اٽڪل اڍائي مهينا اڳ خيبر پختو خواهه جي ضلعي ڪرم ۾ زائرين جي قافلي سان پيش آيل دهشتگردي جي دکدائڪ واقعي ملڪ سميت سڄي دنيا کي سڪتي ۾ آڻي ڇڏيو هو. ڇاڪاڻ ته دهشتگردن جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري هٿين خالي ڪيئي بي گناهه ماڻهن کي بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن ۾ نوجوان، مرد، عورتون ۽ کير پياڪ ابهم ٻارڙا پڻ شامل هئا.
ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ملڪن جو بادشاهه ٻارڙن کي بڻايو وڃي ته اهي سموريون نفرتن جو ديوارون ۽ سرحدون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيندا. ڇو ته ٻارڙن جو ذهن ڪوري ڪاڳر جيان هوندو آهي ان لاءِ اهي هر طرح جي تعصب ۽ نفرت کان مٿاهان هوندا آهن، اها الڳ ڳالهه آهي ته سندن ذهنن ۾ نفرت، تعصب ۽ ڪروڌ جو بارود بعد ۾ ڀريو ويندو آهي. هونئن ته ڪو به ڪارڻ ڪنهن به شخص جي قتل کي جائز بڻائي نٿو سگهي، پر راهه ويندڙ ابهم ٻارن کي ماءُ جي هنج ۾ ماءُ سميت ماريو وڃي ته اهو عمل انساني وحشيت ۽ حيوانيت جو بدترين نمونو آهي. ۽ اهڙو نمونو پارا چنار ۾ دهشتگردن جي حملي دؤران سڄي دنيا کي نظر آيو.
پارا چنار سانحي ۾ حڪومتي ۽ انتظامي غفلت ته آهي ئي ڇاڪاڻ ته زائرين جي هڪ وڏي قافلي کي سيڪيورٽي مهيا ڪرڻ لاءِ رڳو ڇهه اهلڪار ڏنا ويا، جيڪي پڻ ٻين ماڻهن سان گڏ اجل جو شڪار ٿي پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا. هئڻ ته گهرجي ها ته زائرين جي قافلي نڪرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ئي قانون لاڳو ادارن کي مک رستي جي نگراني ڪرڻ لاءِ گشت شروع ڪرڻ گهرجي ها ۽ ڳجهن ادارن کي دهشتگردن جي چرپر تي ڪڙي نظر رکڻ گهرجي ها، جيئن عام طور وزيراعظم، صدر يا ڪنهن ٻي اعليٰ عهديدار جي آمد تي ڪيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪرم ضلعي ۾ الڳ ۾ ئي مختلف بنيادن جهڙوڪ فرقيواريت توڙي زميني تڪرار سبب خوني واقعا پيش اچي چڪا آهن. ان لاءِ ڪي پي ڪي جي صوبائي حڪومت کي ان ڇڪتاڻ جي سنگيني کي سمجهڻ گهرجي ها، ۽ جهڙيندڙ ڌرين تي نظر رکي ها ته ايڏي وڏي انگ ۾ بي گناهه ماڻهن جو قتلام نه ٿئي ها. پر ڪي پي ڪي جي جو وڏو وزير سياسي ڇڪتاڻ ۾ ايترو اڳتي نڪري ويو جو کيس پنهنجي صوبي ۾ ٿيل ايڏو وڏو انساني ڪوس به نظر نه آيو. ايڏي وڏي سانحي تي اخلاقي طور انتظامي ذميوارن کي پنهنجي نااهلي ۽ ناڪامي قبول ڪندي استعيفا ڏيڻ گهرجي ها. پر اهو سڀ ڪجهه انهن ترقي يافته ملڪن ۾ ٿيندو آهي، جتي جا حڪمران عوام تي حاڪميت نه پر سندن خدمتن لاءِ چونڊجي ايندا آهن، پر هتي ته عوام کي حقيقي طور تي ڪنهن به اميدوار کي چونڊڻ جو حق به حاصل ناهي، هتي عوام کي چونڊي حڪمران ڏنا ويندا آهن، جيڪي عوام سان اهڙيون تعديون ڪندا رهندا آهن جو هڪ پاسي سوين بي گناهه معصوم شهري دهشتگردن هٿان قتل ٿي وڃن پر انهن کي ٽڪي جي به پرواهه نه هجي.
