ٽرمپ جي برڪس کي ڌمڪي، ڇا ڪا ٻي ڪرنسي ڊالر جي جاءِ وٺي سگھي ٿي ؟

آمريڪا جي چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ 9  ملڪن کي ڌمڪي  ڏني آھي  ته جيڪڏهن اهي آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ واپار جي لاءِ ڪا ٻي ڪرنسي چونڊي تھ  انهن تي 100 سيڪڙو تائين ٽيرف  لاڳو ڪيو ويندو. ٽرمپ سوشل ميڊيا تي لکيو ته ” اهو خيال ته برڪس ملڪ ڊالر کان پري وڃڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ اسان ڏسندا رھنداسين ، هاڻي ايئن  ڪم نه ھلندو“.ياد رهي ته عالمي طاقتون چين ۽ روس برڪس جو حصو آهن، جنهن ۾ برازيل، ھندوستان، ڏکڻ آفريڪا، ايران، مصر، ايٿوپيا ۽ گڏيل عرب امارات به شامل آهن.

صدارتي چونڊ مهم دوران ٽرمپ وڏي پئماني تي ٽيرف لڳائڻ جو اشارو ڏنو هو پر هاڻي ان حوالي سان  ھن جي ڌمڪي  ان ۾ اضافو آهي.ٽرمپ 20 جنوري تي صدر جي قسم کڻڻ کان اڳ هڪ تازي بيان ۾ برڪس کي نشانو بڻايو. ياد رهي ته برازيل ۽ روس جي اهم سياستدانن عالمي واپار ۾ آمريڪي ڊالر تي ڀاڙڻ گهٽائڻ جي مقصد سان  تنظيم کي پنهنجي ڪرنسي ٺاهڻ جي تجويز ڏني آهي. پر تنظيم اندر اختلافن سبب معاملو اڳتي نه وڌي سگهيو آھي.

ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي لکيو ته اسان انهن ملڪن کان اها گارنٽي چاهيون ٿا ته اهي نه ته نئين برڪس ڪرنسي ٺاهيندا ۽ نه ئي آمريڪي ڊالر جي بدلي  ڪا ٻي ڪرنسي جي حمايت ڪندا ۽ٻي انھن کي 100 سيڪڙو ٽيرف کي منھن ڏيڻو پوندو.ٽيرف ڪنهن به ملڪ جو هڪ اندروني ٽيڪس آهي جيڪو ملڪ ۾ داخل ٿيندڙ شين تي لاڳو ٿئي ٿو. يعني جيڪڏهن آمريڪا ۾ 50 ھزار ڊالرن جي ڪار درآمد ڪئي وڃي ٿي، جنهن تي 25 سيڪڙو محصول لاڳو  آھي ، ته 12500 ڊالر اضافي خرچ ٿيندا.ٽيرف ٽرمپ جي اقتصادي سوچ جو مرڪزي حصو آهن ۽ هو ان کي آمريڪي معيشت کي وڌائڻ، مقامي نوڪرين جي حفاظت ۽ ٽيڪس آمدني کي وڌائڻ لاءِ ڪارائتو سمجهي ٿو.

ٻي عالمي جنگ پڄاڻي تي پھچي رھي ھئي تھ ، اتحادين کي محسوس ٿيو ته انهن جي پنهنجي معيشت تباھ ٿي چڪي هئي. هنن سوچڻ شروع ڪيو ته بحالي جي عمل شروع ٿيڻ وقت ڪھڙي ڪرنسي ۾ بين الاقوامي واپار ڪيو ويندو. ان وقت 44 ملڪن جا نمائندا   22 ڏينهن تائين آمريڪا جي شهر برٽن ووڊز جي علائقي مائونٽ واشنگٽن هوٽل ۾ گڏ ٿيا. جتي جنگ کان پوءِ عالمي معيشت ۽ واپار جي مستقبل تي بحث ٿيو.يورپي ملڪ جنگ جي ڪري تباهه ٿي ويا ھئا، جڏهن ته آمريڪا وٽ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سون جا ذخيرا هئا.

ايڊ ڪونوي پنهنجي ڪتاب ’دي سمٽ‘ ۾ لکي ٿو ته 22 ڏينهن تائين شديد مباحثو ٿيو. ان دوران ٻن شخصيتن  ۾ دوبدو ويڙهه پڻ  ٿي، جنهن ۾ برطانوي جان ڪينز جيڪو عالمي ڪرنسي جو تصور ڏئي رھيو ھو جڏهن ته ٻئي طرف آمريڪي خزاني واري کاتي جو هيري ڊيڪسٽر هو.ان ڪانفرنس کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو ته آمريڪي ڊالر کي عالمي واپار لاءِ استعمال ڪيو ويندو ۽ ان ئي اجلاس ۾ ٺاهيل ادارا آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جنگ کانپوءِ معاشي مشڪلات کي منهن ڏيندڙ  ملڪن کي آمريڪي ڊالرن  ۾ قرض ڏيندا

ڇا ڊالر جو بدل  ڪجهه ٿي سگھي ٿو. ذخيرن رکڻ جي لاءِ اولھه جي ڪرنسين جو وحاد نعم البدل يوآن ٿي سگهي ٿو، پر ان لاءِ چين کي گهڻو ڪجهه تبديل ڪرڻو پوندو. سڌارا ۽ شفافيت، بچت جي ترغيب، سرمائي جي حرڪت جي ڪنٽرول کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي.ليڪويڊٽي  هڪ وڏو مسئلو آهي ڇو ته چين پنهنجي مالي مارڪيٽن ۽ سرمائي جي برآمدات ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي محدود ڪري ٿو.ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اهي پابنديون هٽايون ويون ته نجي سرمايو سندن دائري ۾ اچي ويندو.

بهرحال ماھر تسليم ڪن ٿا تھ يوآن آهستي آهستي هڪ رزرو ڪرنسي بڻجي سگهي ٿو.ڊالر جي سڄي دنيا ۾ خريد ڪرڻ ۽ وڪڻڻ جي صلاحيت لامحدود آهي، جڏهن ته يوآن چين کان ٻاهر صرف هانگ ڪانگ ۽ ڪجهه درجن ننڍن مرڪزن ۾ واپار ڪيو ويندو آهي.ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته آمريڪا جا حريف ملڪ ڊالر جو متبادل ڳولي رهيا آهن، ترقي يافته جمهوريتون ۽ آمريڪا جي اتحادين کي ڊالر  کان ڪا به” الرجي“ ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.