سنڌ سان نوڪرين ۾ ٿيندڙ ناانصافي

تحرير: وفا گولو

سنڌ سان ناانصافي جي ڪٿا ڪا نئين ڳالهه ناهي معاشي طور صوبن جو اين ايف سي هجي يا پاڻي معاملو هجي يا قدرتي ٻيٽن جي نيلامي جو مسئلو هجي يا پهاڙي سلسلن جي قيمتي پٿرن جي حفاظت هجي سنڌ سدائين ڀوڳيو آهي پاڻي معاملو جيڪو ڇهن ڪينالن سان اڃا تائين اٽڪيل آهي وري سنڌ جي نوڪرين مان حصو ڪٽيو ويو آهي.اهڙو ڇرڪائيندڙ انڪشاف وفاقي نوڪرين ۾ پنجاب ۽ ڪي پي تي نوازشون، ڪوٽا کان وڌيڪ نوڪريون ڏيڻ ۽ سنڌ جي ٻهراڙي کي حصو نه ملڻ جو ٿيو آهي هاڻي پتو پيو آهي نوڪرين ۾ 35 هزار گهٽ ڀرتيون ٿيون آهن

وفاقي حڪومت پاران تازي جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ وفاقي ملازمتن ۾ مقرر صوبائي ڪوٽا ۾ سڄي ملڪ اندر سڀ کان وڌيڪ سنڌ ٻهراڙي جي ڪوٽا نظر انداز  ٿيڻ جي انڪشاف ٿيو آهي جنهن بعد سنڌ سرڪار يا ڪنهن ٻين ادارن سنڌ سان ناانصافي تي جنهن به قسم جو ايڪشن ناهي کنيو يا پڻ احتجاج ناهي ڪيو،وفاق اندر سنڌ ٻهراڙي مان مقرر ڪوٽا کان 35 هزار ملازم گهٽ مقرر ٿيل آھن، جڏهن ته ٻئي نمبر تي بلوچستان جي ڪوٽا جي لتاڙ ڪندي 10 هزار ملازم گهٽ مقرر ڪيا ويا آهن، وفاقي ملازمتن ۾ پنجاهه سيڪڙو ڪوٽا رکندڙ پنجاب ۽ اسلام آباد مان پنجاهه سيڪڙو ڪوٽا کان به 5 هزار ملازم وڌيڪ ڀرتي ٿيل هجڻ جي انڪشاف به ٿيو آھي.

تازي رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو آھي ته ڪي پي ڪي صوبي مان مقرر ڪوٽا کان هڪ لک 12 هزار ، شهري سنڌ مان مقرر ڪوٽا کان 8 هزار  ملازم وڌيڪ مقرر ٿيل آھن اهڙو تفصيل به  وفاقي حڪومت پاران وفاقي ملازمن بابت سال 2022-23ع جي رپورٽ ۾ ڪيو ويو آھي. ان رپورٽ مطابق وفاقي حڪومت ۾ ڪل 9 لک 47 هزار 610 ملام ڪم ڪري رهيا آھن جن ۾ وفاقي حڪومت ۽ ان جي ماتحت ادارن ۽ آئيني ادارن ۾ ڪم ڪندڙ 5 لک 90 هزار 585 ملازم ۽ خودمختيار، نيم خودمختيار ادارن ۽ ڪارپوريشنن ۾ 3 لک 57 هزار 25 ملازم ڪم ڪندڙ شامل آھن.9 لک 47 هزار 610 ڪم ڪندڙ وفاقي ملازمن ۾  سنڌ ٻهراڙي لاءِ مقرر 11.4 سيڪڙو ڪوٽا جي حساب سان سنڌ ٻهراڙي مان 1 لک 7 هزار 685 ملازم مقرر هجڻ گهرجن ها پر وفاقي ملازمن ۾ سنڌ ٻهراڙي مان مقرر ٿيل ملازمن جو ڪل تعداد جاري ڪيل رپورٽ ۾ 72120 ڄاڻايو ويو آھي جنهن ۾ وفاقي حڪومت ۽ ان جي ماتحت ادارن سوڌو آئيني ادارن ۾ سنڌ ٻهراڙي مان 39811 ۽ خودمختيار ادارن ۽ ڪارپوريشنن ۾ 32309 سنڌ ٻهراڙي مان ڪم ڪندڙ شامل آھن ان حساب سان سنڌ ٻهراڙي مان مقرر ڪوٽا کان 35 هزار 565 ملازم گهٽ مقرر ٿيل هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي .

