سنڌ جي تاريخ بهادري ۽ وفاداري جي اهڙن املهه ڪردارن سان ڀري پئي آهي، جن پنهنجي ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ پنهنجي جيئري ته پنهنجيُون صلاحيتون ته برُوئي ڪار آنديون، پر مهل اچڻ تي پنهنجا سِرَ قربان ڪرڻ کان به ڪونه ڪيٻايو. سنڌ جي اتهاس جي اهڙن جرڪندڙ حوالن مان هڪ نمايان حوالو ۽ نالو شهيد ھوش محمّد شيدي جو به آهي، جيڪو پنهنجي للڪار ”مرسُون مرسُون، سنڌ نه ڏيسُون“ سان سنڌين جُون دليون هميشه گرمائيندو رهندو.
ھوش محمّد شيدي جو اصل تعلق آفريڪي نسل سان هو. تاريخدانن موجب، شيدين کي آفريڪا جي مختلف ملڪن مان قيد ڪري مختلف ملڪن ۾ غلام طور وڪرو ڪيو ويندو هو. ھوش محمّد شيدي جا وڏا پڻ اهڙيءَ طرح غلام بڻجي وِڪجي سنڌ پهتا هئا. ھوشُو شيدي جو والد دوست محمد، مير فتح علي خان ٽالپر وٽ گھرُو ملازم طور ڪم ڪندو هو ۽ ان نسبت سان ھوش محمد پڻ ميرن جي درٻار سان لاڳاپيل رهيو. تاريخ جي ورقن ۾ ھڪ ٻي روايت پڻ آيل آھي ته: ”ھوش محمد شيدي سنڌ جو رھاڪو ھو. انگريزن سندس اھميت کي گھٽائڻ لاءِ کيس ڌاريو ڪري لکيو.“ (ڪتاب: جرنيل ھوش محمّد شيدي، مرتب: منصور قادر جوڻيجو ــ ص: 122)
1843ع ۾، جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڪاهه ڪئي، تڏهن ھوش محمد شيدي، ٽالپر حڪمرانن جي فوج ۾ جرنيل طور هڪ اهم ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪيو. مياڻيءَ جي جنگ کان ستت پوءِ، 24 مارچ 1843ع تي حيدرآباد شهر کان ڪجھه ميلن جي مفاصلي تي ديھه ناريجا ۾ ”دو آبي“ واري ماڳ تي (جيڪو نئين ۽ پراڻي ڦليلي واهه جي وچ وارو ماڳ آهي ۽ ٻن واهن جي وچ ۾ هئڻ ڪري ”دو آبو“ يا ”دُٻو“ چوَرائبو آهي.( مير شير محمد ٽالپر جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ جي فوج ۽ انگريزن وچ ۾ ٻي وڏي لڙائي لڳي، جيڪا مياڻيءَ واري جنگ جو تسلسل هئي. هن جنگ ۾ انگريزن جي چالاڪين ۽ مقامي ماڻهن جي غداريءَ سبب، سنڌ جي فوج کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. بارود خاني کي باهه لڳڻ کانپوءِ به ھوش محمد شيدي پنهنجي سپاهين کي همٿائيندو رهيو ۽ ”مرسُون مرسُون، سنڌ نه ڏيسون“ جو نعرو هڻي، توپن ۾ پٿر ۽ سِرُون وجھي هلائيندو، تلوار ۽ ڀالو هٿ ۾ کڻي، دشمنن تي هلان ڪري ساڻن آخري دم تائين مقابلو ڪندو رهيو. ھڪ ھنڌ انگريزن ڄاڻايو آھي ته: ”اڄوڪيءَ جنگ ۾ هوشوءَ جتي جتي پير رکيو ٿي، اُتي اُتي ڌرتي ڌُٻي ٿي، ڪنبي ٿي. تلوار جو وار ڪيائين پئي ته آسمان لرزيو ٿي.“ آخرڪار، هن پنهنجي ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي.
