سنڌ ۾ غير قانوني ٽول پلازا نا منظور

تحرير: غلام حسين جوڻو

سنڌ ۾، ڪيترائي ٽول پلازا روڊن تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهن ٽول پلازن وٽ ايندڙ ويندڙ گاڏين کي روڪي ٽئڪس ورتو وڃي ٿو. هر، گاڏي ٽئڪس ڏيئي پوءِ اڳتي ويندي رهي ٿي. ياد رهي ته اهي پئسا روڊ جي حالت کي بهتر ڪرڻ تي استعمال ڪرڻ گھرجن. روڊ جي مرمت تي خرچ ڪرڻ گھرجن. پر، خبر ناهي ته، اهي ڪٿي خرچ ڪيا پيا وڃن. روڊن جي خسته ۽ خراب حالت آهي. روڊ اڃا وڌيڪ خراب ٿي رهيا آهن. انهن ۾ کڏا پئجي ويا آهن. پٿر پيو نڪري. روڊن جي خراب حالت جي ڪري روزانه حادثا ٿي رهيا آهن. جن ۾ ڪافي واڌ آئي آهي. انهن حادثن ۾ جاني توڙي مالي نقصان ٿي رهيو آهي. قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن. نقصان جي باوجود به روڊن جي مرمت جو ڪم ڪونه ڪيو پيو وڃي. جيڪڏهن ڪٿي مرمت ٿي رهي آهي ته اها غير تسلي بخش ڪئي پئي وڃي ناقص مٽيريل جو استعمال ڪيو پيو وڃي. جنهن ڪري مرمت جي ڪم کان پوءِ اهي اکڙجيو وڃن ٿا ۽ انهن جي ساڳئي حالت ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ٽول پلازا تي ورتل پئسا، ڪرپشن جي ور چڙهي رهيا آهن. انهن پئسن جو استعمال صحيح نموني ۽ طريقي سان ڪونه ٿي رهيو آهي.

اڳ ۾ ئي سنڌ ۾ ٽول پلازا گھڻا آهن. ٻڌڻ ۾ ٿو اچي ته، اهي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ هتي وڌيڪ آهن. تنهن هوندي به، اڃا وڌيڪ روڊن تي نوان ٽول پلازا ٺاهڻ جو سلسلو شروع آهي. ڪجهه وقت اڳ ۾ معلوم ٿيو هو ته قاضي احمد ضلع شهيد بينظير آباد وٽ نئون ٽول پلازا ٺاهيو پئي ويو. ان ٽول پلازا ٺاهڻ تي علائقي جي ماڻهن اعتراض واريو ۽ ان کي رد ڪيو هو. ان ڏس ۾ احتجاج به ڪيو ويو هو. ڪن سياسي ڌرين به ان جي ٺاهڻ جي مخالفت ڪئي هئي. ان ٽول جي خلاف عوام جون دانهون هلندڙ هيون ته وري مٽياري شهر وٽ نئون ٽول ٺاهڻ شروع ڪيو ويو هو، جڏهن ته اتي اڳ ۾ ئي هڪ ٻيو ٽول موجود آهي. قانون موجب، هر اسي ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي هڪ ٽول پلازا ٺهڻ گھرجي پر، هن حڪومت ان قانون کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي. قانون جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي. مٽيارين وٽ نئون ٽول پلازا ٺاهي، قانون جون ڌڄيون اڏايون پيون وڃن. مٽياري جي عوام ان جي خلاف به احتجاج ڪندي ٽول کي رد ڪيو آهي. سياسي ڌرين به مخالفت ڪئي آهي. هڙتالون ڪيون ويون. ڌرڻا هنيا ويا. حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته، هي ٽول نه ٺاهيو وڃي. اهو غيرقانوني آهي. عوام تي مالي بار ۽ بوجهه پوندو. اڳ ۾ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي. عوام، مهانگائي مان جان ڇڏائي نه ٿو سگھي. کاڌي پيتي جي شين جي خريداري ڪري نه ٿو سگھي. ويتر حڪومت هي اضافي بار وجهي پريشان ڪري رهي آهي. جنهن ڪري ٽول پلازا ٺاهڻ بند ڪيو وڃي. ڪن سياسي ڌرين، ٽرانسپورٽرن ۽ مٽياري جي مقامي ماڻهن جي مخالفت جي ڪري ڪجهه ڪلاڪ اهو ڪم روڪيو ويو. بعد ۾ ٽول پلازا جي ڪم کي ٻيهر شروع ڪيو ويو. عوام جي هڪ به نه ٻڌي ويئي. حڪومت، عوام جي هن مطالبن کي مڃڻ کان نابري واري ويٺي آهي. ماڻهو ڀلي رڙيون ڪندا رهن. انهن جي رڙين جي ڪابه پرواهه ئي ڪونه ڪئي ويندي.