رپورٽ ۾ ڄاڻايل ڪم ڪندڙ ڪل وفاقي ملازمن ۾ شهري سنڌ جي لاءِ مقرر 7.6 سيڪڙو ڪوٽا جي حساب سان 71790 ملازم مقرر هجڻ گهرجن پر شهري سنڌ مان مجموعي طور تي 80145 ملازم مقرر ٿيل هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي جن ۾ وفاقي حڪومت، ان جي ماتحت ادارن ۽ آئيني ادارن ۾ 41808 ، خودمختيار ادارن ۽ ڪارپوريشنن ۾ 38337 ڪم ڪندڙ ملازم شامل آھن اهڙي ريت سنڌ شهري مان ڪوٽا کان 8355 ملازم وڌيڪ مقرر ٿيل هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي . وفاقي ملازمتن ۾ بلوچستان صوبي لاءِ 6 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ٿيل آھي رپورٽ ۾ ڄاڻايل ڪم ڪندڙ مجموعي وفاقي ملازمن ۾ بلوچستان مان مقرر ڪوٽا جي حساب سان 56676 ملازم مقرر ٿيل هجڻ گهرجن ها پر بلوچستان مان مجموعي طور تي مقرر ملازمن جو تعداد 45906 ڄاڻايو ويو آھي جن ۾ وفاقي حڪومت ، ماتحت ادارن ۽ آئيني ادارن ۾ 29479 ۽ خودمختيار ادارن ۽ ڪارپوريشنن ۾ بلوچستان مان 16427 ملازم مقرر ٿيل شامل آهن ان ريت بلوچستان مان مقرر ڪوٽا کان 10770 ملازم گهٽ مقرر هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي . ڪم ڪندڙ نو لک 47 هزار 610 ملازمن ۾ پنجاهه سيڪڙو مقرر ڪوٽا جي حساب سان پنجاب صوبي ۽ اسلام آباد مان 4 لک 72 هزار 305 ملازم مقرر هجڻ گهرجن پر پنجاب ۽ اسلام آباد مان پنجاهه سيڪڙو مقرر ڪوٽا کان به وڌيڪ 4 لک 77 هزار 771 ملازم مقرر ٿيل هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي ائين پنجاب مان مقرر ڪوٽا کان 5466 ملازم وڌيڪ مقرر هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي پنجاب صوبي ۽ اسلام آباد  مان وفاقي حڪومت ، ماتحت اداران ۽ آئيني ادارن ۾ 2 لک 72 هزار 773 ۽ خودمخيتار ادارن ۽ ڪارپوريشنن ۾ 2 لک 4 هزار 998 ملازم مقرر ٿيل ڄاڻايا ويا آھن .

پنجاب جي  هر وفاقي اداري ۾  هٽي رهي آهي 50سيڪڙو وڏا عهدا به مليل آهن جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آھي ته فيڊرل سيڪريٽريٽ ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن مان پنجاب صوبي مان 66.65 سيڪڙو ملازم ڪم ڪري رهيا آھن، جڏهن ته وفاقي حڪومت جي ماتحت ادارن ۾ 59.09 سيڪڙو ، سول آرمڊ فورسز جي ماتحت ادارن ۾ 58 سيڪڙو، آئيني ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن پنجاب صوبي مان ڪم ڪندڙ ملازم 54 سيڪڙو آھن جڏهن ته خودمختيار ادارن ۽ ڪارپوريشنن ۾ ڪم ڪندڙ ڪل ملازمن ۾ پنجاب ۽ اسلام آباد مان ڪم ڪندڙ ملازم 57.42 سيڪڙو آھن.

سنڌ جي مجموعي ڪوٽا 19 سيڪڙو مان 13 سيڪڙو ملي سگهي آهي وفاقي ملازمتن ۾ سنڌ صوبي جي مجموعي ڪوٽا 19 سيڪڙو آھي پر وفاقي ملازمن بابت جاري رپورٽ ۾ تصديق ڪئي وئي آھي ته وفاقي حڪومت جي ڪم ڪندڙ ڪل  سول ملازمن ۾ سنڌ صوبي مان مجموعي طور تي رڳو 13.82 سيڪڙو ملازم مقرر آھن.وفاق جيڪا صوبن  کي گڏ کڻي هلڻ جو نالو آهي اها ننڍن صوبن سان ناانصافي جا نوان ريڪارڊ قائم ڪري رهيو آهي هاڻي به وقت آهي ته وفاق ٻين صوبن جي نوڪرين مٿان لڳل ڌاڙي جو نوٽيس وٺي انهن سان انصاف ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.