اسرائيلي حملن ۾ 35 فلسطيني شهيد، انگ 50 هزار کان وڌي ويو

غزا (م ڊ) اسرائيلي حملي ۾ حماس جو سياسي بيورو جو سينيئر اڳواڻ صلاح البردويل پنهنجي زال سوڌو شهيد ٿي ويو، ٻئي پناهگيرن جي خيمي ۾ موجود هئا. اسرائيل طرفان غزا جي مختلف حصن ۾ فائرنگ ڪئي وئي، 35 فلسطيني شهيد ٿي ويا. غزا ۾ 7 آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي حملن ۾ 17 مهينن دوران فلسطيني شهيدن جو انگ 50 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. بمباري ۾ هڪ لک 13 هزار کان وڌيڪ فلسطيني زخمي پڻ ٿيا آهن. غزا جي سرڪاري ميڊيا موجب شهادتن جو انگ 61 هزار 700 کان  وڌيڪ آهي.  غزا مان 7 فلسطيني شاگرد ڪراچي پهچي ويا. شاگرد مختلف تعليمي ادارن ۾ تعليم مڪمل ڪندا. شاگردن جو ٻيو وفد به ڪراچي پهچندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.