چئن ڏينهن جي شديد ٽڪراءَ کان پوءِ ميزائلن ٺوڪڻ جو سلسلو رڪجي چڪو آھي ۽ بندوقون خاموش ٿي ويون آهن، هڪ اهڙوٽڪراءَ جيڪو ڏکڻ ايشيا جي ٻن ايٽمي طاقتن جي وچ ۾ مڪمل جنگ ڇڙي پوڻ جو سبب بڻجي پئي سگهيو.آمريڪا جي ٽياڪڙي ۾ جنگ بندي کانپوءِ پاڪستان ۽ هندستان جنگ جي ڪنڌي تان واپس موٽي چڪا آهن. لڙائي بي شڪ رڪجي چڪي آھي،پر جنگ بندي جي حوالي سان صورتحال غير يقيني جي شڪار آھي.ان ڳالهه جو ڪو امڪان نھ آھي تھ هندستان ڇڪتاڻ ھو سبب بڻجندڙ اھم معاملن تي پاڪستان سان معنيٰ ڀرين ڳالهين ڪرڻ لاءِ راضي ٿي وڃي. ٻنهي ملڪن ۾ ڪئين ڏهاڪن کانپوءِ چئن ڏينھن جي شديد فوجي ڇڪتاڻ جو نتيجو اھو نھ نڪتو ،جيڪو پاڪستان جي ڪئين شھرن تي ھڪ ئي وقت ميزائل حملو ڪندڙ هندستان جي ساڄي ڌر جي انتهائي قوم پرست حڪومت جي خواھش ھئي. بنا جواز ھندستاني جارحيت جو پاڪستان طرفان ڀرپور قوت سان تڪڙو جواب ڏنو ويو. جنهن جي هندستان کي توقع نه هئي.
پاڪستان تي حملي ڪرڻ جي ڪجهه ڪلاڪن بعد ئي هندستان پنهنجي سرسي وڃائي ڇڏي ھئي. جڏهن پاڪستان هڪ شاندار فضائي جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ جديد هندستاني جنگي جهازن کي ڪيرائي ڇڏيو، جنھن جو جديد فضائي جنگ ۾ ڪو مثال نٿو ملي. هندستان پاڪستان جي هوائي ۽ فوجي اڏن کي نشانو بڻائي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ڪيو. پاڪستاني شهرن تي ميزائلن ۽ ڊرون وسايا. پاڪستاني فوج به هندستاني ڪارروائين جو وڌيڪ زوردار جواب ڏنو.
چئن ڏينهن جي لڙائي ٻن ايٽمي هٿياربند ملڪن کي مڪمل جنگ جي ايترو ويجھو آڻي ڇڏيو جنھن جو ماضي ۾ ڪو مثال نٿو ملي. جنهن واشنگٽن ۽ ٻين ملڪن کي ڳٽي ۾ مبتلا ڪري وڌو. جيتوڻيڪ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا شروع کان ئي ٻنهي ملڪن جي قيادت سان رابطي ۾ هئي، پر جڏهن ڇڪتاڻ سنگين رخ اختيار ڪيو ته سفارتي ڪوششون تيز ٿي ويون.
هڪ ڀيرو ٻيهر، ٻنهي ملڪن ڇڪتاڻ کي ٽئين قوت جي مداخلت سان روڪيو ويو. صدر ٽرمپ دعويٰ ڪري ٿو ته آمريڪي مداخلت سان ٻنهي ملڪن ۾ ايٽمي جنگ روڪي وئي. پر هندستان ڪنهن به ٻاهرين دٻاءُ آڏو جهڪڻ جي لڳاتار ترديد ڪندو رهيو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ نھ رڳو سفارتي ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي آهي، بلڪھ هن امن کي اقتصادي لاڳاپن سان به ڳنڍيو آهي. جنگ بندي کي واپار سان ڳنڍڻ ٻنهي ملڪن کي تڪرار گهٽائڻ تي مجبور ڪيو.
هي شايد پهريون ڀيرو هو جو آمريڪي انتظاميا امن سفارتڪاري ۾ واپار کي پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪيو آھي. جيتوڻيڪ بدترين صورتحال ٽري وئي آھي. پر دنيا جي سڀ کان وڌيڪ غير مستحڪم خطن مان هڪ ۾ حقيقي امن جو حصول اڃا تائين بھ مشڪل آهي. هندستان اڃا تائين سنڌو پاڻي معاهدي جي معطي جي پنهنجي فيصلي تان پوئتي نه هٽيو آهي، جنهن کي پاڪستان جنگ جو اعلان قرار ڏنو آهي.
