3 ججن جي مقرري: وڪيل تنظيمن جو سڀاڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن ۾ هڙتال جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي ٽنهي بار ڪائونسلز 3 ججن جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ منتقلي جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي سڀاڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن ۾ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد جي ٽنهي بار ڪائونسلز جي گڏيل اجلاس ۾ منظور ڪيل ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط سان گڏ آهيون، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ مان ئي لڳايو وڃي.
ٺهراءَ موجب آزاد آواز دٻائڻ لاءِ تڪراري ايڪٽ خلاف ميڊيا سان گڏ بيٺا آهيون، سڀاڻي 11 وڳي سڀني بار ڪائونسلز جي اهتمام هيٺ وڪيلن جو ڪنوينشن ٿيندو.
ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن ۾ سڀاڻي وڪيل هڙتال ڪندا.
واضح رهي ته صدر آصف زرداري گذريل ڏينهن لاهور، سنڌ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ مان هڪ – هڪ جج جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بدلي ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.