ان دکدائڪ واقعي کانپوءِ ڪرم ضلعي جو ملڪ جي ٻين شهرن سان مسلسل زميني رستو ڪٽيل هجڻ سبب اتان جا حالات نهايت ئي ڳنڀير بڻجي چڪا آهن، دوائون ۽ خوراڪ نه ملڻ سبب 200 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. جيڪو ملڪي تاريخ جو هڪ وڏو انساني الميو ۽ حڪومت جي بدترين نااهلي جو چٽو ثبوت آهي. جيڪا معصوم ماڻهن جي قتل ۾ ملوث دهشتگردن کي گرفتار ته ڪري ناهي سگهي پر زميني رابطو ۽ امن و امان بحال ڪري ناهي سگهي. جنهن سبب ماڻهو بک، بيماري ۽ ٿڌ وگهي مرڻ لڳا آهن.
جن ملڪن ۾ جنگ لڳندي آهي اتان جي عام شهرين تائين به کاڌ خوراڪ، دوائون ۽ ٻيون ضروري شيون پهچايون وينديون آهن، پر ايترو وقت گذري وڃڻ جي باوجود به حڪومت ڪرم ضلعي جي شهرين تائين نه ته دوائون، خوراڪ ۽ ٻيون شيون پهچايون ۽ نه ئي زميني رابطو بحال ڪرائڻ جي ڪا سنجيده ڪوشش ڪئي. حڪومت جي ان عمل ۽ ڪن لاٽار کي ڇا سمجهڻ گهرجي.؟ خدانخواسته اها لاپرواهي ڪٿي ملڪ ۾ ڪو نئون محاذ نه کولي ڇڏي. ڇاڪاڻ ته پارا چنارا جي بگڙيل صورتحال جو اثر هوريان هوريان سڄي ملڪ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي رهيو آهي. پارا چنار واقعي خلاف ڪجهه ڏينهن اڳ مجلس وحدت المسلمين جي سڏ تي ڪراچي جي مختلف هنڌن تي ڌرڻو هنيو ويو هو، جنهن سبب سڄي شهر ۾ ٽريفڪ جو دٻاءُ وڌي ويو هو، جنهن سبب شهري سخت تڪليف کي منهن ڏئي رهيا آهن، پر هاڻ هڪ ٻي مذهبي جماعت ڪراچي ۾ ڌرڻا هڻڻ شروع ڪيا آهن، جنهن جي ڪارڪنن ۽ پوليس اهلڪارن وچ ۾ چڪريون پڻ ٿيڻ جون خبرون وصول ٿي رهيون آهن، ڪراچي جي موجوده صورتحال مان ملڪي حالتون خراب ٿيندي نظر اچي رهيون آهن، ته ڇاڪاڻ ته پارا چنار واقعي جي ردعمل ۾ ڪراچي ۾ ڌرڻو هڻندڙ مذهبي جماعتون مخالف جماعتون آهن، جن جي وچ ۾ ٽڪراءُ پيدا ٿيڻ جو خطرو وڌي رهيو آهي. ڪنهن امڪاني گڙبڙ ۽ ڇڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ ملڪي حڪومت توڙي ادارن کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ڪٿي ائين نه ٿئي جو ڪرم ضلعي ۾ شروع ٿيل ويڙهه وڌي سڄي ملڪ ۾ نه پکڙجي وڃي ۽ پوءِ صورتحال کي سنڀالڻ هٿ وس کان ٻاهر نڪري وڃي. ڇاڪاڻ ته جهڙيندڙ ٻنهي ڌرين جا حامي هر هنڌ موجود آهن، جيڪي آهستي آهستي هٿياربند ٿيڻ لڳا آهن.