ڪينالن خلاف سنڌ جي تحريڪ ۽ تاريخ کان سبق نه سکندڙ حڪمران

سنڌ ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف جاري احتجاج ۾ وڌيڪ شدت اچي رھي آھي،جڏھن تھ وفاق ۽ ملڪ جون اختياريون ان انتھائي حساس معاملي ڏانھن ڌيان ڌرڻ جي لاءِ تيار نھ آھن.جنھن ڪري سنڌ ۽ وفاق ۾ اڳي ئي موجود وڇوٽي وڌي رھي آھي.جنھن جا اڳتي ھلي ڪري ڪنھن بھ ريت مثبت نتيجا نھ نڪرندا.عرصي کان سنڌ جي عام ماڻھن کي اها شڪايت آھي تھ وفاق ان سان ناڻي ۽ پاڻي جي معاملي ۾ زيادتي ڪندو رھيو آھي.اھڙي شڪايت ۾ شدت ھڪ ڀيرو تڏھن سنگين ٿي رھي آھي، جڏھن ڪجھھ مھينن کان سڄي سنڌ ۾ سنڌو درياھ جي پاڻي مان ڪئنال ڪڍڻ وارين رٿائن خلاف آھستي آھستي شروع ٿيل احتجاج ھڪ وڏي تحريڪ ۾ تبديل ٿي چڪو آھي. اھا تحريڪ ھڪ پاسي سمورين سياسي ڌرين کي ميڙي مٺ ڪري رھي آھي تھ ٻئي پاسي وفاق خلاف عام ماڻھن جي ڪاوڙ ۾ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اضافو ٿي رھيو آھي.ساڳي ريت گذريل 16 سالن کان سنڌ ۾ حڪمراني ڪندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي لاءِ جاري تحريڪ صورتحال کي ڏکيو بڻائي ڇڏيو آھي.

جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت جي پنجاب ۾ غيرآباد زمين کي سيراب ڪرڻ لاءِ تڪراري ڪينال ٺاهڻ جي فيصلي کان ھاڻي  پاڻ کي پري  ڪري رھي آھي پر عوام ۾ سمورن حڪمرانن خلاف چڙ گھٽجڻ بدران وڌي رھي آھي.سنڌ جو عام ماڻھو جنھن جوش ۽ جذبي سان تڪراري ڪينالن واري رٿا خلاف تحريڪ ۾ شامل ٿي رھيو آھي، ان مان اھو ثابت ٿي رھيو آھي تھ سنڌ ڪنھن بھ صورت ۾ رٿا کي رد ڪرائڻ واري مطالبي تان ھٿ نھ کڻندي.

جيڪڏھن سوچ سمجھه واري ڳالهه ڪجي تھ اھا بھ ڪنھن ريت عقل مندي واري ڳالهه تھ نٿي لڳي تھ سنڌ صوبي جي آباد زمين جي لاءِ ايندڙ پاڻي کي تڪرار ڪينالن ۾ وھائي ڪري چولستان جي غيرآباد زمين کي آباد ڪيو وڃي.جڏھن سنڌ جي حڪمران جماعت پيپلز پارٽي جي ذميواري اچي ٿي تھ اھا پھرين تھ اھا تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نھ آھي.جڏھن تھ حقيقت ھي آھي تھ پاڪستان پيلزپارٽي وفاقي حڪومت جو حصو آهي، تنھن ڪري بھ اھا پاڻ کي ان ذميواري کان آجو قرار نٿي ڏئي سگھي.سنڌو درياءَ مان پاڻي جي ورڇ سنڌ لاءِ سياسي طور تي حساس مسئلو رهيو آهي، پر تازا تڪرار ڪينال بابت تحريڪ صوبي جي صورتحال ۾ سنگين رخ اختيار ڪري رھي آهي.مختلف قوم پرست ڌرين جي احتجاج ۾ هزارين ماڻهون نوجوان ۽ عورتون شرڪت ڪري رھيون آھن.نھ رڳو ايترو پر ھن ڀيري ڪينالن خلاف جاري تحريڪ ۾مکيه ڌريون سياسي جماعتون ۽ سول سوسائٽي جا ماڻھون پڻ  شرڪت ڪري رھيا آھن.حقيقت ۾صوبائي حڪومت وفاقي حڪومت جي گرين پاڪستان انيشيئيٽو (پروگرام) کي هزارين ايڪڙ زرعي زمين ڏني آهي، جيڪا اسٽيبلشمينٽ جي سرپرستي هيٺ شروع ڪيو ويو آھي. اھڙي پروگرام ۽ تڪراري ڪينالن جي منظوري کان اڳ ئي ان تي ڪم شروع ٿي ويو آھي.جنھن ڪري پڻ وفاق کي نقصان رسڻ جو خطرو پيدا ٿي رھيو آھي.

