سال 2024 سنڌ لاءِ ڪيئن گذريو ؟

تحرير; مجيد نواز مغل

سال 2024ع سنڌ لاءِ ڏاڍو ڏکيو گذريو، سنڌ اندر ڏوھن ۾ واڌ آئي ۽ ڪيترائي ڏک ڀريا واقعا پيش آيا ـ صوفين ۽ امن جي ڌرتي بابت غير جانبدار ادارن کان گڏ ڪيل معلومات موجب سال 2024 دوران 9703 ماڻھو قتل 1987 ڄڻا اغوا  ٿياـ  مختلف واقعن ۾ 78032ڄڻا زخمي ٿي پياـ  ان کان سواءِ ان سال دھشت گردي جي واقعن ۾ 206 ڄڻا ماريا ويا، جڏهن ته پوليس ھٿان 39 ڄڻا قتل ٿياـ

سمورو سال 482 عورتون ويم دوران فوت ٿيو،  قبيلائي جهيڙن ۾ 4610 ڄڻا قتل ٿي ويا. باھ جي مختلف واقعن ۾ 289 ڄڻا موت جو شڪار ٿياـ پوليس پنھنجي ڪارڪردگي بھتر ڪرڻ لاءِ 692 ڌاڙيلن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي. 34 ھزار کان مٿي ڏوھاري پڻ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي. چوري ٿيل 7 ھزار کان وڌيڪ گاڏيون ھٿ ڪيون ويونـ  سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين ٽن منشيات  هٿ ڪئي وئي. جڏھن ته  ڏوھارين سان مقابلي ۾ 30 پوليس اهلڪار پڻ شھيد ٿيا.

13ھزار کان وڌيڪ معمولي ڏوھن آواره گردي ڪرڻ ۽ شراب پيئڻ وارن کي گرفتار ڪيو ويو. 763 جنسي بدفعلي جا واقعا ٿيا ـ  مري ويلن مان 612 ڄڻن آپگھات  ڪيو ـ  جنھن مان اڪٽر بک بدحالي ۽ وڌندڙ مهانگائي کان تنگ ٿي خودڪشي ڪئي. جڏھن ته روڊ حادثن ۾ 7 ھزار کان وڌيڪ ماڻھو مارجي ويا ۽ 5008  کان وڌيڪ  زخمي ٿياـ  سرڪاري اسپتالن ۾ مختلف مرضن جا داخل ڪرايل 11ھزار مريض مري ويا ـ  جنھن مان سرڪاري اسپتالن ۾  ملندڙ غريب مريضن کي طبي سھولتون ملڻ جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن بي توجھي واري رويي جو اندازو ٿي وڃي ٿو. سرڪاري ڊاڪٽر يا ٻيو عملو خانگي طور تي قائم ڪيل اسپتالن ۾ مريضن کي چڳي ريت ڊيل ڪندي سرڪاري پگھارون کڻندڙ ڊاڪٽرز پنھنجن اسپتالن کي وڌيڪ توجھه ڏين ٿا ـ جيڪي پنھنجن اسپتالن کان محروم آھن ـ اھي وري وڏيون فيون وصول ڪندڙ خانگي اسپتالن ۾ ويھن ٿا بنسبت سرڪاري اسپتالن جي ـ

گذريل سال به جتي ملڪ اندر مهانگائي جو ريشو وڌيو اتي سنڌ ۾ پڻ مهانگائي چوٽ چڙھندي نظر آئي. جيڪا 250 سيڪڙو وڌي ـ  خاص ڪري انگريزي يا ديسي دوائن جا اگھه ھن سال پڻ ڪافي وڌيا ـ مٿي سور يا پيٽ سور جي گوري جيڪا 2023 ع ۾ 6 روپين جي  هئي اھا وڌي  8 روپين جي ٿي وئي ـ پيٽرول ٽن کان چار دفعا گھٽيو پر پبلڪ سوارين جا ڪرايا گھٽ ٿيڻ بجاءِ  وري وري وڌندا  رھيا ـ جنھن جو سڌو اثر غريب پورھيت ھيٺين ۽ مڊل ڪلاس طبقن تي سڌي ريت پيو ـ ان ۾ عام استعمال جي  شين ۽ زندگي بچائڻ واريون دوائب ها اگهه چوٽ چڙهي ويا.

ڊاڪٽرن پڻ پنھنجي فين ۾ واڌ آندي گوشت، ڪڪڙ ۽ ڀاڃين جا اگھه آسمان سان ڳالھيون ڪندي نظر آياـ بيروزگاري ۾ اڳ کان وڌيڪ واڌ آئي. پڙھيل لکيل نوجوان ننڍا ننڍا معمولي قسم جا ڪم ۽ ڌنڌا ڪندي نظر آيا ـ  بيروزگاري بک ۽ بدحالي  سبب سنڌ جا 70 لک کان وڌيڪ معصوم ٻار تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ رھجي ويا آھن ڇاڪاڻ ته کين والدين وٽ اسڪول ۾ داخل ئي نه ڪرايو ـ  جڏھن ته سرڪاري اسڪولن جي نسبت خانگي اسڪولن ۾ سٺي ۽ معياري پڙهائي جي ڪري مائٽن پنھنجن ٻارن جي داخل ڪرائڻ کي اھميت ڏني.  اھڙي صورتحال سبب وڏي انگ ۾ ٻارن جو مستقبل اوندھ حوالي ٿي ويو ـ  ھڪ وڏو انگ ۾ معصوم ٻار ھوٽلن دوڪانن گيراجن ريڙھين ۽ ٻين جاين تي روزگار ڪندي پنھنجي والدين جو ھٿ ونڊرايندي نظر آيا ـ سنڌ مان 285 ڄڻا جبري گمشدگيون ٿيون جن مان رڳو 169ڄڻا واپس ٿيا ۽  ٻين جو  اڃا تائين ڪو پتو ناھي پئجي  سگھيو ـ

سال 2024 ع گذري ويو آھي ـ  اسان سڀني کي نئي سال ۽ آئنده جي بھتر وقت لاءِ پنھنجون سموريون توانائيون ۽ وسيلا ڪتب آڻن جي ڀرپور ڪوششون ڪرڻ کپي ته  جيئن روشن ۽ امن ڀريو سنڌ جو سپنو پورو ٿي سگھي ـ

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.