نئون سال _ نيون اميدون”

تحرير: ادريس چانڊيو

اي وقت 2024 جا سال جيڪڏهن اسان سنڌين کان قومي، انساني ۽ فطرت جي حوالي سان ڪابه ڪوتاهي ٿي آهي ته معاف ڪجان تاريخ جي عدالت ۾ گواهي ڏجان ته مهذب تهذيب جا وارث  سنڌي اڄ به روادار هجڻ سبب ،مسلم اڪثريتي معاشرن وانگر بادشاهت، آمريت، جاگيرداريت، قبائليت، جهالت، غربت، غلامي، مذهبي انتهاپسندي، عدم استحڪام، عورت مٿان مرد جي حڪمراني واري دور مان گذري رهيا آهن.

2025  اسان سنڌ واسي توکي هن اميد سان آجيان ڪريون ٿا ته سنڌ، سنڌ جي عوام ۽ سموري انسان ذات لاءِ اميدن ڀريو سال ثابت ٿيندا. سنڌ مٿان قومي جبر، طبقاتي استحصال، جاگيردراڻا ڪلچر، مذهبي انتهاپسندي، ڌاري اجنبيت ۽ فطرت جي ڪاوڙ جو خاتمو ٿيندو.

دنيا جا سڀ سنڌي گڏ ٿي پنهنجو اباڻو وطن آباد ڪندا، سنڌو درياهه ۽ سنڌو تهذيب جو بچاءُ ڪري، دنيا کي ترقي ۽  امن جو پيغام ڏيندا.ڌرتيءَ جي نقشي تي موجود 08 ارب انسانن کي جنگين، سرمائيدار ڪمپنين جي ڦرلٽ، ماحوليات جي گدلاڻ، بک، بدحالي، غربت، نفرت، بيمارين، جهالت، ٻوڏن، ذلتن، تشدد ۽ ڪوڙ کان نجات ملندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.