اسان پنجابين کي ڪير سمجهائي ته پنھنجا تھ ٽي درياهه هميشه لاءِ ھليا ويا، پر اسان باقي بچيل دريائن جي پاڻيءَ جي پٺيان لڳا پيا ھوندا آھيون، بنا سمجھئي ته ٻين جو به حق انهن تي آهي؟ ان بحث ۾ پوڻ کان سواءِ تھ سنڌ طاس معاهدي مان ڪھڙا فائدا ٿيا ۽ ڪھڙا نقصان. ايترو تھ چٽو آهي ته راوي، ستلج ۽ بياس درياهه اسان جي ھٿن مان ويا ۽ پاڙيسري ملڪ جا ٿي ويا. جهلم ۽ چناب جو پاڻي جيئن استعمال ٿيڻ گهرجي ها، اسين نھ ڪري سگهياسين ۽ ان ۾ به پاڙيسري ملڪ اسان کان اڳتي نڪري ويو. انھن ٻن دريائن جو پاڻي جنھن طرح ھندوستاني استعمال ڪري رھيا آھن ۽ انھن دريائن تي ڊيم ۽ بجلي گھر بڻائي رھيا آھن اسان ئي ائين ڪري وٺون ھا. پر نه، ان لاءِ ڪجهه سوچ گھربل ھئي ۽ هتي بيماري ئي اھا رھي آھي تھ سوچ نالي شيءَ جي ھميشھ کوٽ رھي.باقي رھيو سنڌو درياهه تھ تربيلا جي صورت ۾ ان جو پاڻي استعمال ٿي رهيو آهي، پر عرصي کان پنجاب ۾ اهو گوڙ ھلندو رھيو تھ ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ گھرجي. خيبر پختونخواه جي ماڻهن مخالفت ڪئي، سنڌين آواز بلند ڪيو ۽ پوءِ وڃي مس اھا رٿا رڪي.نھ تھ پنجاب جا اڳواڻ ۽ دانشور اڃان تائين چوندا رهيا آهن ته ڪالاباغ ڊيم جو نھ ٺھڻ پاڪستان خلاف هڪ خوفناڪ سازش هئي. انهن کي ڪير ٻڌائي ته انهن جي ھٺ ڌرمي تي قائم رهڻ سان شين کي گڏ رکڻ ڏکيو ٿي وڃي ھا.
ڪالاباغ ڊيم جي رٿا تھ عملي طور ختم ٿي وئي، پر هاڻي هڪ نئون شو شو کڙو ڪيو ويو آهي تھ سنڌو درياهه مان واهن ذريعي پاڻي ڪڍڻ ڪري چولستان کي آباد ڪرڻ آهي. ارادو نيڪ آھي. ريگستان سائو ۽ زرخيز ٿي وڃي ته اها سٺي ڳالھھ آهي، پر ان ۾ پڻ ڏسڻ گهرجي ته چولستان جي قديم آبادين کي فائدو ٿيندو يا اتي آبادگارن کي ويھاريو ويندو. خير، اھا تھ پري جي ڳالهه آهي. في الحال تھ مسئلو ھي آهي ته جيترو ريگستان کي پاڻي گھرجي.اھو سنڌو درياهه مان ڪڍيو ويو ته پٺيان بچندو ڇا ؟
سنڌو درياهه ۾ اڳي بھ اهو پاڻي ناهي رهيو، جيڪو ھڪ وقت ۾ وھندو هو. ها، جڏهن ٻوڏ ايندي آهي، ته سنڌو درياهه جو چاڙھ ڏسڻ وٽان هوندو آهي، پر عام حالتن ۾، جيئن اڄ ڪلهھ آهي، اڌ درياهه تھ ُسڪو پيو آهي. فصلن لاءِ پاڻي ڪافي نه آهي، ماهيگير ويھي رھيا آھن تھ درياءَ مان ڪجهه ملڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. پر هي چولستان واري ”رٿا“ پتو نھ آھي تھ ڪنھن جي زرخيز سوچ آهي، ته پاڪستان زراعت ۾ تڏهن ئي ترقي ڪندو جڏهن سنڌو درياهه جو پاڻي چولستان کي سيراب ڪندو.