پاڻي ورڇ بابت 1991 واري ٺاھ تي مڪمل طور عمل نھ ٿيڻ ڪري سنڌ سان لڳندڙ سامونڊي ڪنارن جي زمين کي سمنڊ ڳڙڪائي رھيو آھي.ڇوڙ واري علائقي ۾ گھربل پاڻي يا ذڪر ڪيل ٺاھ ۾ مقرر مقدار ۾ پاڻي جي سمنڊ ۾ ڇوڙ نھ ٿيڻ جي ڪري انڊس ڊيلٽا کي بھ نقصان رسي پيو.ان جو نتيجو اھو نڪتو آھي تھ سمنڊ زمين کي ڳڙڪائي رھيو آھي ۽ تمر جا ٻيلا ختم ٿي رھيا آھن،جنھن سبب سموري ايڪو سسٽم جو توازن بگڙي ويو آھي.ھاڻي خطرو آھي تھ امڪاني طور آيل سامونڊ طوفان اڳي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نقصان رسائيندو.سنڌو درياهه ۾ پاڻي گهٽجڻ سبب هر سال هزارين ايڪڙ زمين سمنڊ ۾ غرق ٿي  رهي آهي.

حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اهڙي حساس معاملي تي وفاق توڙي پنجاب اندر ڪو به بحث نه پيو ٿئي ۽ نه ئي وري  ھن تڪرار ڪينالن جي بابت گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪيو ويو آھي.جڏھن تھ آئيني طور تي اھو ئي فورم آھي،جنھن ۾ اھڙي ڪنھن بھ تڪراري معاملي کي آڻڻ بعد ئي ان تي اڳتي وڌڻ گھرجي ھا.مھينن کان سموري سنڌ ۾ جاري احتجاج باوجود  ھن رٿا بابت اڃا تائين ڪا بھ چٽي پاليسي سامهون نه آئي آهي.صوبائي حڪومت پاران ھن سنگين مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪمزور طريقو  اختيار ڪرڻ سان بھ ڪيترائي سوال پيدا ٿي رھيا آھن.

وفاقي ڍانچي لاءِ خطرو بڻجندڙ هن مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ حڪمرانن کي اڳيان اچي ڪري ان بابت سنڌ جي ماڻھن جي موقف کي ٻڌڻ ۽ ان بابت اعتبار جوڳي پاليسي جو اعلان ڪرڻ گھرجي ھا پر جنھن طرح سان حڪومت ۾ويٺل جماعتن پنھنجا چپ سبي ڇڏيا آھن ان مان لڳي ٿو تھ وقت جا حڪمران ھن معاملي جي حساست ۽ نزاڪت کان يا تھ اڻ ڄاڻ آھن يا ان ڏانھن گھربل ڌيان ڏيڻ جو ڪو ارادو ئي نٿا رکن.سنڌي قوم تڪراري ڪينالن کي زندگي ۽ موت جو معاملو قرار ڏئي ڇڏيوآهي.سنڌ جي عوام جا ان رٿا  بابت خدشا ڪنھن بھ طرح سان بي بنياد نه آهن. انهن خدشن کي حل ڪرڻ جي  ذميواري وفاقي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ تي ئي آهي.اھڙي تحريڪ ھلندي پڻ ان کي نظرانداز ڪرڻ وارو وفاق جو رويو ياد ڏياري ٿو تھ ملڪ ۾ موجودھ سياسي سيٽ اپ ۾ سنڌ جي ماڻھن جي دانھن ٻڌڻ لاءِ ڪو بھ تيار بھ آھي.

جيتوڻيڪ صوبن  ۾ پاڻي تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ آئيني طريقو پڻ موجود آهي، پر ان تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي. سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت تي 1991ع جي پاڻي جي ورڇ واري معاهدي تي مڪمل طور تي عمل ڪرڻ ۾ ناڪامي جو الزام لڳائيندي رھي ٿي. واهه ٺاهڻ جو هڪ طرفو فيصلو آئين جي مڪمل ڀڃڪڙي آهي. جنھن مان اھو ثابت ٿي ويو آھي تھ  اقتدار جي ايوانن ۾ ويٺل تاريخ کي وساري ويٺا آهن ۽ تاريخ مان ڪو به سبق نه سکيو.ڪينال بابت عوامي احتجاج وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن  ۾ بي اعتمادي کي ظاهر ڪري ٿو.هي تحريڪ عوام ۾، خاص طور تي نوجوانن ۾، اشرافيه جي حڪمراني خلاف وڌندڙ بيچيني جو پڻ هڪ پهلو ظاهر ڪن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.