سنڌ جي چوپائي مال ۽ فشريز کاتي ٽن ٽماهين ۾ 55 ڪروڙ رپيا کپائي ڇڏيا

ڪراچي(رپورٽ:خداڏنوشاھ) سنڌ جي چوپائي مال ۽ فشريز واري کاتي بنا ڪم جي سيڪريٽريٽ سائيڊ توڙي اي ڊي پي جي بجيٽ جا ڏگر ڪڍي ڇڏيا، ٽن ٽماهين تائين 55 ڪروڙ 50 لک روپيا خرچ ڏيکاري  ڇڏيا.  روزاني عوامي آواز کي مليل دستاويزي ثُبوتن موجب سنڌ جي چوپائي مال واري کاتي پرڳڻي ۾ چوپائي مال جي ڀاڳين جي رهنمائي ڪرڻ توڙي پرڏيھ مان مال جا نوان قسم متعارف ڪرائڻ سميت ڪنهن به قسم جو ڪم نه ڪيو آهي پر کاتي رڳو بجيٽ کي رڳڙي ڏيڻ تي زور رکيو آهي، کاتي پرڳڻي ۾ 38 ترقياتي اسڪيمن جن مان 35 هلندڙ ۽ ٽي نيون اسڪيمون آڻي انهن لاء 2 ارب 42 ڪروڙ روپيا رکيا ويا جنهن مان ناڻي کاتي 97 ڪروڙ 34 لک روپيا جاري ڪيا، ترقياتي بجيٽ مد ۾ جاري ڪيل رقم مان کاتي ڪا به اسڪيم مڪمل ڪرڻ بنا 48 ڪروڙ 89 لک روپين جي رقم کي رڳڙو ڏنو آهي ٻئي پاسي سيڪريٽريٽ سائيڊ ۾ چوپائي مال ۽ فشريز واري کاتي لاء 59 ڪروڙ 79 لک روپيا رکيا ويا آهن جن مان ٽي ٽماهي تائين 8 ڪروڙ 47 لک روپيا جاري ڪيا ويا آهن جاري ڪيل رقم مان کاتي بنا ڪنهن ڪم جي 6 ڪروڙ 61 لک روپيا اُڏائي ڇڏيا آهن,چوپائي مال واري کاتي جي ڊي ڊي او جي صحيح سان ڪڍرايل رقم مان پئمينٽ ٽو ادر سروس رينڊرڊ واري هيڊ مان 38 لک 52 هزارن جي رقم کي ٻڙڪو ڏنو ويو آهي ڪاسٽ آف ادر اسٽورز واري هيڊ مان 21 لک 13 هزار اڏايا ويا آهن وري هڪ ادر اڪائونٽ مان 17 لک 90 هزارن کي ٻُڙي ڏني ويئي آهي. ٽرانسپورٽ جي نالي تي 25 لک 35 هزار روپيا ڪڍيا ويا آهن, مشينري جي نالي تي 11 لک 70 هزار کپايا ويا آهن يونيفارم جي نالي تي 4 لک 51 هزار کپايا ويا آهن,اخبارن جي خريداري جي نالي تي 3 لک 16 هزارن کي پيالو ڪرايو ويو,فرنيچر جي نالي تي 4 لک 67 هزار ۽ هارڊ ويئر جي نالي تي 3 لک 89 هزارن تي هٿ صاف ڪيا ويا آهن,پيٽرول جي نالي تي 45 لکن جي رقم هڙپ ڪئي ويئي آهي, پرنٽنگ جي نالي تي 8 لکن کي رڳڙو ڏنو ويو آهي,اسٽيشنري جي خريداري جي نالي تي 8 لک 50 هزارن کي ٻُهارو ڏنو ويو آهي,ٽريولنگ الائونس جي نالي تي الڳ سان پنجن لکن کي رڳڙو ڏنو ويو آهي, ايگزيڪيوٽو الائونس جي نالي تي 38 لک ڪڍيا ويا آهن ته وري يوٽيلٽي الائونس فار اليڪٽرسٽي جي نالي تي 38 لکن تي هٿ صاف ڪيا ويا آهن,سيڪريٽريٽ الائونس جي نالي تي 44 لکن کي رڳڙو ڏنو ويو آهي,سپيريئر ايگزيڪيوٽو الائونس جي نالي تي 13 لک,ايڊهاڪ رليف جي نالي تي 14 لک,ڊفرنشيئل الائونس جي نالي تي 29 لکن کي رڳڙو ڏنو ويو آهي,آرڊنرلي الائونس جي نالي تي ٽن لکن ۽ ميڊيڪل جي نالي تي 4 لک 50 هزارن کي ٻُڙي ڏني ويئي آهي,وري الڳ سان هڪ ٻي ايڊهاڪ الائونس جي نالي تي 34 لکن کي ٻُڙي ڏني ويئي آهي,ميڊيڪل چارجز جي نالي تي 29 لکن جي ڀينگ ڪئي ويئي آهي,اليڪٽرڪ ڪميونيڪيشن ۽ ٽيليفون جي نالي تي 6 لکن کي سٽڪو ڏنو ويو آهي ته مٿان بيسڪ پي جي نالي تي 1 ڪروڙ کپايا ويا آهن,بيسڪ پي ادر اسٽاف جي نالي تي 55 لکن کي سمهاريو ويو آهي هائوس رينٽ ۽ ڪنوينس الائونس جي نالي تي 18 لکن جي رقم کي رڳڙو ڏنو ويو آهي جڏهن ته سرڪاري ذريعن اها دعويء ڪئي آهي ته سيڪريٽريٽ سائيڊ جي بجيٽ ڊي ڊي او ۽ آفيس جي ڪجھ اسٽاف ۽ سيڪريٽري جي ملي ڀڳت سان کپائي وڃي ٿي .چوپائي مال واري کاتي پرڳڻي ۾ پرڏيھ مان چوپائي مال جا نوان قسم گهرائڻ پولٽري جي صنعت کي ترقي وٺرائڻ سميت ڪي خاص ڪم نه ڪيا آهن.