سڄي سنڌ هن نقطي تي بيٺي آهي: "ڇا هاري، ڇا وڏيرو” جن جو زراعت سان تعلق نه آهي اهي به احتجاج جو حصو بڻجي رھيا آھن تھ سنڌ سان ڇا ٿي رھيو آھي. پيپلز پارٽي جيئن تھ اقتدار جو حصو آهي، هاڻي تائين چپ رهي، ان جي مھربان اڳواڻن جا چپ اڃان تائين سبيا پيا ھئا، پر پارليامينٽ کي خطاب ۾ صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اهڙي رٿا جي ھو حمايت نٿو ڪري سگهي ۽ جيڪي رٿا جوڙيندڙ آھن انھن کي هڪ طرفي ڪارروائي نه ڪرڻ گهرجي ۽ سمورن متاثر طبقن کي گڏ کڻي ھلڻ گهرجي. ڪير اسان جي اختيار ڌڻين کان اھو پڇي ته هن وقت ٻين مسئلن ۾ ڪھڙي گھٽتائي اچي وئي آھي جو ھي نئون شوشو ڇڏيو ويو آھي؟ ھن وقت رياست دهشتگردي کي منهن ڏئي رهي آهي. ٻن صوبن جي وسيع علائقن ۾ شورش واري صورتحال آهي. انهن کي باغي چئو يا سرڪش عنصر، انھن طرفان آئي ڏينھن حملا ٿي رهيا آهن ۽ حياتيون ضايع ٿي رهيون آهن. جوان ۽ آفيسر شهيد ٿي رهيا آهن.
ان صورتحال کي تھ پهرين درست ڪيو وڃي ۽ اسان جي ٻن اولهه وارن صوبن ۾ امن ۽ سڪون قائم ٿئي. ساڳئي وقت، اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته اسان جون معاشي حالتون ڪهڙيون آهن. ھِتان ھُتان اوڌر سوڌر تي گذارو ٿي رهيو آهي. سياسي ميدان ۾ به هڪ ڇڪ ڇڪان ھلندڙ آهي. مطلب تھ ايترا محاذ کليل آهن جو رياستي توانائيون محدود آهن ۽ مسئلا آهن جيڪي ختم ٿيڻ جو نالو نھ پيا وٺن، اهڙي صورتحال ۾ نوان مسئلا اٿارڻ ڪٿي جي عقلمندي آهي؟ پر اهو ڏسي سگهجي ٿو ته بنا ڪنھن وسيع تر مشوري يا اتفاق راءِ جي ھي چولستان رٿا سواءِ قوم جي سامهون رکيو ويو آهي. اخباري رپورٽون اھي آھن تھ چولستان جي تمام گھڻي زمين هن رٿا جي لاءِ مختص ڪئي وئي آهي. اها ورجائڻ جي ڳالهھ آهي ته هن وقت قوم کي درپيش چئلينج تمام گهڻا آهن. انهن تي ڌيان ڏيو، انهن کي منھن ڏنو وڃي ۽ اھڙي ڪا ڳالهھ نھ ڪئي وڃي جنھن سان مختلف حلقن ۾ وڌيڪ پريشاني پيدا ٿي وڃي.منهنجو ذاتي خيال آهي ته صدر زرداري جي تنبيھه کانپوءِ ۽ سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال ڏکي بڻجي رھي آھي، ان کي ڏسندي، هن رٿا کي اڳتي وڌائڻ ڏکيو ٿي ويندو. حالتن کي ڏسندي، اهو به چئي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ھوندي جيڪڏھن ان رٿا کي اڳتي وڌايو ويو ته پيپلز پارٽي کي تمام گهڻو سياسي نقصان برداشت ڪرڻو پوندو يا ان کي حڪومت کان الڳ ٿيڻو پوندو. هي ڪو معمولي مسئلو ناهي، اهو سنڌي ماڻهن جي بقا ۽ خوشحالي جو سوال آهي. اڃان تھ احتجاج شروع ٿيا آهن، اطمينان بخش حل نه ڳوليو ويو تھ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي.
