اسٽيٽ بينڪ جا ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 7.1 ڪروڙ ڊالر وڌي 10.4 ارب ڊالر ٿي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جا ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 7 ڪروڙ 10 لک ڊالر وڌي 10 ارب 40 ڪروڙ 31 لک ڊالر تائين پهچي ويا.
اسٽيٽ بئنڪ پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق 9 مئي تي ختم ٿيندڙ هفتي دوران مرڪزي بئنڪ وٽ موجود ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 10 ارب 40 ڪروڙ 31 لک ڊالر رهيا.
پڌرائي مطابق واپاري بئنڪن وٽ موجود ذخيرا به 6 ڪروڙ 6 لک ڊالر واڌ کان پوءِ 5 ارب 21 ڪروڙ ڊالر ٿي ويا آهن.
اسٽيٽ بئنڪ ٻڌايو آهي ته پاڪستان جا مجموعي ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 13 ڪروڙ 12 لک ڊالر وڌي 15 ارب 61 ڪروڙ 38 لک ڊالر تائين پهچي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.