ڪنڌڪوٽ ۾ سم نالو تعمير ڪرايو وڃي

شهرن  جي سونهن ملڪن ۽ قومن جي  سچائي جي ساکي ٿئي ٿي، قومن  جي ترقي ۽ تباهي جا ماڻ ماپا شهر ۽ ڳوٺ هوندا آهن، انهن ترقي يافته قومن جو مهذبپڻو ۽ معيار سندن بهترين انتظام ھوندو آهي.

سنڌ جڏهن برطانيا جي قديم بيٺڪيت هئي، ان وقت وڏن ۽ ننڍن شهرن جي تعميراتي پلاننگ، صفائي ڏسڻ وٽان ھوندي ھئي، انهن جون تعميراتون ۽ سندن انتظام ساراهه جوڳا آهن. اهڙي طرح اسان جي شهر ڪنڌڪوٽ جي روڊن کي روزانو باک مھل ٻهاري صاف ڪيو ويندو ھو ۽  انھن کي پخالي ڌوئندا ھئا. ڪنڌڪوٽ ٽائون ڪاميٽي کان ميونسپل ڪاميٽي ٿي ته ان جي ٽول ٽيڪس جي اڳاڙي مان شهر جا روڊ رستا، ناليون، اسپتالون ۽ تعليمي ادارا ٺهيا ۽ ڪنڌڪوٽ جو ٽڪنڊو گهنٽا گهر به  شهر جي چيئرمين ۽ ميمبرن جو خلوص ڀائنجي ٿو.

گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول جو نقشو ۽ تعميراتي ڪم ڏسڻ وٽان آهي. گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاءِ زمين مير بهادر خان سهرياڻي جو ڏيڻ ساراهه جوڳو عمل  آهي. ائين ڪنڌ ڪوٽ شهر سياسي، سماجي ۽ انتظامي ماڻهن جي محبتن سان وڌي ضلعي جي هيڊڪواٽر تائين پھتو. ڪنڌڪوٽ شهر جي ڀرسان سنڌو  دريا جو پراڻو وهڪرو هو، جيڪو آبڪلاڻي جي وقت 60 واري ڏهاڪي ۾ وهندو هو، ۽ سياري جو درياءُ جي لاٿ سبب ان جو پاڻي واپس سنڌو درياءُ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو رهندو هو، ان ڪري هتان جي نلڪن جو پاڻي مٺو هو ۽ شهر به ايترو مٿي هو جو شهر جو گندو پاڻي خودبخود  ان ۾ وڃي پوندو هو.

جڏهن کان گڊو بئراج ٺهيو، تڏهن ان مان بيگاري سنڌ فيڊر ٺهيو ۽ درياءُ جي سڄي پاسي وارا وهڪرا ٽڪرن ٽڪرن ۾ ڪٽيندو ويو. نتيجي طور اهي سنڌوءَ جا پراڻا وهڪرا ( ڇاڙ) ڍنڍون، ڍورا ۽ مڇي جا فارم بڻجي ويا. اهي هر وقت ساريالي پوکن جي پاڻي سان ڀرجندا رهيا. ڪنڌڪوٽ شهر جي ڪنڌيءَ تي جيڪي ڍورا  ڀرجندا رهيا، انهن شهرن جي مٺي پاڻي کي نه صرف کارو ڪيو پر ڪنڌڪوٽ شهر جي نالين سان ڀريل ڍنڍ وري انهن نالين وسيلي شهر ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿي، ان لاءِ  شهر جون ناليون ۽ رستا مٿي ٺهڻ شروع ٿيا. نتيجي طور روڊ ۽ ناليون شهرن ۾ واقع جاين جي روشندانن تي اچي پهتيون.

ميونسپل ڪاميٽي ناليون مٿي ڪري شهر ۾ ڪيئي کوهه ۽ کڏا ٺاهي موٽر پمپن وسيلي گندو پاڻي ڪڍڻ شروع ڪيو پر مسئلو حل نه ٿيو. ڇاڪاڻ ته ڪنڌڪوٽ جي ڪنڌيءَ واري ڍنڍ جو پاڻي ڏينهون ڏينهن وڌندو رهيو. آخرڪار ان ڍنڍ جي پاڻي کي ڪڍڻ لاءِ ٽيوب ويل پڻ لڳائيا ويا پر مسئلو تڏهن به حل نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته ڍنڍون ۽ ڍورا هڪ ٻئي سان مليل هئا ۽ جر به  ساڳي طرح مليل هئا پوءِ آخر پاڻي وڃي ته ڪيڏانهن وڃي؟

موٽر پمپن، ٽيوب ويل ۽ ڊرينج نظام ناڪارا ثابت ٿيا، آخر ناليون ۽ روڊ ڪيترو مٿي ڪن؟ شهر جون ناليون ۽ روڊ مٿي ٿي روشندانن تي رسيا، هاڻي برسات وسڻ ڪري نالين ۽ روڊن جو پاڻي شهر جي جاين ۾ جمع ٿئي ٿو. هتان جا اڪثر شهري “آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا”  اهي سڀ مسڪين هر پنجين سال جاءِ ڊهرائي ڪئين وري نئين سر ٺهرائن؟ ان لاءِ معمولي برسات جيڪا قدرت جي نعمت ھوندي آھي، سا به ڪنڌڪوٽ واسين لاءِ  زحمت بڻجي ويندي آھي، نه رڳو ايترو پر گھرن، روڊن، اسڪولن، اسپتالن سميت ٻين عوامي ھنڌن  تي مھينن جا مھينا گندو پاڻي بيھڻ سبب سڄو شھر ”مڇر فارم“ بڻجي ويندو آھي ۽ مليريا،  ھيپاٽائيٽس سميت ٻيون خطرناڪ بيماريون  شھرين کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏين ٿيون.   ان  لاءِ ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته ڪنڌڪوٽ  ۾  فوري طور تي سم نالو تعمير ڪرايو وڃي، جنھن  سان ڪنڌڪوٽ جي سوين ايڪڙ زرخيز زمين بنجر بڻجڻ کان بچي پوندي ۽ شھر جي خوبصورتي پڻ ٻيھر بحال ٿي سگھندي.

ارڏو اترادي / ڪنڌڪوٽ

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.