بيدل مسرور بدوي ۽ سندس ” ڦاٽل ڪهاڻين جا پرزا“

تحرير: منظور ڪوهيار

 بيدل مسرور بدوی جيڪو اٺ سال مون کان  عمر ۾ وڏو آهي۔ نه صرف عمر جي حوالي سان، پر علمي ادبي ۽ فني حوالي سان به برگزيدگان ۾ شمار آهي ۔ منهنجي حيثيت سندس آڏو رشندگان (عقيدتمندن ) واري آهي۔ هو هڪ ئي وقت  فنڪار، موسيقار، شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ڪالم نگار، محقق، راڳي، ڪمپوزر، پي ٽي وي پروڊيوسر آهي۔ ان کانسواءِ به گھڻو ڪجهه هوندو۔ هر انسان پنهنجي ذات ۾ وڏو ڳجھه آهي۔ هن مون کي ويجھڙ ۾ ٿيل سنڌ لٽريچر فيسٽيول ڪراچي ۾ پنهنجي ناول تي ڳالهائڻ لاءِ چيو هيو ته مون معذرت ڪري ڇڏي هئي۔ ڇو ته مان هڪ ڪراچي ۽ ٻيو حيدرآباد۾ ٿيندڙ ادبي فيسٽيولن ۾  ماڊريٽر صاحبائن جو ڪهڪائل هيس جن پروگرامن جي شروعات ۾ مون سميت اسپيڪرس کي حڪم ڪيو ته اوهان ميان مٺو ٿي پنهنجو تعارف پاڻ ڪرايو۔ ان وقت مون دل برداشته ٿي سوچيو هيو  ته جڏهن اهڙا ٻرڙ به نه وسن ته  اک وڃڻ جا پار۔۔۔ بس اهو ڏينهن هي ڏينهن۔ ڀلئي واڻئي گانء کاڌي۔

بهرحال، بيدل مسرور سان اهو واعدو ضرور ڪيم ته ناول پڙهي پنهنجي حال ۽ خيال تحت ٻه اکر ضرور لکبا۔ اها ته خبر هئي ته اهو ڪهڙو واعدو جيڪو وفا ٿئي پر راجپوتن جو اهو وچن ياد آيو ته: پراڻ جائي پر وچن نه جائي۔

10جنوري 2025 تي ناول پهتو۔ جنهن جي پهرين پني تي بيدل مسرور پنهنجي حسن اظهار سان نوازيو ته

”مانواري پياري ليکڪ،دانشور،ناول نگار،ترجمي نگار سائين منظور ڪوهيار لاءِ “

ٻيو ته کڻي ٺيڪ ، پر دانشور لفظ جنڊ جو پڙ لڳو۔ اسان جھڙن لاءِ جنڊ کڻ ته جنڊ ڳؤرو، پڙ کڻ ته پڙ ڳؤرو۔ دانشور ٿيڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڄاڙي هڻڻي پوندي آهي ۽ دانشمندي ڏيکارڻ لاءِ هر ادبي ۽ غير ادبي پروگرام ۾ "وڻان نه وڻان پر وچئون گرھ کڻان!” تي عمل ڪرڻو پوندو آهي۔ جڏهن ته پاڻ وٽ نه قاف قلم واري قابليت، نه ڪاف ڪتي واري ۔ بس بيدل سائين جو حسن بيان آهي۔ باقي جي دانشور مان سندس مراد اها آهي ته جيڪو "پاڻ نه پلي ڏوجھان جھلي!” ته پوءِ مان دنيا جو وڏو دانشور آهيان۔

بيدل لفظ جي لغوي معني ته رنجيده ۽ سنجيده شخص جي آهي پر مجازن دلير عاشق جي به آهي۔ا پر مان سمجھان ٿو ته جڏهن بيدل، مسرور آهي ته پوءِ خوش باش عاشقن يا معشوقن ۾ شمار ٿيڻ گھرجي۔ گھڻو ڪري ته  مون کيس پهريون دفعو سرڪٽ هائوس لاڙڪاڻي ۾ پيپلز پارٽي جي منعقد ٿيل هڪ عوامي جلسي ۾ هن گناهگار ڪنن ۽ اکين سان شيخ اياز جو انقلابي گيت : مان ڏوهي آن۔۔۔ مان ڏوهي آن۔۔ڳائيندي ٻڌو ۽ ڏٺو هيو۔

