ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عوامي بيانن باوجود هن وقت پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگبندي قائم آهي پر اسان کي خدشو آهي ته متان ڀارت طرفان جنگبندي جاري نه رهي.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان هن سموري عمل ۾ ظاهر ڪيو آهي ته اسين جنگ نٿا چاهيون پر پنهنجي بچاءَ جي سگهه رکون ٿا.
هن چيو ته ڳالهين ۾ ڪشمير جو مسئلو شامل ٿيڻ پاڪستان جي وڏي ڪاميابي آهي، جڏهن ته ڀارت جو موقف رهيو آهي ته والاريل ڪشمير ان جو اندورني معاملو آهي، بيانيي جي سطح تي پاڪستان کي اهم ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن.
سندس چوڻ هو اسين چاهيون ٿا ته جنگبندي قائم رهي ۽ اها امن لاءِ بنياد بڻجي، اسين چاهيون ٿا ته ڪشمير سميت سڀ تڪرار ڳالهين ذريعي حل ٿين.
هن موجوده حالتن کي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن لاءِ هڪ وڏو امتحان قرار ڏنو ۽ چيو ته هن صورتحال ۾ چين، ترڪيه ۽ سعودي عرب جو ڪردار به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.
بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته وزيراعظم پهرئين ڏينهن کان چيو آهي ته پهلگام واقعي بابت غير جانبدار جاچ لاءِ تيار آهيون، اسان وٽ به دهشتگردي جا واقعا ٿيا آهن، جن جو الزام ڀارت تي آهي، ڀارت سنڌو درياهه تي به حملو ڪيو آهي، ماضي ۾ ڪڏهن به پاڻي کي هٿيار طور استعمال نه ڪيو ويو، يقين آهي ته ڳالهين ۾ سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي تي به ڳالهايو ويندو، نون معاهدن لاءِ ضروري آهي ته پراڻن معاهدن تي عملدرآمد ڪيو وڃي.
پ پ چيئرمين چيو ته پاڪستان ڀارت جا 6 جهاز ڪيرايا، رافيل جهاز ڪيرائي تاريخ رقم ڪئي، ڀارت ته چوندو هو پاڪستان سان ڳالهين جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي پر اڄ ڀارت ڳالهين لاءِ تيار آهي ته اها پاڪستان جي ڪاميابي آهي، جنگ ۾ پاڪستان ڪامياب ٿيو، پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ايٽمي ملڪ آهن، جنگ ڪنهن جي حق ۾ ناهي، ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن مان ڪامياب اهو ٿيندو، جيڪو امن ڏانهن قدم وڌائيندو.
هن وڌيڪ چيو ته نون ڪينالن بابت اسان جو موقف آهي ته مشاورت کان سواءِ نه ٺاهيا وڃن، پ پ شروع کان پاڻي ۽ ڪينالن جي معاملي تي آواز اٿاريندي رهي آهي، جيڪڏهن ڪينالن تي هڪ طرفو فيصلو ٿئي ها ته حڪومت سان گڏ هلڻ مشڪل ٿي پوي ها، اها ڪاميابي آهي جو فيصلو ٿيو ته نوان ڪينال مشاورت سان ئي ٺاهيا ويندا.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسرائيل بابت پاڪستان جو موقف پوري دنيا آڏو واضح آهي، ان ۾ نه ڪا تبديلي آئي آهي ۽ نه ئي اچي سگهي ٿي، اسرائيل بابت اسان جي پاليسي قائداعظم جي دور کان جاري آهي.
خطرو آهي ته ڀارت جنگبندي برقرار نه رکندو، جنگ ڪنهن جي حق ۾ ناهي: بلاول ڀٽو زرداري
You might also like