ڪرائي وئي ۽ ان کانپوءِ ڳالهين جو به سلسلو اڃان شروع ئي مس ٿيو  آهي، ڳالهين جو اڃان هڪ ئي رائونڊ ٿيو آهي ته وري زباني جنگ شروع ٿي چڪي آهي. اها زباني جنگ ان سوال تي شروع ٿي آهي ته آمريڪا کي جنگبندي لاءِ اڳتي اچڻ جو ڪنهن چيو. پاڪستان ۾ اهو تاثر عام آهي ۽ بظاهر نظر به ايئن ئي ٿو اچي ته جڏهن ڀارت پاڪستان ۾ ڊرون حملا ڪري رهيو هو ته آمريڪا جي نائب صدر جا اهي بيان هيا ته هن جنگ ۾ اسان مداخلت نه ڪنداسين. صدر ٽرمپ به چيو هو ته پاڪستان ۽ ڀارت جو اهو تڪرار پراڻو آهي سو اهي پاڻ ئي پنهنجو مسئلو حل ڪندا پر جڏهن 10 مئي جي پرهه ڦٽيءَ جو پاڪستان آخرڪار ڀارت تي جوابي جنگي حملو ڪيو ته پوءِ ئي آمريڪا ان معاملي ۾ مداخلت ڪئي. ان کان اڳ ان صبح جو ئي ڀارت جي هڪ خاتون عملدار جو بيان آيو ته پاڪستان وڌيڪ ڪارروائي نه ڪري ته اسان هاڻي به جنگ کي روڪي سگهون ٿا. اها جنگ کي روڪڻ جي پهرين آڇ هئي جيڪا ڀارت طرفان ڪئي وئي ۽ پوءِ پاڪستان ۽ ڀارت جنگ بندي ڪرڻ تي راضي ٿي ويا آهن ته سمجهيو ايئن ويو ته شايد ڀارت هٿيار ڦٽا ڪيا آهن جواب ۾ نريندر موديءَ به چوڻ شروع ڪيو ته جنگ بندي جي درخواست اسان نه پر پاڪستان ڪئي هئي.

هاڻي ٻنهي ملڪن جي حڪمرانن ۽ وزيرن جو ان ڳالهه تي ۽ زور هلي رهيو آهي ته ان جنگ ۾ ڪنهن  کٽيو ۽ ڪنهن هارايو يا ڪنهن جنگبندي جو چئي شڪست کاڌي آهي. هوڏانهن ڀارت اندر به حڪومت ۽ وزيراعظم تي سخت دٻاءُ آهي ته اهو ٻڌائي ته جنگ بندي ڇو ۽ ڪنهن جي چوڻ تي ڪئي وئي يا جيڪو ڪجهه به ٿيو تنهن تي ڀارت جي پارليامينٽ ۽ عوام کي ڇو اعتماد ۾ نه ورتو ويو. ان دٻاءُ جي روشني ۾ بي جي پي جي حڪومت پنهنجي زبان کي  پاڪستان خلاف وڌيڪ تيز ڪيو آهي ته جيئن اها پنهنجي عوام ۽ اپوزيشن جي جماعتن کي ٿڌو ڪري سگهي. پر ان سان پاڪستان ۽ ڀارت جا لاڳاپا وري جنگي ڇڪتاڻ جا ٿي سگهن ٿا جنهن ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ انهن جنگي بيانن جو نوٽيس وٺڻ جي گهرج آهي ۽ کين سمجهائڻ جي ضرورت آهي ته مهرباني ڪري هاڻي هٿيارن جي بند ٿيل جنگ وانگر زبان جي به جنگ بندي ڪريو.

اها به تجويز ڏئي سگهجي ٿي ته پاڪ ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڳالهين جو جيڪو ٻيو دور شروع ٿئي تنهن ۾ اهو به نُڪتو اٿاريو وڃي ته حڪمرانن ۽ وزيرن جي هڪٻئي جي ملڪن خلاف هلندڙ هيءَ زباني جنگ به هاڻي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان نُڪتي تي اچو ته فيصلو ڪريون ته هاڻي زباني جنگ بندي به ڪئي ويندي. اهو سڀ ان احساس وچان ڪرڻ گهرجي جو ٻنهي ملڪن ۾ اهڙيون ڌريون بلڪل موجود آهن جيڪي پاڪ ڀارت جي بهتر لاڳاپن جي خلاف آهن. ڪي ڌريون وري اهڙيون هونديون آهن جيڪي حڪومت بابت مخالفت براءِ مخالفت جو ورتاءُ  رکنديون آهن ۽ عوام اندر به يقينن ڪي جذباتي ۽ غير سنجيده ڌريون هونديون آهن پر جيڪڏهن حڪومتون ۽ حڪمران به سطحي جذباتي ۽ غير سنجيده ٿي وڃن ۽ جذبات جي وهڪري ۾ وهي وڃن ته اچرج جو ئي اظهار ڪري سگهجي ٿو.

سو حڪومتن ۽ حڪمرانن کي غير جذباتي ۽ سنجيده رويو اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي عام ماڻهن وانگر جذباتي وهڪري ۾ نه وهڻ گهرجي. اڃان به حڪومتن ۽ حڪمرانن کي ئي گهرجي ته اهي عوام کي جذبات جي وهڪري مان ڪڍي سنجيده راهه تي گامزن ڪن. ان سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن جي ميڊيا، دانشورن ۽ اديبن کي به جنگين وڙهڻ ۽ ويڙهائڻ لاءِ اتساهڻ يا مڇرائڻ بدران کين امن جي واٽ وٺڻ تي زور ڏيڻ گهرجي. پر افسوس ته اڄ جي ميڊيا ۽ دانشورن به اڪثريتي طور تي خاص ڪري اڄ جي ڀارت ۾ حڪومت جي ونگار وهندي نظر اچن ٿا، جنهن تي افسوس سان گڏ حيرت به ٿي رهي آهي.

بهرحال اسان عوامي آواز ميڊيا گروپ هميشه امن ۽ ڳالهين جي پاليسيءَ کي زور وٺرايو آهي ۽ اهو ئي آواز اٿاريو آهي ته جنگيون مسئلن جو حل ناهن هونديون. هر مسئلي جو پهريون ۽ آخري حل ڳالهيون ئي هونديون آهن سو ڳالهين جي ميز تي اچو. ان قسم جا اسان هن تازي جنگ دوران به ايڊيٽوريل لکيا ته ڀارت جي انتها پسند حڪمران جماعت جي انتهاپسند وزيراعظم نريندر مودي جي جنگي جنون کي روڪيو وڃي ۽ عالمي برادري کي آمريڪا سميت اڳتي اچڻ گهرجي. پوءِ ائين ئي ٿيو جڏهن آمريڪا ۽ عالمي برادريءَ جا ٻيا ملڪ اڳتي آيا انهن مداخلت ڪئي ته پاڪ ڀارت جي جنگ چئن ڏينهن اندر بند ٿي وئي. ايئن هاڻي ٻنهي ملڪن جي حڪمرانن ۽ وزيرن جي زباني جنگ به بند ڪرائڻ لاءِ لڳي ٿو ته عالمي برادري کي اڳتي اچڻ جو چوڻو پوندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.