هندستاني وزيراعظم نريندر مودي، پنهنجي جنگي روش برقرار رکندي، پاڻي روڪڻ ۽ ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان سان ٻطرفي ڳالهين ۾ شامل نه ٿيڻ جي پنهنجي سخت گير موقف تي قائم آهي ڇاڪاڻ ته هو سمجهي ٿو ته ڪشمير جو مسئلو 2019 ۾ ڪشمير جي خاص حيثيت ۽ الحاق کي ختم ڪرڻ جي سندس حڪومت جي هڪ طرفي فيصلي کان پوءِ حل ٿي چڪو آهي. هن واضح ڪيو ته جيڪڏهن ڳالهيون ٿينديون ته اهي پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير تي هونديون.جنھن ڳالههن ھندستان وزيراعظم کي سڀ کان وڌيڪ چيڙايو آهي اھا ھي آھي ته تازي تڪرار عالمي برادري جو ڌيان ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪشمير جي مسئلي ڏانهن ڇڪايو آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪشمير ۽ ٻين معاملن تي ٽياڪڙي جي آڇ مودي کي ناراض ڪري وڌو آهي، جيڪو جنگ بندي معاهدي کان پوءِ سندس پهرين تقرير ۾ واضح هو. مودي سرڪار هندستان جيان پراڻي موقف کي برقرار رکيو آهي ته اها بين الاقوامي ٽياڪڙي کي قبول نه ڪندي، جنهن کي هندستان ٻنهي ملڪن جي وچ جو معاملو قرار ڏنو آهي.ڪشمير جي تڪراري علائقي ۾ پڻ دھشتگردي جي بدلي ۾ مودي پنهنجي فوجي ڪمانڊرن کي سرحد پار آپريشن ڪرڻ جا مڪمل اختيار ڏئي ڇڏيا آهن،اھا ڳالههھ ڳڻتي واري آھي. ڪجهه تجزيه نگارن جي مطابق، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هندستان فوجي ڪارروائي جي حدن کي وڌيڪ گهٽائي رهيو آهي. لڳي ٿو ته مودي سرڪار تازي ٽڪراءَ ۽ 2019 ۾ پاڪستان خلاف فوجي ڪارروائي مان ڪو به سبق نه سکيو آهي.ھندستان طرفان ٽڪراءُ کي جوھري جنگ جي ڪنڌي تي پھچائڻ واري، نظرئي کي پاڪستان ٻنهي موقعن تي زوردار ڪارروائي سان جواب ڏنو آهي، اهو ظاهر ڪري ٿو ته پاڪستان وٽ هندستاني فوجي جارحيت کي روڪڻ لاءِ مضبوط روايتي جنگي صلاحيت آهي. هندستاني جنگي جهازن کي ڪيرائڻ جديد دور جي هوائي جنگ ۾ پاڪستان جي برتري کي ظاهر ڪيو آھي. 2019 ۾، پڻ پاڪستان ايئر فورس هڪ هندستاني جهاز کي ڪيرائي ڇڏيو ۽ پائلٽ کي تحويل ۾ ورتو ھو.
پر تجزيه نگار چون ٿا ته تازي ڇڪتاڻ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، ان روايتي جنگ ۾ هندستان جي برتري جي دعويٰ کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. پهلگام ۾ 2 درجن کان وڌيڪ ماڻهن جي قتل کان پوءِ، مودي حڪومت ٻٽي روش اختيار ڪري ۽ پاڪستان خلاف فوجي ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. فوجي ڪارروائين جي دائري کي پاڪستان جي مرڪزي شھرن تائين وڌائندي ، نئين دهلي اسلام آباد کي بين الاقوامي سطح تي تنھا ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي.
2019 جي ابتڙ هن ڀيري فوجي ڪارروائي لاءِ ھن کي واشنگٽن ۽ ٻين اولھھ اتحادين جي حمايت نھ ملي سگهي. ٽرمپ تڪرار ۾ غير جانبدار رهڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو مودي حڪومت لاءِ هڪ وڏو سفارتي ڌڪ هو، ڇاڪاڻ ته هندستان پاڻ کي آمريڪا جو هڪ اهم اسٽريٽجڪ اتحادي سمجهي ٿو. انڪري پاڪستان کي ‘سزا’ ڏيڻ جي هندستاني حڪمت عملي کي ناڪام ٿي وئي.ٻئي طرف، چين جي سفارتي حمايت ۽ ان جي فوجي سھڪار عسڪري طاقت جو مقابلو ڪرڻ ۾ پاڪستان جي حوصلي ۾ تمام گهڻو اضافو ڪيو. پاڪستان ايئر فورس چين جي جديد ميزائل جي مدد سان ھدف کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو. ان هندستان کي هڪ مضبوط جيوپولٽيڪل پيغام ڏنو.
جڏهن تھ جارحيت جي منھن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي فوج جي ڪاميابي جي جشن ملھائڻ جو سبب پاڪستان وٽ آهي، پر هي فتح جي اعلان ڪرڻ جو وقت ناهي. هي غور و فڪر جو وقت آهي. هن تڪرار اسان جي ڪمزورين کي ظاهر ڪيو آهي. ڇڪتاڻ دوران سڀ کان وڏي پريشاني اها هئي ته ڇا آءِ ايم ايف قرض جي ايندڙ قسط منظور ڪندو يا نه. ڪمزور معيشت سان ملڪ جي سالميت ۽ خودمختياري جو ڪاميابي سان دفاع ڪرڻ انتهائي ڏکيو آهي.جنگ بندي کان پوءِ، اسان جي ملڪ وٽ هاڻي موقعو آھي تھ اھو پنهنجي معيشت تي ڌيان ڏئي.اھڙي طرح، ملڪ ۾ سياسي استحڪام بحال ڪرڻ پڻ ضروري آهي. قوم جيڪڏھن سياسي طور تي ورهايل آهي ته ان سان ملڪ انتهائي ڪمزور ٿيندو. جڏهن ته،جنگ جي ڪنڌي تان واپس ايندي اسان کي ھاڻي گھڻا ئي سبق سکڻا آهن .