اهو پڻ ڏٺو وڃي تھ اولهه صوبن ۾ بغاوت کان علاوه، پاڪستان ۾ ٻيا بھ ڪيترائي مقام آھن جتي احتجاج جا منظر ڏسي سگھجن ٿا. ديامر ڊيم جي حوالي سان تازو ئي اترين علائقن ۾ سخت احتجاج ٿيا آهن. اتي جي رهواسين جو ايڪٽيھن نڪتن تي چارٽر آف ڊماند ھئي، معلوم ناهي ته ان جو ڇا ٿيو. سوات ۾ تازو نئين تنصيبات جي حوالي سان احتجاج ٿيا آهن. خيبر پختونخواه جي ڪرم ضلعي ۾ صورتحال اڃا تائين انتهائي ڇڪتاڻ واري آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ آزاد ڪشمير ۾ احتجاج ٿيو ھو ۽ اهو ايترو سخت هو جو حڪومت کي سڀئي مطالبا مڃڻا پيا. ان تناظر ۾، سنڌ ۾ احتجاجي صورتحال جو پيدا ٿيڻ خطري جي نشاني آهي.بنيادي مسئلو اهو آهي ته سياست دٻائي وئي آهي، سياسي آوازن کي دٻايو ويو آهي ۽ جيڪو ھڪ جمھوري ماحول ۾ گفتگو ۽ ڳالهه ٻولهه جو انداز هجڻ گهرجي، اھو ختم ٿي ويو آھي. اهو سڀ ڪجهه تھ پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجي ها، پر جيڪو پارليامينٽ جو حال ٿي ويو آھي ان مان ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي؟ جيستائين سرڪاري حلقن جو تعلق آهي، انهن جي آواز ۾ ڪيتري طاقت ٿي سگھي ٿي.؟ جڏهن توهان کي ويھاريو ويو ھجي ۽ ڇٽي مٿي تي ڪنھن ٻئي جي هجي ۽ سهاري جي لاءِ ٽيڪ ڪنھن ٻئي جو هجي، ته پوءِ توهان کي ڪھڙي ڳالھھ ڪرڻي آھي ۽ ھونئن بھ توهان جي ڳالهھ ۾ڪيترو وزن ٿي سگهي ٿو ؟ سياست جي دٻجي وڃڻ سان موجوده نظام ۾ ھڪ عدم توازن جي ڪيفيت پئدا ٿي چڪي آهي. عوام جيڪا راءِ ڏني ان کي ڪيترو مانَ ڏنو ويو، اهو اسان جي سامهون آهي. هي هڪ اهڙي صورتحال آهي جنهن ۾ غلط فيصلا ڪرڻ ايترو غير معمولي ناهي رھندو.نھ ڪو ٽوڪڻ وارو نھ روڪڻ وارو. ته پوءِ توهان کي پنھنجي مرضي ئي ڪرڻي آھي ۽ مرضي ڪرڻي آھي ته پوءِ چولستان جهڙيون رٿون سامهون اچن ٿيون.
سياسي معاملا تبديل نھ ٿيڻا آھن، في الحال ان جي ڪا به گنجائش نظر نٿي اچي. ڇڪتاڻ جي صورتحال گھڻي گھري ٿي چڪي آھي، هڪ پاسي سرڪاري حلقا ۽ ٻئي پاسي عتاب ھيٺ آيل عنصرن. انهن ۾ ڪو به وچ وارو رستو ناهي ۽ ويجهي مستقبل ۾ ڪو به وچ وارو رستو نظر نٿو اچي. تڏهن به، ڪا اھڙي شيءَ جنھن سان بي چيني پيدا ٿئي ۽ بيچيني جو سبب بڻجي ان کان پاسو ڪرڻ گھرجي. چولستان جي هن منصوبي تي نظرثاني جي گھڻي ضرورت آهي. پنجاب جا پنهنجا مسئلا گھڻا ئي آهن، انهن کي حل ڪرڻ تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ ان سان گڏ پاڻي جي مسئلي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.