ماحولياتي بحران کي حل ڪرڻ جي لاءِ فوسل فيول کي ختم ڪرڻ ضروري آهي

تحرير: ماريا اسماعيل

پاڪستان ۾سموگ خطرناڪ صورت اختيار ڪري ورتي آھي، سموگ ۽ موسمياتي تبديلي هڪ ٻين سان ويجهو تعلق رکند آهي اسموگ اهڙي فضائي گندلاڻ آهي جيڪي صنعتي سرگرمين ۽ گاڌين کان خارج مادي  ۽ گئس سان پيدا ٿيندي آهي .هي گئس ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ گلوبل وارمنگ جي باعث ٿي سگهي ٿي .جيڪي موسمياتي تبديلي جي بنيادي وجهه آهي .سموگ درجه حرارت، نمي ۽ هوا جي حرڪت ۾ ٺاهيندي آهي .موسمياتي تبديلي جي ڪري ان ۾ اضافو ٿيندو آهي سموگ جي ڪري اکين جي بيماري، نزلو، زڪام، کنگھھ ۽ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿيندي آهي

سڄو پنجاب ان جي وڪڙ ۾ اچي ويو آھي جنھن جي نتيجي ۾ پنجاب حڪومت کي سموگ جي حوالي سان ايمرجنسي لاڳو ڪرڻي پئي، جنھن جي نتيجي ۾ انھن اسڪولن ۾ ايمرجنسي تحت موڪلون ڪيون ويون ۽ عوام کي گھرن ۾ رھڻ جو مشھورو ڏنو  ويو، جڏھن تھ وڏين گاڏين کي شھر مان گذرڻ تي پابندي لڳائي وئي، سڄو پنجاب، اڌ ڪي پي ڪي، بلوچستان جو ڳچ حصو ۽ سنڌ ۾ سکر ، لاڙڪاڻو ڊويزن سموگ جي ڪري سخت متاثر ٿيا . حڪومت جو موقف آھي تھ سموگ ٿيڻ جو بنيادي سبب ھارين پاران پلال ساڙڻ ۽ سرن جي بٺن مان نڪرندڙ دونھين جي ڪري سموگ ٿي رھيو آھي. تحقيق ٻڌائي ٿي تھ پيٽرول ۽ ڊيزل تي ھلندڙ  گاڏين جنھن کي فاسل فيول جو استعمال چيو وڃي ٿو ان منجھا نڪرندڙ دونھو جو مقدار  80 سيڪڙو آھي، باقي انڊسٽريون بٺن مان نڪرندڙ دونھون ۽ پلال ساڙڻ جو نتيجو آھي.

ماحولياتي ماھرن جو چوڻ آھي تھ جيڪڏھن پيٽرول ۽ ڊيزل تي ھلندڙ گاڏين جي بدران اليڪٽر ويھيڪلز جو استعمال ڪيو وڃي تھ ايندڙ وقت ۾ سموگ تي ڪنٽرول ٿي سگھي ٿو جيڪو تجربو چين جي بيجنگ شھر ۾ ڪيو ويو آھي جتي پيٽرول ۽ ڊيزل تي ھلندڙ گاڏين تي پابندي وجھي اليڪٽرڪ گاڏين جو عام رواج وڌ ويو آھي، ھاڻي اتي ماحول صاف آھي ۽ ھوا جو معيار تمام بھترين آھي.ان سڄي پس منظر ۾ ڪلائمينٽ ايڪشن سينٽر ڪراچي پاران اليڪٽرڪ ويھيڪل ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، ڪانفرنس جي مک مھمان شيري رحمان ھئي جيڪا سينيٽ ۾ ماحولياتي اسٽنڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين پڻ آھي ۽ شري رحمان اڳ ۾ ماحولياتي وفاقي وزير پڻ رھي چڪي آھي ڪانفرنس ٽن حصن تي ٻڌل ھئي. جنھن ۾ ملڪ جي نامور سرمائيڪارن ، صنعتڪارن بيئنڪرس، تعليمي ماھرن صحافين ۽ سماجي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

شيري رحمان چيو تھ سموگ اسان جي ملڪ ۾ سائلينٽ ڪَلر (خاموش قاتل ) آھي .ھن چيو تھ جيڪڏھن حڪومتي پاليسي تحت صنعتڪار اليڪٽرڪ ويھيڪل جون صنعتون لڳائيندا تھ حڪومت ھنن کي بئنڪون طرفان مالي مدد فراھم ڪندي. گاڏين کي ھلڻ ۾ مدد ڏيندا.؟  شيري رحمان چيو تھ اسان جا  روڊ رستا بھتر آھن  ۽ چارجنگ جي لاءِ گاڏيون ٺاھيندڙ ڪمپنين کي پابند ڪيو ويندو تھ مختلف جاين تي چارجنگ اسٽيشن قائم ڪندا  جيڪا پڻ واپارين جي ڪاروباري ضرورت آھي. شيري  رحمان چيو ته سول سوسائٽي جو ماحولياتي تبديلين بابت اھم ڪردار آهي. ان کان علاوه ڊاڪٽر عزيز خان ڊائريڪٽر يونيورسٽي آف لاھور پڻ پينل ۾ شامل ھو. ڊاڪٽر نويد ارشد ڊائريڪٽر لمز انسيٽيوث انرجي. رابيل وڙائچ سي اي او سرمايا ڪمپني، محمد عاطف حنيف  ھيڊ البرڪھ بينڪ ۽ چيئرمين پاڪستان بينڪ ايسوسيئيشن صدر بينڪ آف پنجاب ظفر مسعود پڻ خطاب ڪيو.ٻئي پينل ۾ بلال حسين، حسن قريشي، ڪاشف رياض، سعد الله اعجاز ۽ شيخ اساما نديم پڻ اھم نڪتن تي ڳالهھ ٻولھھ ڪئي، ڪانفرنس آرگنائيزر ۽ ڪلائميٽ ايڪشن سينٽر جي ڊائريڪٽر ياسر حسين  فوسل فيول مان جان ڇڏائڻ لاءِ تمام سٺيون تجويزون ڏنيون ھن چيو ته فوسل فيول جي استعمال جو خاتمو ضروري آهي .

ڪراچي ڪلائميٽ ايڪشن سينٽر جي ھيءَ ڪانفرنس پاڪستان ۾ پائيدار ٽرانسپورٽ جي سفر ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندي. جنهن ۾ حڪومت،صنعت، تعليمي ادارن ۽ مالياتي ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي، ڪانفرنس جو مقصد ايڪوسسٽم کي بھتر ڪرڻ لاءِ اھم شرڪت دارن وچ ۾ تعميري ڳالهه ٻولهه کي هٿي ڏيڻ سان گڏ گڏيل ترقي جا امڪاني حل ڳولڻ پڻ ھو. نيو انرجي ويڪل پاليسي 2025 جي مسودي ۽ ان مان خاميون ڪڍڻ لاءِ تجويزون پيش ڪيون ويون.اھا ٻن مرحلن تي ٻڌل ڪانفرنس فيبروري 2025ع ۾ لاهور ۾پڻ ڪرائي ويندي. ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڳالھھ ٻولهه جاري رکي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.