هيانءَ ٺاريندڙ ۽ گرميءَ جو ٽوڙ شربت ضرور پيئو!

جڏهن گرميءَ ۽ اُس برداشت کان چڙهي وڃن، تڏهن هڪ ٿڌو گلاس گدامڙي ۽ الوبخارن جو شربت ئي اڃ لاهي سگهي ٿو. سو اهڙي اڃ جيڪا نه رڳو توهان جي اندر پر روح کي ٿڌاڻ پهچائيندا.

گدامڙي ۽ الوبخارن جي شربت جا ڪيترائي فائدا آهن، جيڪي ان کي اونهاري جو بهترين شربت بڻائين ٿا.

گدامڙي ۽ الوبخارن جي ٿڌي خاصيت گرمي کي مات ڏئي ٿي ۽ جسم کي ٿڌو رکڻ ۾ مدد ڪري ٿي. گرميءَ ۾ پگهر اچڻ ڪري پاڻي جي کوٽ ٿيندي آهي ۽ هي شربت اها کوٽ پوري ڪري ٿو.

گدامڙي ۽ الوبخارا ٻنهي ۾ فائبر هوندو آهي، جيڪو هاضمي لاءِ فائديمند آهي ۽ گرميءَ ۾ قبضي جهڙي تڪليف کان بچائيندو آهي.

گدامڙي وٽامن سي، پوٽاشيم ۽ ميگنيشيم مهيا ڪري ٿي، جڏهن ته الوبخارا وٽامنز ۽ فائبر سان ڀرپور هوندا آهن. اهي غذائي جزا پگهر سان وڃايل اليڪٽرولائٽس جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا.

گدامڙي ۽ الوبخارن ۾ اينٽي آڪسيڊنٽس به هوندا آهن، جيڪي بيمارين کان بچاءُ فراهم ڪن ٿا.

گدامڙي ڪوليسٽرول گهٽ ڪري دل جي ڪارڪردگي بهتر بڻائي ٿي. وٽامنز ۽ منرلز سان ڀرپور، گدامڙي جسم کي بيمارين کان بچائيندي آهي، چرٻي کي ڳاري وزن گهٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿي.

گدامڙي جگر کي به صاف ڪري ان جي ڪارڪردگي بهتر بڻائي ٿي. الوبخارا چمڙي جي خوبصورتي وڌائن ٿا، ان ۾ موجود اينٽي آڪسيڊنٽس جلد کي غذا ڏين ٿا ۽ انفيڪشن کان بچائين ٿا.

هي شربت وٽامن اي سان ڀرپور هئڻ ڪري اکين جي صحت لاءِ فائديمند آهي، ۽ ان ۾ موجود پوٽاشيم ۽ ميگنيشيم هڏين کي مضبوط ڪن ٿا.

شربت ٺاهڻ لاءِ گهربل شيون:

  • گدامڙي: اڌ ڪوپ
  • الوبخارا (سڪا): هڪ ڪوپ
  • کنڊ: اڌ ڪوپ
  • ڪارو لوڻ: اڌ چمچو
  • برف، تخم ملنگا ۽ پاڻي: پنهنجي ضرورت مطابق

طريقو:

گدامڙي ۽ الوبخارن کي الڳ الڳ هڪ ڪوپ پاڻي ۾ سڄي رات پسائي رکو.

صبح ان مان ٻج ڪڍي انهن کي بلينڊ ڪريو.

پوءِ ان گودي کي ٻه ڪوپ پاڻي ۽ کنڊ سان گڏ پنج منٽ تائين اُٻاريو.

هاڻي ان ۾ برف، ڪارو لوڻ وجهي بلينڊ ڪريو ۽ ٿڌو ڪرڻ لاءِ فريج ۾ رکو.

آخر ۾ تخم ملنگا وجهي پيش ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.