هوشو شيدي دنيا جي جنگي تاريخ جي انهن گھٽ سپاهين مان هوندو، جن جي جرئت ۽ بهادريءَ مان متاثر ٿي کيس دشمن جي فوجَ، مڪمل سرڪاري ۽ فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو. انگريز لشڪر جو ڪمانڊر چارلس نيپيئر هوشوءَ جي بهادريءَ جو دم ڀريندي لکي ٿو: ”ھن بھادر شخص جنگ جي فني مھارت جو اھڙو بھترين مظاھرو ڪيو، جيڪو ھڪ يورپي جرنيل کي سُونھين ٿو. ھو پنھنجن ٻين شيدي ڀائرن سان گڏ بيٺو ھو ۽ جنگ ۾ سڀني کان اڳرو رھيو ۽ آخر تائين، جيتوڻيڪ فتحياب نه ٿيو، پر دم اھڙي حالت ۾ ڏنائين جو ترار سندس ھٿ ۾ ھئي ۽ ھڪڙو قدم به پوئتي نه هٽايو ھيائين.“ (ڪتاب: جرنيل ھوش محمّد شيدي ــ ص 17(
نيپيئر جي ان بيان کان علاوه به تاريخ جا ورق ھوش محمد شيدي جي حوصلي ۽ بهادريءَ جي ساک ڀرين ٿا. نصير اعجاز ٻارن لاءِ لکيل پنھنجي ڪتاب ”جنرل ھوش محمد شيدي“ ۾ لکي ٿو: ”ان حقيقت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگھي ته ھوشُو ھڪ ذھِين شخص ھو. جيڪو پنھنجي فوجي ذھانت جي ڪري انگريزن جي حواسن تي ڇانيل رھيو. سندس ئي حڪمت عمليون ھيون، جن تحت جنگ وڙھي وئي.“ (ص 5(
تاريخ جي صفحن کي اٿلائڻ کانپوءِ ھڪ سوال بار بار نظر اچي ٿو ته شهيد هوشوءَ جي مزار ڪٿي آهي؟ ان بابت ٽي روايتون نقل ٿيل آھن. پهرين: شهيد ھوش محمد پنھنجي شهادت واري جاءِ تي جنگ جي ميدان تي مدفون آهي. ٻين: ڪجهه ليکڪن جي خيال مطابق شهيد ھوش محمد شيدي جي مزار حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ آهي. ٽِين: اھو پڻ لکيو ويو آھي ته ”شهيد هوش محمد جي شهادت کانپوءِ سندس ساٿين ۽ پرستارن سندس لاش کي کڻائي اچي، مياڻيءَ جي ميدان ڀرسان، پنهنجي ڳوٺ ٻاهران دفنايو ۽ سندس قبر مٿان هڪ ڪچو ڪمرو به ٺهرايو. جتي هاڻي سنڌ ثقافت کاتي پاران خوبصورت مقبرو ٺهرايو ويو آهي. “ ھوش محمد شيدي جي زندگي ۽ سندس قرباني سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ روشن باب جي حيثيت رکي ٿي. هڪ غلاميءَ جي پسمنظر مان نڪري، هن پنهنجي بهادري ۽ وفاداريءَ سان اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته ڌرتيءَ سان محبت ۽ آزاديءَ جي تڙپ ڪنهن به سماجي حيثيت کان مٿانهين هوندي آهي. سندس نعرو ”مرويسُون پر، سنڌ نه ڏيسُون“ صرف لفظن جو جوڙ نه هو، پر هڪ اهڙو جذبو هو، جيڪو هر سنڌيءَ جي دل ۾ آزاديءَ جي چڻنگ ٻاري ٿو. ھوش محمد شيدي جي للڪار اسان کي سيکاري ٿي ته ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار رهڻ گهرجي.
اڄ جي دؤر ۾، جڏهن اسان پنهنجي ڌرتيءَ تي پاڻيءَ جي کوٽ، وسيلن تي اختيار نه ھئڻ ۽ بنيادي حقن جِي حاصلات ڳالهه ڪريون ٿا، تڏهن ھوش محمد شيدي جي قرباني اسان لاءِ هڪ مثال آهي. اسان کي سندس زندگيءَ مان سکڻ گهرجي ته ڪيئن پنهنجي مقصد جي حاصلات لاءِ ثابت قدميءَ سان بيهڻ ضروري آهي ۽ ڪيئن پنهنجي ڌرتيءَ ۽ قوم جي حفاظت لاءِ هر قسم جي مشڪلات جو مڙسيءَ سان مقابلو ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي هن سورمي جي قرباني اسان کي ياد ڏياري ٿي ته آزادي ۽ خودمختياري ڪنهن به قوم لاءِ سڀ کان اهم آهن ۽ انهن جي حفاظت لاءِ هر نسل کي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ھوشُو شيدي جي زندگي اسان لاءِ هڪ روشن مثال آهي، جيڪو هميشه اسان کي پنهنجن فرضن جي ياد ڏياريندو رهندو. ھوش محمد شيدي جي بهادري ۽ قرباني سنڌ جي تاريخ ۾ هميشه ياد رهندي. سندس نعرو هڪ چوڻيءَ طور هر سنڌيءَ جي دل ۾ آزاديءَ ۽ وفاداريءَ جو جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ ڏيڍ صديءَ کان زندهه آهي ۽ زندهه رهندو.