اُھو ويرو ڪيڏو نه سڀاڳو ھو، جڏهن قدرت پنھنجي خاص نويڪلائيءَ ۾ سراپا پيار واري مٽيءَ مان انور بلوچ جو سُھڻو من مُھڻو وجود تخليق ڪيو ۽ پوءِ ان جي من ۾ ماڻهپي جي ھزارين گلن وارن باغن جون خوشبوئيون رلائي ملائي ڀري ڇڏيون.۽ اھو ڏينھن به وڏي ڀاڳَ وارو ھُيو، جو سسئيءَ جي جبلن جي پنڌ ۾ ايندڙ ۽ موکي ۽ متارن جي قديم ماڳن جي سامھون ڳوٺ فقير محمد واڍيلي ۾ محمد يوسف بلوچ جي گهر ۾ پھرين جنوري 1949ع ۾ ھن جو جنم ٿيو هو. ڪنن ۾ امڙ جي لوليءَ جا پھريان آواز سنڌي ٻوليءَ جي جدگالي لھجي جا ٻڌا ھئائين. جيڪو جبل رستي سنڌ کان بلوچستان ۽ ايران تائين پکڙيل ھو.
خوشقسمتيءَ سان ھو جنھن زميندار گهراڻي مان ھو، ان ۾ تعليم جي اھميت جي باخبري ھئي. تنھن ڪري انور بلوچ جي تعليم تي وڏي توجهه ڏني وئي. جيڪا ھن نرم مزاج ۽ ٽاڪُئين مَنَ واري ماڻهوءَ جي ذھن سازيءَ لاءِ ڏاڍي فائديمند ٿي.ان تعليم ئي ھن جي ماڻهپي جي جذبي کي نکارُ ڏنو. مايوسين کي مات ڏيڻ لاءِ ھمٿ ۽ حوصلي جو دڳ ڏيکاريو. ماڻهوءَ جي ڏک جي گهُنجن کي سڃاڻڻ جي ديدَ ڏني. اميريءَ ۾ فقير ٿيڻ جي املهه خوشي بخشي.
منھنجو محسن دوست انور پيرزادو ھن جو ستر جي ڏهاڪي جو شروعاتي دوست بڻيو. جنھن ھن جي خصلتن جي آگاهي مونکي اسيءَ جي ڏھاڪي ۾ ڏني ھئي.پوءِ انور پيرزادي جي دوستيءَ جي ناتي ئي انور بلوچ جي دوستيءَ جي دروازي ۾ داخل ٿي ڏٺو، ته ٻڌل يقين ٻيڻو ٿي ويو. ھن جي دل جي خلوص سان ڏنل تعظيم، سچن ٽھڪن سان ڪچھريءَ ۽ فقيراڻي برابريءَ واري سچي ورتاءَ اڃا به گهڻو موھي وڌو.
زندگيءَ جي سفر ۾ اڳتي ھلي جڏهن ھن جي "گڏاپ” جي پٽيءَ ۾ وسندڙ ماڻهن سان گڏ سنڌ ۽ اُلڪ ملڪ جي وسندڙ ماڻهن سان پيار جي داستانن جا طاقيا کلندا ويا، انهن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ ھجڻ جا قصا اکين آڏو عيان ٿيندا ويا ته ھن جي غير معمولي سوچ واري شخصيت ۽ ان جي جياپي سان روح جو ناتو وڌيڪ ڳنڍجي ويو.يار ويسي ۽ خدا ترسيءَ جي گُڻن سان مالامال، وڏي مطالعي ۽ عقل فھم وارو ھي ڌڱ مڙس مونکي موجوده دؤر ۾ قدرت جو اسان جي ڌرتيءَ کي ڏنل ڪو املهه تحفو ڀاسندو آھي. ھو سماجي طور جيڏي مانيءَ رسيل آهي، اوڏو ئِي ڪنھن ڦلدار وڻ وانگر عام ۽ خاص اڳيان جهڪيل ھوندو آھي.
سائين جي ايم سيد "جيئي سنڌ” پارٽي ٺاهي، ته فائونڊر ميمبرن مان ڪراچيءَ جو پھريون صدر به ھن کي موزون سمجهي مقرر ڪيائين.سائينءَ جي پھرين 73 ھين سالگره باقاعدي ملهائڻ جو آغاز به ھن ئي ڪيو ھو. قومپرست سياست جي ميدان ۾ بي ڊپائيءَ ۽ وڏي بھادريءَ سان پنھنجو ڪردار ادا ڪري پوءِ ھن پنھنجي لاءِ رڳو ئِي سماجي خدمتن جي فيلڊ چونڊي. جنھن سان اڄ تائين ھن جو نڀاءُ مٿو مٿي تي رھيو آھي.
ھن جي ئي بنا نالي ناموس جي ڪيل عوامي ڀلاين عيوض ئي سندس ڀاءُ شھيد ملير غلام مرتضيٰ بلوچ کي سياست جي ميدان ۾ سھنجائي محسوس ٿي. ان انور بلوچ جي ئِي نقش قدم تي هلندي، پنھنجو رستو عام سياستدانن کان ڌار ورتو ۽ عوام جي دلين ۾ پنھنجي وڏي تا قيامت وڏي جاءِ جوڙي ويو.
سنڌي ٻوليءَ سان به ھن جو بي انتھا پيار آهي، تڏهن ئِي "سچ” اخبار کي به بنا پنھنجي نالو نشانبر ڪرڻ جي ڪلهو ڏئي بيٺو ته "عوامي آواز” جو به بي نانءِ خدمتگار بڻيو ۽ 2019ع ۾ منھنجي خواھش جو مانُ رکندي مس مس وڃي "ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر” جي حيثيت سان نالو شامل ڪرڻ تي راضي ٿيو.
دنيا جھان جو درد پنھنجي سيني ۾ کڻي ھلندڙ، ڪَسُ کائي ڪَسَرَ ڏيندڙ ۽ ڀلائيءَ جو دڳ پنھنجي سخي امڙ کان سُتيءَ ۾ حاصل ڪيل علي بابا، انور پيرزادي، اسلم آزاد، بدر ابڙي، محمد خان جتوئيءَ، منظور مارفاڻيءَ ۽ پنھنجي تَرَ راڄ جي وڏن ننڍن جي بي لوث دوست ۽ سڄڻ انور بلوچ جو اڄ ڇاھترھون (76) جنم آھي. جنھن جون کيس سٺي صحت ۽ وڏي ڄمارَ ماڻڻ جون دعائون ڏيندي گڏوگڏ اھا اميد به ڪجي ٿي ته سندس پنھنجي تَرَ جي مسڪين ماڻهن جي مفت علاج لاءِ اسپتال ۽ انهن جي ٻچن کي علم جي روشنيءَ سان منور ڪرڻ لاءِ پنھنجي ھڙان وَڙان "شھيد ملير غلام مرتضيٰ بلوچ” جي نالي سان لائبريري قائم ڪرڻ وارو خواب شال ساڀيا ماڻي.