موري ۾ گرفتار ڪيل سمورا ڪارڪن آزاد، اي ٽي سي جا قلم ختم

نوشھرو فيروز(رپورٽ:  عتيق الرحمان وسطڙو) سنڌو مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٽي ڏينهن اڳ موري ۾ احتجاج ڪندڙ 83 قومي  ڪارڪنن خلاف پوليس ڪيس داخل ڪري اي ٽي سي سميت مختلف قلم لڳائي ڪيس چالان ڪيو ھو، اھو ڪيس موري ۽ نوشھرو فيروز جي وڪيلن سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبرعبدالستار لھراڻي، صدر مورو بار امين الدين خاصخيلي، اختر حسين بھريجو، گلزار عالماڻ، قادر بخش ڪورائي، اعظم ميمڻ، امداد حيدر سولنگي، رضا لغاري، محمد علي ڀٽو، امر امتياز مشتاق بردي ۽ ٻين وڪيلن ڪيس وڙھيو، اي ٽي سي جي جج وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ڪيس مان اي ٽي سي جا قلم ختم ڪري ڪيس سيشن ڪورٽ ڏانھن منتقل ڪري ڇڏيو، جڏھن ته سيشن جج نوشھرو فيروز 5، 5 ھزار جي مچلڪن عيوض 83 قومي ڪارڪن جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، جنهن بعد ڊسٽرڪٽ جيل نوشھرو فيروز مان سمورن قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو آهي.

، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي وڪيلن چيو ته نوشھرو فيروز جي پوليس پر امن احتجاج کي ھٿ سان پرتشدد بڻائي غلط ايف  آءِ آر داخل ڪئي، قومي ڪارڪن اڪيلا ناهن، سنڌي قوم سنڌو کي بچائڻ لاءِ سراپا احتجاج بڻجي روڊن تي هوندي، اسان وڪيل قومي ڪارڪنن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين ۽ جيسيتائين سنڌو تان 6 ڪئنال ختم نه ٿيندا احتجاج جاري رھندو، اھو سنڌي قوم جو قانوني حق آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.