2 فيبروري : ڍنڍن ۽ ڍورن جو عالمي ڏينهن

اڄ 2 فيبروري سڄي دنيا ۾ آبي ذخيرن يعني ڍنڍن ۽ ڍورن جي عالمي ڏينهن طور ملهايو پيو وڃي، هن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ڍنڍن ۽ ڍورن جي اهميت بابت عوام ۾ سجاڳي،شعور، آگاهي ۽ جاڳرتا پيدا ڪرڻ آهي.هرسال اهو ڏينهن مختلف (Themes)نعرن يا عنوانن سان ملهايو ويندو آهي.

هن سال 2025 جو ٿيم آهي “اسان جي گڏيل مستقبل لاءِ آبي ذخيرن کي بچائڻ” انهيءَ عنوان يا ٿيم سان ملهايو پيو وڃي ته  ” اسان جي گڏيل مستقبل لاءِ آبي ذخيرن کي بچائڻ” "Protecting wetlands for our common future”  . آبي ذخيرن، پاڻيءَ جي ڍنڍن ۽ آبي گذرگاهن جي حوالي سان گڏيل قومون جي ذيلي اداري يونيسڪو جي طرفان 2 فيبروري 1971ع ۾ ايران جي ساحلي شهر رامسر ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ 141 ملڪن جي حڪومتي نمائندن ۽ وفدن شرڪت ڪئي.هن ڪانفرنس جي ذريعي وجود ۾آيل ٺاھ يا قانون کي ان ايراني شهر جي نالي سان رامسر ڪنوينشن يا ڪنوينشن آن ويٽلينڊس به چئبو آهي. هن ڪنوينشن تحت پاڪستان جون 19 رامسر سائيٽس آهن، جنهن مان 10 سنڌ ۾ آهن. جيڪي هي آهن 1. جٻهو لئگون 2.نريڙي لئگون 3. ڪينجھريا ڪلري ڍنڍ 4.انڊس ڊيلٽا 5.رڻ آف ڪڇ 6.هاليجي ڍنڍ 7.انڊس ڊالفن رزرو 8. ڊرگھ ڍنڍ 9.ديھ اڪرو ڊيزرٽ ويٽلينڊ ڪامپليڪس 10.حب ڊيم سنڌ يا بلوچستان شامل آهن.سنڌ جي هنن عالمي رامسر سائيٽس کي ماحوليات جي حوالي سان تمام گھڻا خطرا درپيش آهن، جنهن ۾ سرفهرست مٺي پاڻيءَ جي شديد کوٽ جي ڪري انهن جو سڪي وڃڻ يا خشڪ ٿيڻ ،سم نالن جو زهريلو ۽ گندي پاڻيءَ جو ڇوڙ، تيل ڳوليندڙ گھڻ قومي ڪمپنين جي سيسمڪ سروي دوران بارود جا ڌماڪا ڪرڻ ۽ وائرن يا ڪيبلس جو وسيع ايراضي ۾ ڄار وڇائڻ، رگس جي کوٽائي دوران ڌماڪا ڪرڻ جنهن سان زلزلي جا جھٽڪا اچڻ، تيل جي کوهن تي نصب ٿيل مشينري مان تمام خطرناڪ قسم جو زهريلو پاڻي ۽ ٻئي مواد جو خارج ٿيڻ، ڪارخانن جو زهريلو مواد،شهرن جو گند ڪچرو،سمنڊ جو وڌي اچڻ ، بااثرن ماڻهن پاران ڪوڙين الاٽمينٽ جي ذريعي ڍنڍن جي زمين حاصل ڪرڻ ،زوري قبضا ڪري مال غنيمت سمجھي انهن کي پنهجا فش فارم يا زرعي زمين ٺاهڻ ۽ روينيو جي رشوت خور آفيسرن سان ملي زمينن جيان ڪوڙا کاتا ڪرائڻ سميت ٻيا ڪيترائي ماحولياتي خطرا درپيش آهن.

سنڌ ڌرتي کي قدرت واري انيڪ قدرتي ۽ فطرتي نعمتن سان مالامال ڪيو آهي،هن واديءَ مهراڻ ۾ فطري ماحول جوعجيب لقاءُ ، نظارو، مظهر پسجي انسانذات دنگ رهجي وڃي ٿو،هتي هڪ طرف ٿر جو وارياسو خطو جيڪو فطري ماحولياتي نظام جو جيئرو جاڳندو ميوزم يا قدرتي نظارو آهي،ته ٻئي طرف کيرٿر جبل جي ڪوه سليمان جي ٽڪرين تي گورک هل جهڙو تڌو ۽ تفريحي مقام، ڪلاچيءَ جي ڪن واري مبارڪ ڳوٺ کان وٺي شڪور ڍنڍ تائين 350کان450 ڪلوميٽرن جي ڊگھي سامونڊي پٽي ۽ ڪُرنگهي ڪريڪ کان ڪوري ڪريڪ تائين سنڌو درياه جو انڊس ڊيلٽا ۽ درياھ سنڌ جو گجگوڙ ڪري سنڌي سمونڊ ۾ وڃي ميلاپ ڪرڻ،ڪشمور کان ڪيٽي بندر،ڪاڇي کان ڪارونجھر،ڪلاچي کان ڪمون شهيد تائين” جنت الفردوس ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون “ جا فطري ۽ قدرتي نظارا پسجي سگھن ٿا.

