سنڌي ٻوليءَ جي برجستي شاعر ڊاڪٽر قربان جهتيال جي ياد

تحرير: ديدار شام

قومي ڪردار، ڪلچر ۽ زبان سان جوڙيل ماڻهو انمول ۽ هيرا ٿين ٿا جيڪو پنهنجي وطن جي حسناڪي، پيار، محبت، زبان ۽ ڪلچر تي لکي ٿو اهو ماڻهو تاريخ ۾ ڪڏهن به ناهي مرندو. اڄ به سنڌ جي هڪ اهڙي ئي انمول ڪردار اديب، شاعر، ليکڪ ڊاڪٽر قربان جهتيال جي شخصيت کي موضوع بڻائي سندس شاعري جي ڪتاب "قربان جي شاعري” جي سلسلي ۾ لکڻ جو موقعو مليو آهي،سندس شاعري جو مجموعو "سارو سپنا” جيڪو هن جي زندگي ۾ ته سندس بيماري ۽  مصروفيتن سبب ڇپجي نه سگهيو، پر سندس پٽن ڊاڪٽر رضوان جهتيال، ڊاڪٽر عرفان جهتيال ۽ ٻين جي دلچسپيءَ سبب حيدرآباد جي علمي، ادبي ماحول ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي نبي بخش خان بلوچ جي هال ۾ سندس پهرين ورسي جي موقعي تي چپائي پڌرو ڪيو ويو، جنهن جي مهورت سنڌ جي ناليواري ناول نگار ، ڪهاڻيڪار، اديب علي بابا، تاج جويو، احمد سولنگي، ميڊم عرفانا ملاح ۽ ٻين اديبن ۽ شاعرن جي هٿان ٿيو هو، سندس ٻيو ڪتاب سندس شخصيت جي حوالي سان "قربان” پڻ شايع ٿيل آهي، جنهن ڪتاب ۾ سندس شخصيت تي سنڌ جي ناليواري شاعر راشد مورائي، تاج جويو، علي دوست عاجز،آزاد انور ڪانڌڙو، رجب آزاد، عاشق دادوي سميت ڪيترن ئي اديبن، شاعرن ،سياسي، سماجي اڳواڻ ۽ ڪارڪنن جا مضمون ۽ تاثر شامل آهن.

ڊاڪٽر قربان سنڌ جي نامياري شاعر سائين محسن ڪڪڙائي کان شاعري جي فن ۽ فڪر جي سکيا ورتي، تنهن ڪري سندس هن شاعري جي ڪتاب "قربان جي شاعري” جي ارپنا سائين محسن ڪڪڙائي جي نانءُ ڪئي وئي آهي، ڊاڪٽر قربان، عوامي شاعر اُستاد بخاري، راشد مورائي، احمد خان مدهوش، تاج جويو، آصف مٺياڻي، جي صحبت ۽ سنگت ۾ به رهيو، جنهن سبب سندس شاعري فڪري ۽ فني حوالي سان پختي هجڻ ڪري هن کي سنڌ ڌرتي جي اهم شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. جنهن سنڌ جي ٻولي ۽ ڪلچر تي تمام سٺي شاعري ڪئي آهي.

ڊاڪٽر قربان قومي شاعري سان گڏ رومانوي شاعري به ڪمال جي ڪئي آهي. جڏهن سنڌ جي ناليواري شاعر حليم باغي ڄامشوري تي شاعري سرجي ته ڊاڪٽر قربان به حليم باغي کان متاثر ٿي ڄامشوري تي قلم کنيو.

ڇا ته پر اثر آهي هوا ڄامشوري جي.

منور ۽ معطر آهي فضا ڄامشوري جي.

ڊاڪٽر قربان جهتيال توڙي جو پنهنجي عمر جو گهڻو حصو پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي ڀر واري شهر ڦلجي اسٽيشن م گذاريو، سندس ”رضوان ڪلينڪ“ به ڦلجي شهر ۾ ئي هئي، پر جڏهن ته پاڻ شاعراڻي مزاج جي ڪري يا فطرتي طور تي پنهنجي ڳوٺ ڪمال خان جهتيال جي مٽي، ماڻهن، ٻنين ۽ رستن سان وڏي محبت ۽ اُڪير رکندو هو .ڊاڪٽر قربان شاعر، اديب، صحافي ۽ سماجي ورڪر هجڻ ڪري روحاني طور تي تمام وڏو بهادر انسان هو. سندس شهر ڦلجي ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ ڪيڏي به بدامني ڇو نه هجي، پر هن شخص جي در تي رات جي ڪهڙي به وقت ڪو به مريض علاج لاءِ آيو ته بنا خوف ۽ خطري جي پنهنجو در کولي مريض کي عزت سان اوطاق ۾ ويهاري علاج ڪندو هو، پوءِ ڀلي رات جو ڏھ ڀيرا  در کڙڪي هن ڪڏهن به ڪنهن سان بيزاري جو اظهار نه ڪيو. ڇاڪاڻ ته هي شخص انسان دوست ۽ مسيحا هو. اهو ئي سبب هو جو هن پنهنجي خدمتن عيوض ڪيترائي ايوارڊ به ماڻيا. جنهن ۾ ”سلور ميڊل“، ”گريجئشن ايوارڊ ٽرافي“ ”فهيم عباسي مڃتا ايوارڊ“ ۽ ”بهترين لوچيندڙ ايوارڊ“ سميت ٻيا ڪيترائي ايوارڊ شامل آهن. ڄ ڊاڪٽر قربان جهتيال جي 68 هين سالگرھ جي موقعي تي ”قربان لٽريچر فيسٽيول،“  علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري جي هال حاڪم علي شاھ بخاري دادو ۾ ٿي رهيو آهي. جنهن ۾ اديب ،شاعر، ليکڪ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.