سنڌ، جيڪا علم، شعور، ۽ فڪر جي ڌرتي رهي آهي، اڄ هڪ اهڙي نازڪ موڙ تي بيٺي آهي جتي ان جي علمي آزادي ۽ يونيورسٽين جي خودمختياري تي سڌيءَ ريت حملو ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت جو اهو بل، جيڪو ڪامورن کي يونيورسٽين جي وائس چانسلر طور مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو، رڳو هڪ قانوني تبديلي نه آهي. اهو سنڌ جي فڪري آزادي، علمي خودمختياري، ۽ تعليمي ادارن جي مستقبل تي هڪ گهرو وار آهي.اهو فيصلو صرف هڪ شخص جي مقرري جو سوال ناهي؛ اهو سنڌ جي صدين جي تعليمي ورثي، فڪر جي آزادي، ۽ شاگردن جي ذهني ترقيءَ تي سوال آهي. يونيورسٽيون فقط درسي ڪتابن جي تعليم ڏيڻ جا ادارا نه آهن. اهي آزاديءَ جي سوچ، تنقيدي فڪر، ۽ جدت جي نرسريون آهن. اهي جتي نظريا پيدا ٿين ٿا، سوال اٿن ٿا، ۽ نوان خيال جنم وٺن ٿا. تعليمي ادارن ۾ ڪامورن جي مقرري سان سڀ کان وڏو نقصان يونيورسٽين جي آزاديءَ کي ٿيندو.
علي اڪبر لاشاري