اهڙي ورجاءُ سان ورلاپ  ڪيائين جو لڳو ته منهنجا هلڪا سلڪا ڏوهه گناهه به پنهنجي سر تي کڻي ويو۔۔۔ اڄ به جڏهن ڪنهن محفل ۾ اهو گيت ڳائيندو آهي ته لڳندو آهي ته شاعر شيخ اياز کي به اڇو اجرو ڪري ڇڏي ٿو ۔

مان جنهن وقت پهريون دفعو کيس ڳائيندي ڏٺو هيو۔ ان وقت به اهڙو ئي پپو هيو جنهن جو ذڪر هن پنهنجي ناول” ڦاٽل ڪهاڻين جا پرزا” ۾ ڪيو آهي۔ هن ناول ۾ نه صرف ”پپوپڻي“ تي پر پپن جي پياسي عاشقن تي به جلھه ٿيل آهي۔ ان جو مثال ڏيک سورهون آهي۔ جنهن ۾  امرد باز /بچه باز عاشق ڇاٿو چوي ،ڌيان طلب آهي:

عاشق: هن مونکي چريو کريو ڪري ڇڏيو آهي۔ سمورو وقت هن جي باري ۾ سوچيندو ٿو رهان۔مان ته هن جي گھر جو خرچ به ڏيڻ لاءِ تيار آهيان۔(پپو ڏانهن وڌندي) اڙي من مون سان بي وفائي نه ڪر! بس هڪڙو ڀيرو سنئين منهن کلي ڳالهاءِ”

اها تلخ حقيقت ۽ ”اگھاڙو سچ“ آهي ته شڪارپورين کي اهڙن عاشق نامرادن جي گهڻي خبر آهي۔ يا ٻين شھرن وارا پپو سچي نه ٿا ڪن، پيا ٿا عاشقن جون ارٺان سهن ۽ خوار ٿين۔

بيدل مسرور صوفياڻي خانواده سان تعلق رکڻ جي باوجود به  هن ناول ۾ صوفي سڏائيندڙ ڪردارن جي کل لاٿي آهي۔ ناول جا چند ڊائلاگ ان حوالي سان پيش ڪجن ٿا۔

صوفي: جيڪو ڀنگ نه ٿو پيئي سو صوفي ناهي

فناسر:جيڪو ڪرامت نه ٿو ڪري اهو به صوفي ناهي

مست: جيڪو اگھاڙو ناهي اهو به صوفي ناهي۔۔“

صوفين جي وڏي خوبي اها آهي ته هو خود تنقيد واري عمل self criticism مان گذرندي ملامتي ٿيندا آهن۔ ان ڪري ليکڪ پاڻ صوفي هوندي به صوفين کي  سنهي بھ مان ڪڍيو آهي۔

هن ناول ۾  ليکڪ چؤمکي ويڙه وڙهيو آهي۔ نه ڇڏيو اٿئين ڪاري کي، نه قمري کي۔ صوفين کان وٺي سياست دانن ، وزيرن، اميرن، فنڪارن، ليکڪن ۽  دهشت گردن سڀني کي سرڙي رکيو اٿئين۔ ايستائين جو نام نهاد باغين جي به پت وائکي ڪئي اٿائين۔ سندس ناول مان ان حوالي سان چند جملا پيش نظر آهن۔

گراهڪ : توهان کي خبر آهي ته نانو بغاوت ڪاٿي رهندو آهي؟

دوڪاندار: ابا هاڻي ته هرڪو باغي ٿو سڏائي،ڪو شاعر باغي آهي ته ڪو ڪهاڻيڪار باغي آهي،ڪو ڳائڻو باغي آهي ته ڪو۔۔۔

مون کي لڳي ٿو ته باغين جي باغيانه هڙچ ضرور ٿيندس۔جيڪي "ڊرت گابي!”  چوڻ تي به چڙي…

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.