ڪراچي (پ ر) ناميارن اديبن، ڏاھن، پورھيت اڳواڻن چيو آھي ته جيستائين رياست آزادي جي حقيقي ويڙھاڪن ڀڳت سنگهھ ۽ ھيملن ڪالاڻي کي پنھنجو ڪري انھن کي گھربل مقام نه نٿي ڏئي تيستائين انتھاپسندي،دھشتگردي ۽ رتوڇاڻ مان جان آجي ڪرائڻ ممڪن ڪونھي،اھڙو اظھار نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن جي سيڪريٽري جنرل ناصر منصور، شھيد ھيمون ڪالاڻي ميموريل ڪميٽي جي چيئرمين اين ڊي مجروح ڪالاڻي،جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو،ھوم بيسڊ ويمن ورڪرز فيڊريشن جي سربراه زھره خان، شاه عنايت شھيد سوشلسٽ فورم جي چيئرمين گل محمد منگي، ممتاز دانشور ۽ مصنف ڊاڪٽر اعجاز قريشي،انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جي صدر رياض شاھد دايو،سرگرم سياسي و سماجي ڪارڪن ايڊوڪيٽ واحد بخش ناريجو،جنرل سيڪريٽري شھيد ھيمون ڪالاڻي ميموريل سوسائٽي قادر اعظم پروفيسر مشتاق مھر،نعيم شيخ،ڪليم دراني، شاھينه رمضان،مجيب پيرزادو، محمد يونس مھر،رزاق باجوا،يونس مھر، حسين فاطمي،اسلم بنگزئي، ڊاڪٽر جئي پال ڇاٻڙيا، ڪامريڊ عزيز، حميده گھانگھرو ۽ ٻين اڳواڻن شھيد اعظم ڀڳت سنگهھ جي 94-ھين ورسي ۽ امر شھيد ھيمون ڪالاڻي جي 102 يوم پيدائش تي منعقد گڏيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو،ان موقعي تي ممتاز سياسي ۽ سماجي ڪارڪن رزاق باجوا اعلان ڪيو ته ايندڙ ورسي جي موقعي تي سنڌ مان ھڪ قافلو ڀڳت سنگھ جي ڳوٺ وڃي ورسي جي تقريب منعقد ڪندو ۽ عظيم انقلابي اڳواڻ ۽ آزادي ۽ حريت جي اھڃاڻ کي خراج عقيدت پيش ڪندو ۽ سنڌ ۽ پنجاب جي شھرن ۽ ڳوٺن مان گذرڻ دوران ڀڳت سنگھ ۽ ھيمون ڪالاڻي جي قربانين کان عام ماڻھن کي آگاھي ڏيندو ناصر منصور چيو ته ڀڳت سنگهھ ۽ ھيمون ڪالاڻي جي جدوجھد ۽ قرباني جي نتيجي ۾ انگريزن کان ته نجات ملي پر ڪاري انگريز عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي اڄ وري اسان کي ڀڳت سنگھ ۽ ھيمون ڪالاڻي جھڙن اڏول ڪردارن جي ضرورت آھي ،ھن چيو ته بلوچستان ۾ جاري جبر جي مذمت ڪريون ٿا رتوڇاڻ روڪڻ لاءِ سياسي عمل شروع ڪيو وڃي،اين ڊي مجروح ڪالاڻي چيو ته شھيد ھيمون ڪالاڻي ۽ ڀڳت سنگهھ کي ڀلي سرڪاري سطح تي ھن ملڪ ۾ پنھنجو نه ڪيو ويو پر عوام جي دلين ۾ ھو اڄ به وڏي احترام ۽ عزت جو مقام رکن ٿا ھن چيو جلد يا دير پاڪستان ۾ به ڀڳت سنگھ ۽ ھيمون ڪالاڻي جا نعرا گونجندا ڇو ته انھن جي جدوجھد ۽ ڪردار اڄ به عوام ۾ مقبول آھي،عبدالخالق جوڻيجو چيو ته ڀڳت سنگهھ ۽ ھيمون ڪالاڻي پنھنجون جانيون ھڪ عظيم مقصد لاءِ قربان ڪيون ۽ انڪري ھو اڄ به عوام جي اندر مقبول ۽ قابل احترام آھن سنڌ ۾ به وڏي جدوجھد جاري آھي، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي اڳواٽ ئي ميدان عمل ۾ آھن، رياست عوام سان جنگ ڇيڙي ڇڏي آھي ۽ ڪنھن جو به رياست تي اعتماد ۽ ويساھ نه رھيو آھي،گل محمد منگي چيو ته ڀڳت سنگھ ۽ ھيمون ڪالاڻي جيڪي آدرش ۽ خواب ڏٺا اڄ اسان لاءِ اھي مشعل راھ آھن رياست غزالي، غزنوي ۽ اھڙن ھٿ ٺوڪين کي جھڙي طرح زبردستي ھيرو بڻايو آھي انھن جو گھڻو وقت ھلڻ ممڪن نه رھيو آھي،بلوچستان، سنڌ ۽ ڪي پي ڪي ۾ باھ ڀڙڪائڻ جا ذميوار حڪمران آھن اسين مولانا عبيدالله سنڌي جي فڪر تحت ھلي رھيا آھيون ،هن چيو ته قائد اعظم ڪميونزم کي روڪڻ لاءِ جيڪا بفر اسٽيٽ ٺاھي اڄ اھا بفر اسٽيٽ پوري دنيا لاءِمٿي جو سور بڻيل آھي.