ڍنڍن، ڍورن، ڇاڙهن،ڇڇن،لسن، ڪورين، ڍورين ۽ درياهن جي ديس سنڌ ۾ 1209 ڍنڍون ۽ ڍورا سرڪاري طورتي رڪارڊ تي موجود آهن پر ٻيا به ڪيترائي قدرتيمٺي، کاري ۽ ٻاڙي پاڻيءَ جا بيشمار آبشار، چشما، تل، ترايون، ڍنڍون،ڍورا،کاريون،ڇڇ،ڇاڙهون،لسون،کاما، ڇرون ۽ ڪَرَ آهن، جيڪي قدرت واري جي طرفان انسانذات ۽ ٻين ساهوارن جي لاءِ هڪ انمول تحفو آهن. اِهي پاڻيءَ جا ذخيرا انسانن توڙي حيوانن جي بقا ءَ باهمي لاءِ تمام گھڻا اهميت وارا آهن. انهن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا ديسي ۽ پرڏيهي پکي، مڇي، جانور، وڻ،ٻوٽا،گاھ،وليون،آبي گاھ ۽ ٻي جھنگلي جيوت،حيوانات ۽نباتات واڌ ويجهھ ڪري ٿي ۽ انهن قدرتي آبي ذخيرن ۾ پلجي ۽ نپجي ٿي.هنن قدرتي آبي ذخيرن تي سنڌ ڌرتي جا اصلوڪا وارث مهاڻا جيڪي60 لکن جي تعداد ۾ آهن، اَهي پيٽ گذر خاطر پنهنجن ابن ڏاڏن کان هنن آبي ماڳن تي صدين کانپنهجا اجھا ۽ پکا اڏي ويٺل آهن ۽ مڇي ماري وڪڻي ،گذر سفر ڪري پنهنجي ٻچن جوپيٽ پالين ٿا.انهيءَ کان علاوه مالوند ماروئڙا به مال جي گاھ چاري لاءِ هنن آبي زخيرن تي ڀاڙين ٿا.

سنڌ ۾ بدين، ٺٽو،سجاول.نواب شاھ،سانگھڙ،عمرڪوٽ،دادو،سکر،لاڙڪاڻو،قمبرشهداڪوٽ ۽ ڪشمور سميت ٻين ضلعن ۾ ڪيتريون ئي بيشمار قدرتي ڍنڍون آهي، جن مان گھڻين ڍنڍن جي وجود کي خطرا درپيش آهن ۽ ڪيتريون پنهنجو وجود وڃائي چڪيون آهن.خاص طور تي سنڌ جي ساحلي پٽي واريون ڍنڍون ۽ ڍورا جيڪي قدرتي آفتن جي زد ۾ آهن ۽ مٺي پاڻيءَ جي شديد کوٽ، سامونڊي کاڌ،سمنڊ جو اڳتي وڌي اچڻ سان تباهي جي ڪناري تي آهن.جاتي،شاھبندر،سجاول،ميرپوربٺورو،گولاڙچي ۽ بدين تعلقن جونمشهور مٺي پاڻي ۽ کاري ٻاڙي پاڻيءَ جون ڍنڍون جنهن۾جھم،تل،کڏي،ڪاجھريواريڪوري،ڪڙ،ٻاڦي،رپڙ،وينگنار،ڪلڪانڇاڻي،نانگڻڍورو،شڪور،جٻهو،نريڙي،آڏا،مڪڙ واري،سانڀيڙ،پيڻن واري،ڪن جھڳيون سميت سوين ڍنڍون پنهنجو وجود وڃائي چڪيون آهن يا تباهي جي بلڪل ويجھو آهن.

سنڌ جي هنن عالمي سطح جي رامسر سائٽس مان تباهيءَ جي ڪنڌيءَ تي پهتل يا ور چڙهيل مانانڊس ڊيلٽا ، ڪڇ جو رڻ ، نريڙي ڍنڍ،جٻهو لئگون، ڪينجھر ڍنڍ ،هاليجي ڍنڍ ، چوٽاريون رزوائير ۽ ٻيون شامل آهن .تباهي جو مثال جاتي تعلقي جي مشهور تاريخي ۽ قديم ڍنڍ ”جٻهو لئگون“جيڪا پڻ رامسر سائيٽ ڊڪليئرڊ آهي، هن لئگون ۾ جٻهو ڍنڍ،گڏاپ ڍنڍ ۽ ڊانگ ڍنڍ شامل آهن،هن بين الاقوامي اهميت واري سائيٽ تي سنڌ حڪومت ۾ شامل هڪ بااثر سياسي خاندان جي ماڻهن پارانزوري قبضو ڪري ،ان مان سرڪاري خرچ تي خانگي طرح سم نالا ۽ ناليون ڪڍي سمنڊ  جو کارو پاڻي هن ۾ وجهي ان جي قدرتي گاھ، ڪک پن، ماحولياتي نظام، گوناگون جيوت ۽ آبي جيوت،نباتات،حيوانات ۽ ٻين حيواني مخلوق کي تباھ ۽ برباد ڪري عالمي رامسر ٺاھ، ملڪي قانونن ۽ قائدن جي کليل ڀڃڪڙي ڪئي آهي.جنهن لاءِ عالمي ۽ ملڪي سطح فوري طور تي تمام سخت قدم کڻي عالمي۽ ملڪي قانون تحت قبضو ڪندڙ حڪومتي ڌر جي بااثر شخصيتن خلاف تڪڙي ڪاروائي ڪئي وڃي ته جيئن هن ۽ ٻين عالمي سطح جي آبي گذرگاھن جو بچاءُ ۽ تحفظ ٿي سگھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.