اڃا قاضي احمد ۽ مٽياري ٽول پلازا جي خلاف دانهون هلندڙ آهن. عوامي رد عمل انهن جي خلاف آيو آهي ته وري هڪ نئون ٽول پلازا عمر ڪوٽ ضلعي جي حدن ۾ ٺاهيو پيو وڃي. جنهن جي خلاف به آواز بلند ٿيندو رهيو. اهو آواز ڪجهه ڏينهن تائين جاري رهيو. ان کان پوءِ خاموشي ٿي ويئي. عوام ماٺ ڪري ويهي رهيو. ياد رهي ته وڌيڪ ٽول پلازا ٺاهڻ سان معاشري تي ڪي سٺا اثر ڪونه ٿا پون. ٽرانسپورٽرن تي به اثر پوي ٿو. اهي ٽولن جا پئسا ڀري عوام کان وصول ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. يعني ڀاڙا وڌائي ڇڏيندا. اڳ ۾ ئي روزانه تيل مهانگو ٿي رهيو آهي. جنهن ڪري به ڀاڙا وڌايا پيا وڃن. ويتر ٽول پلازن وٽ ناجائز طريقن سان ڦرلٽ به جاري آهي. جنهن جو اثر غريب ماڻهن تي پوي ٿو ۽ ٽرانسپورٽر گاڏين جا ڪرايا وڌائي ڇڏڻ ۾ دير ئي ڪونه ڪندا. شايد عام ماڻهو کان سفري سهولتون کسيون پيون وڃن يا عام ماڻهو کي سفر ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي.

مٿئين ٽول پلازا جي خلاف عوام پنهنجو فيصلو ڏيئي ڇڏيو. انهن کي مڪمل طرح رد ڪيو آهي ۽ نامنظور قرار ڏنو ويو آهي. حڪومت به عوام جي راءِ جو ڪوبه احترام ڪونه ڪيو. وري هڪ ٻيو ٽول پلازا ٺاهڻ شروع ڪيو آهي. اهو ٽول پلازا سنڌ جي اترئين ضلعي جيڪب آباد وٽ ٺاهيو پيو وڃي. ان جي خلاف به عوام احتجاج ڪرڻ شروع ڪيا آهن. ان کي نامنظور ڪيو ويو آهي. ان ٽول پلازا کي غيرقانوني تصور ڪيو پيو وڃي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، جمعيت العلماءِ اسلام، پاڪستان پيپلس پارٽي (شهيد ڀٽو) ۽ ٻيون قومپرست ڌريون به مذڪوره پلازا جي خلاف پنهنجو آواز بلند ڪري رهيون آهن. شهري اتحاد، سياسي، سماجي، مذهبي، واپاري ڌرين به ان کي نامنظور ۽ رد ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر اي جي انصاري پنهنجي مضمون “جيڪب آباد ۾ غيرقانوني ٽول پلازا” ۾ لکيو آهي ته “ٽول پلازا ٺاهڻ سان حالتون ڪرپشن کي وڌائين ٿيون ۽ قانوني نظام کي ڪمزور ڪن ٿيون. عوام تي اضافي خرچ جو بار پوي ٿو.” هن وڌيڪ لکيو آهي ته، “غير قانوني ٽول پلازا کي ختم ڪرڻ لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن. ٽول پلازا جي اجازت لاءِ هڪ شفاف نظام لاڳو ڪيو وڃي. جيڪو عوام جي ڀلائي تي خاص ڌيان ڏيئي.” ۽ “ جيڪب آباد ۾ غيرقانوني ٽول پلازا جو قيام هڪ سنجيده مسئلو آهي جنهن جا قانون، معيشيت ۽ عوامي اعتماد تي منفي اثر پوندا”. بهرحال هن ٽول کي رد ڪيو ويو آهي. پر، حڪومت ان جي قيام تي بضد آهي. جنهن ڪري عوام کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي ۽ ان کي نظرانداز ڪري اهو ٽول پلازا ٺاهيو پيو وڃي. جنهن تي ساڃاه وند ماڻهن پنهنجي تحفظات جو اظهار پڻ ڪيو آهي. هر طبقه فڪر جو ماڻهو حڪومت جي ان پاليسي ۽ فيصلي جي مخالفت ڪري ٿو ۽ ان فيصلي تي ناراض آهي.

اسان هن، مختصر مضمون ۾، حڪومت کان اها گھر ڪريون ٿا ته، مٿي ڄاڻايل سمورا ٽول پلازا في الفور بند ڪيا وڃن. اهو فيصلو واپس ورتو وڃي. عوام جي راءِ جو احترام ڪيو وڃي. هتان جي ماڻهن کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. انهن جي لاڙن ۽ جذبن جو خيال رکڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هي هڪ سنگين عوامي مسئلو آهي. جيڪو ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ گھرجي. اميد ته حڪومت هن طرف ڌيان ڏيئي هن عوامي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيدگي سان غور ڪري مناسب قدم کڻندي ۽ غريب ماڻهن جي دلين کي کٽڻ جي ڪوشش ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.