ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي شهر ڪمون شهيد مان معصوم ٻالڪ زاهد حسين کي موٽر سائيڪل سوار نامعلوم ماڻهو اسڪول مان سڏي کيس اغوا ڪري ويا. تفصيل موجب ڳوٺ خميسو چاچڙ، جيڪو ڪمون شهيد شهر سان بلڪل ئي ويجهو هجڻ سان گڏ نيشنل هاءِ وي تي واقع آهي، جتي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن (سيف) جو هڪ شاندار عمارت ۾ محمدي پبلڪ سيڪنڊري اسڪول هلندڙ آهي، جتي آس پاس جا سوين معصوم ٻارڙا مفت ۾ معياري تعليم پرائي رهيا آهن، جتي ڪجهه ڏينهن پهريان نامعلوم موٽر سائيڪل سوار ٻن ڄڻن اچي اسڪول جو دروازو کڙڪايو، جتي بدقسمتيءَ سان پٽيوالي جي بدران ڇهين ڪلاس جو معصوم شاگرد زاهد حسين اچي دروازو کوليو ته موٽر سائيڪل سوارن کيس زبردستي پاڻ سان گڏ ويهاري اغوا ڪري کڻي ويا. جنهن سبب سڄي علائقي ۾ خوف و هراس پکڙجي وڃڻ سبب نه رڳو ڄاڻايل اسڪول پر علائقي جي سڀني سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن جي حاضري تمام گهڻي گهٽجي وئي آهي. ٻارن جي اغوا واري خوف ۽ خطري سبب والدين پنهنجي معصوم ٻارن کي اسڪول موڪلڻ وارو رسڪ کڻي نٿا سگهن. ڇاڪاڻ ته لاقانونيت جي وڌندڙ لاڙي ۽ پوليس جي بدترين ناڪامي سبب هاڻ سنڌ جي شهرين جو گهرن کان ٻاهر نڪرڻ، ٻارن کي اڪيلو ڇڏڻ توڙي اسڪول موڪلڻ به هڪ وڏو جوکم جو ڪم بڻجي چڪو آهي. جنهن سبب ماڻهن جي سماجي زندگي، تعليم توڙي ڪاروبار تي پڻ خراب اثر پوڻ سان گڏ، مستقبل جي معمارن يعني سنڌ جو مستقبل به داءُ ٿي لڳل آهي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهو افسوس ۽ نندڻ جوڳو واقعو پوليس جي نااهلي سبب پيش آيو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪجهه وقت اڳ ڳوٺ سونو خان چاچڙ، جيڪو ڪمون شهيد – مريد شاخ لنڪ روڊ تي واقع آهي، جو رهواسي گل بهار چاچڙ، جيڪو ڪمون شهيد شگر مل تي ڏهاڙي تي مزدوري ڪندو هو، کي ڪم تي ويندي ڳوٺ بگڙا ڪوري وٽان ڏينهن ڏٺي جو موٽر سائيڪل سوار کيس اغوا کڻي ويا. جنهن جي بازيابي لاءِ اوٻاڙو پوليس هن وقت تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو به ناهي ڪيو.سندس بابت معلوم ٿيو آهي ته نوجوان گل بهار يتيم ۽ گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ آهي، جنهن جو پيءُ ڏهاڪو سال اڳ بيماري سبب گذاري ويو هو، سندس وڏو ڀاءُ روڊ حادثي ۾ دماغ ۾ ڌڪ لڳڻ سبب ۽ مناسب علاج نه ٿيڻ سبب اکين جو نور وڃائي نابين بڻجي ويو آهي، جيڪو اڄ اپاهجن واري زندگي گذارڻ جي مجبور بڻيل آهي، جڏهن ته ٻيا ڀائر ننڍا هئڻ سبب ڪمائڻ جي قابل ناهن، نوجوان گل بهار جي اغوا ٿيڻ کان پوءِ اهي فاقه ڪٽڻ ۽ پنڻ تي مجبور بڻجي ويا آهن. پوليس جي نااهلي، مجرماڻي خاموشي ۽ سندن پونيئرن جي اهڙي رحم جوڳي حالت ڏسي تر جي ماڻهن اوٻاوڙو شهر جي مک چوڪ تي پرامن ڌرڻو هنيو ته پوليس عملدار احتجاج ڪندڙ ماڻهن سان ڳالهيون ڪري کين خاطري ڪرائڻ جي بدران مٿن ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي احتجاج بنا ڪنهن نتجي ۽ خاطري جي ختم ڪرائي ڇڏيو. جڏهن ته ڌاڙيل نوجوان جي بازيابي لاءِ لکين رپيا ڀنگ طلب ڪري رهيا آهن. ايڏي رقم ڀرڻ سندن وارثن جي وس کان ٻاهر آهن.
ڪالهه اوٻاوڙي ٿاڻي جي حد مان عالم مزاري نالي شخص کي پڻ اغوا ڪيو ويو آهي. اوٻاوڙي تعلقي جي مان هڪ هفتي اندر ٽن ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو آهي، ڪمون شهيد توڙي ويجهڙائي وارن ٻين علائقن ۾ پهريان موٽر سائيڪل سوار ماڻهو ڏينهن ڏٺي جو جانور جهڙوڪ رڍ ٻڪري وغيره چورائڻ جون وارداتون ڪندا هئا، اهي اڪثر ڌنارن کي اڪيلو ڏسي يا سندن غير موجودگي ۾ پَهَرون موٽر سائيڪل تي کڻي فرار ٿي ويندا هئا. علائقي ۾ ان قسم جا ڪيترائي واقعا پيش ايندا رهيا ۽ ڳوٺاڻا اهڙيون شڪايتون پوليس کي پڻ لکت توڙي زباني وقت بوقت ڏيندا رهيا پر حد جي پوليس اهڙين وارداتن کي روڪڻ لاءِ ڪڏهن به ڪٿي عارضي پوليس پڪٽ قائم ڪري يا موبائل بيهاري شڪي موٽر سائيڪل سوارن کان پڇاڻو نه ڪيو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته اهي ڪرمنل ماڻهو جانورن جو ڌاڙو چئجي ڇڏي ماڻهو اغوا ڪرڻ لڳا آهن، ڌاڙيلن جي ڏاڍ ۽ لاقانونيت جي حد ته اها ٿي وئي آهي، جو هاڻ اهي اسڪول جي ٻارن کي به اسڪول مان سڏي اغوا ڪرڻ لڳا آهن، جيڪو هڪ خطرناڪ ۽ ڳڻتي جوڳو عمل آهي پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته، نه ته حد جي پوليس ان معاملي متعلق ڪو تحرڪ ورتو آهي نڪي واري ضلعي انتظاميا به ڪو نوٽيس ورتو آهي. جيڪڏهن ان واقعي تي به پوليس ۽ سنڌ سرڪار ڪو ايڪشن نه کنيو ۽ روايتي خاموشي اختيار ڪري تماشو ڏسندي رهي ته نه سنڌ جا اسڪول ويران ٿي ويندا، پر ڌاڙيل جي ڏاڍ کان ڪير به محفوظ رهي نه سگهندو. ان لاءِ ان ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته سنڌ سرڪار پاران سنڌ ۾ آخري اسٽيج تي پهتل بدامني کي گهٽائڻ لاءِ ايمرجنسي بنيادن تي تڪڙا فيصلا ڪري ان تي ڀرپور عمل ڪرايو ته جيئن امن و امان جي صورتحال کي بهتر بڻائي سگهجي. جنهن سان شهرين جي سک سلامتي، خوشحالي ۽ بهتري لاڳاپيل آهي.