چين هن وقت عالمي معيشت ۾ ٻئين نمبر تي آهي، ڪجهه ڏهاڪن ۾ عالمي ترتيب ۾ ان جي سياسي ڪردار ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي، جيڪو دنيا جي پاليسين تي به اثر انداز ٿي رهيو آهي. چين جي ”ورلڊ هيلٿ ڊمپلوميسي“ آمريڪا سميت پوري دنيا کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. ڪرونا جڏهن چين جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي ۽ پوري دنيا ۾ تباهي مچي وئي، تڏهن کان چين پنهنجي هيلٿ پاليسي ۾ تبديليون ڪندي 2030 تائين جي ” صحت مند چين ۽ بهتر دنيا“ جي پاليسي تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو.
صدر شي جن پنگ ” بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو“ تحت ” هيلٿ سلڪ روٽس“ واري پروگرام کي نئين سر ترتيب ڏنو، ان پروگرام جو بنيادي مقصد غريب ۽ پٺتي پيل ملڪن جي صحت جي حوالي سان مالي سهائتا ڪرڻ هو پر ان ۾ هر ڀيري تبديليون ڪيون ويون جنهن کي هاڻ چين جي ” هيلٿ ڊپلوميسي“ طور استعمال ڪيو پيو وڃي، جنهن سان چين دنيا جي اڪثر خطن تي حڪمراني واري پوزيشن ۾ اچي ويو آهي.اهو ئي سبب آهي جو نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين جي ” هيلٿ سلڪ روٽس“ تي تمام گهڻي تنقيد ڪندي پنهنجي ملڪ جي صحت وارن ادارن کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن اسان چيني هيلٿ سلڪ روٽس جهڙو ڪم نه ڪري سگهياسين ته مون کي مجبورن ڪي نوان ۽ سخت قدم کڻڻا پوندا.
هيلٿ سلڪ روٽس جو بنيادي مقصد پوري دنيا ۾چين لاءِ سياسي حمايت حاصل ڪرڻ پهرين ترجيح آهي. جڏهن ته دنيا ۾ جتي به وبائي بيماريون ڦهليل آهن انهن جو خاتمو ڪرڻ، انهن ملڪن جي مالي مدد سان گڏ صحت جون ضرورتون پوريون ڪرڻ، دوائون ڏيڻ، خوراڪ جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ، ڪوآپريٽو فريم ورڪ، هيلٿ انشورنس، ميڊيڪل سائنس کي ترقي ڏيارڻ، طبي سياحت، چين جي دواساز ڪمپنين کي انهن ملڪن ۾ منتقل ڪرڻ، چيني دوائن جي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ بهتر وڪري، صحت وارن ادارن ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري ڪرڻ سان گڏ چيني ماڻهن کي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ روزگار سان لڳائڻ وارا پروگرام شامل آهن. صحت جي عالمي ادارن سان ان حوالي سان ڪيترائي معاهدا ڪيا ويا آهن، اهو ئي سبب آهي جو هن وقت بيجنگ پوري دنيا ۾ صحت وارن شعبن ۾ حڪمراني ڪري رهيو آهي. صحت جي عالمي فورمز تي اسٽريٽجڪ ڀائيواري قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. گلوبل سائوٿ جي ملڪن ۾ چيني ڪردار تمام گهڻو وڌي ويو آهي. جيڪو آفريقا، لاطيني آمريڪا، ڪيريبين، ايشيا ۽ اوشيانا جا اسرندڙ ملڪ به شامل آهن.
چين جي ان نئين پاليسي تي نيو هيلٿ ورلڊ آرڊر ۽ گلوبل سائوٿ واري موضوع تي علمي ۽ سائنسي ادب ۾ وڏي پئماني تي بحث به شروع ٿي ويا آهن. چين عالمي سطح تي ٿيندڙ انهن مباحثن ۾ پنهنجي شرڪت وڌائي پاڻ کي هڪ غير فعال مبصر مان هڪ فعال رانديگر طور مڃائي ورتو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ان جا پوري دنيا تي طاقت جي توازن ۽ عالمي سهڪار جي مستقبل جي حوالي سان ڪيترائي اثر ڇڏيا آهن. چين جي ان پروگرام تحت مختلف خطن ۾ مختلف پاليسيون آهن، جڏهن ته صحت جي خانگي شعبي ۾ سيڙپڪاري تي دنيا جي ڪيترن عالمي مالياتي ادارن به سخت تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي آهي ته چين ان پروگرام ذريعي ڪيترن ئي ملڪن جي مالي امداد ڪري قرضن جي بار هيٺان دٻائي رکيو آهي، هاڻ اهي ملڪ نه چاهيندي به انهن ٻين معاملن ۾ سهڪار ڪري رهيا آهن، جيڪا عالمي قانونن جي خلاف آهي جنهن کي چين هميشه رد ڪندو آيو آهي. طب جي ماهرن جو چوڻ آهي ته چين غريب ملڪن ۾ صحت جي شعبن ۾ سڌي مالي امداد ڪري رهيو آهي، مختلف پروگرامن تحت انهن ملڪن طبي سامان، صحت جي بنيادي ڍانچن کي قائم ڪرڻ جهڙوڪ اسپتالون يا تحقيقي مرڪز، ليبارٽريون کولڻ شامل آهي. ڇو جو بيجنگ وارن کي انهن ملڪن جي سياسي طاقت ۽ ان جي ڪمزورين جي خبر هوندي آهي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾سيڙپڪاري جي آڙ ۾ چيني ڪمپنين کي فٽ ڪيو ويندو آهي.