کاتي چند مهينن ۾ پيٽرول مد ۾ 45 لک رپيا کپائي ڇڏيا

ڪراچي:چوپائي مال واري کاتي رڳو چند مهينن ۾ پيٽرول جي مد ۾ 45 لک روپيا کپائي ڇڏيا آهن جڏهن ته 38 ترقياتي اسڪيمن مان ڪا هڪ اسڪيم به مڪمل ناهي ٿي سگهي,دستاويزن موجب کاتي وٽ گاڏين جو تعداد بنھ گهٽ هجڻ توڙي ڪو وڏو ڪم ڪار نه هجڻ باوجود رڳو پيٽرول جي مد ۾ 45 لکن جي رقم کي ڏارو ڏنو آهي ٻي طرف ترقياتي اسڪيمن مان جاري 35 ۽ ٽن نين اسڪيمن تي هن وقت تائين لڳ ڀڳ 49 ڪروڙ خرچ ٿي چڪا آهن پر چوپائي مال جي ڀاڳين کي نه ڪو رليف ملي سگهيو آهي.نه وري ڪا فائديمند اسڪيم مڪمل ٿي آهي رڳو ڪاغذن ۾  خرچ ڏيکاريو ويو آهي.

وردين جا لکين رپيا هڙپ، برطرف ڪرڻ لاءِ لسٽون تيار

ڪراچي:چوپائي مال ۽ فشريز واري کاتي ۾ وردين جا پئسا هڙپ ڪرڻ جو معاملو سامهون آيو آهي,سيڪريٽري آفيس جي ڪجھ ملازمن روزاني عوامي آواز کي ٻُڌايو ته وردين لاء لکين روپيا آيا آهن پر اها رقم ڊي ڊي او ڳڙڪائي ويو آهي فقط چند ملازمن کي وردين جي رقم ڏني ويئي آهي جڏهن ته ڪافي پراڻن ملازمن کي فارغ ڪرڻ لاء لسٽون تيار ڪيون ويون آهن,وردين جا پئسا نه ملندڙ ملازمن کي اها پڻ ڌمڪي ڏني ويئي آهي.ته اگر ڪنهن به ملازم ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي ته ان کي نوڪري تان فارغ ڪيو ويندو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.