پاڪستان ۾ سي پيڪ پروگرام جي نالي ۾ چين پوري ملڪ ۾ صحت واري شعبي ۾تمام وڏي سيڙپڪاري ڪري چڪو آهي. جنهن تحت پوري پاڪستان ۾ چين جي مدد سان ملڪ جي ڪيترن وڏن شهرن ۾ چيني ڪمپنين جي مدد سان نيون نيون اسپتالون تعمير ٿي رهيون آهن. پراڻين اسپتالن جي ڍانچي کي اپڊيٽ ڪيو ويو آهي، ڪيترن وڏن شهرن ۾ ليبارٽريون ۽ طبي تحقيقي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. ملڪ ۾ چيني دواساز ڪمپنيون کلي ويون آهن، جنهن ۾ هزارين لکين چيني شهري به ڪم ڪري رهيا آهن. چين گوادر ۾ ” چائنا_ پاڪستان فرينڊشپ اسپتال“ تعمير ڪئي آهي. ان کانسواءِ چين، ويٽنام، ڪائوس، نوم پينه،ڪمپوڊيا، برازيل، آفريڪي ملڪن سان گڏ وچ اوڀر جي 22 عرب ملڪن ۾ صحت وارن شعبن ۾ نئين جدت آندي آهي، انهن ملڪن ۾ مختلف بيمارين کي قابو ڪرڻ لاءِ هنگامي مرڪز قائم ڪيا آهن، ڪيترن ملڪن جي وچڙندڙ بيمارين جي خاتمي لاءِ ويڪسين تيار ڪيون ويون آهن. نائيجيريا ۾ ” آفريڪي سينٽر آف ايڪس لينس ۾ جينومڪس“ جي مطالعي لاءِ سينٽر قائم ڪيو آهي. دنيا جي مختلف ملڪن سان انفيڪشن ڊزيز واري شعبي ۾ تمام گهڻو سهڪار ڪري رهيو آهي. مطلب ته چين دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ صحت ۽ مختلف بيمارين جي خاتمي وارن پروگرامن تي تمام وڏي سيڙپڪاري ڪرڻ شروع ڪئي آهي، جنهن سان عالمي مالياتي ادارا به پريشان آهن.
وچ اوڀر جيڪو هن وقت ٽين عالمي جنگ جي شروعات جو سبب بڻجي ويو آهي، اتي چين ڏهاڪو سالن کان پنهنجي هيلٿ ڊپلوميسي تي ڪاميابي سان عمل ڪرڻ شروع ڪيو آهي. آمريڪا توڙي يورپي ملڪ جيڪي اسرائيل جا حامي ۽ مددگار آهن. اتي چين پنهنجي ڊپلوميسي ۾ ايران ۽ سعودي عرب جهڙن دشمنن کي دوست بڻائي عرب خطي جي تقريبن 22 ملڪن ۾ صحت جي شعبن ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪري ورتي آهي. ان سيڙپڪاري جي رقم چيني بينڪون ۽ مالياتي ادارا فراهم ڪندا آهن. ان سان چين جا اقتصادي مفاد، سفارتي اثر، ساک جي بحالي، علائقائي استحڪام، صحت جي سلامتي، چيني دواساز ڪمپنين ۽ ميڊيڪل جي سامان جو وڪرو شامل آهي. اهڙي پاليسي سان عالمي منڊي ۾ چيني طب جو سامان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو وڪرو ٿي رهيو آهي. جنهن سان چين انهن عالمي منڊين ۾ پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. چين انهن ملڪن سان پنهنجا سفارتي لاڳاپا وڌائڻ سان گڏ پنهنجي ڪاروبار کي به ترقي وٺرائي رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو آمريڪي حڪومت ان پاليسي جو سالن کان ٽوڙ ناهي ڪري سگهي. چين جي ان وڌنڌڙ طاقت تي ٽرمپ سخت پريشان آهي. خاص طور تي ڏکڻ ايشيا، آفريڪي ملڪن ۽ وچ اوڀر ۾ چين جي طب جي شعبي ۾ هڪ هٽي جي ٽوڙ لاءِ پنهنجي ادارن لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي