ڇا پي ٽي آءِ هاڻي سبق سکندي؟

تحرير: انصار عباسي

عمران خان ۽ تحريڪ انصاف لاءِ مسئلا گھٽجڻ بدران وڌي رهيا آهن، جڏهن کان تحريڪ انصاف جي حڪومت وئي آهي، تڏھن کان جيڪا به حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي يا پاليسي جوڙي وئي، اھا ابتي تحريڪ انصاف کي ڳچيءَ ۾ پوندي رھي آھي.جنھن جو  سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته هن سياسي جماعت ۾  فيصلن ڪرڻ ۾ صلاح مصلحت  ڪرڻ  بدران عمران خان جو ئي فيصلو ھلي ٿو ۽ سڀني کان وڏو الميو اهو آهي ته عمران خان پنھنجي ساٿين جي مشورن کان وڌيڪ ،تحريڪ انصاف جي انھن سوشل ميڊيا ۽ يوٽيوبرز جي  ڳالهه ٻڌي ٿو.جن عمران خان کي موجودھ حالت ۾ پھچائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي.

جڏهن حڪومت وڃڻ لڳي ته پارٽي اڳواڻن جي اڪثريت جي مشوري باوجود قومي اسيمبليءَ مان استعيفائون ڏنيون ويون. بعد ۾  ھڪ ڀيرو ٻيھر پارٽي اڳواڻن جي مشوري جي ابتڙ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ پنهنجون ئي حڪومتون ختم ڪيون ويون.  فوج ۽ آرمي چيف خلاف ڪافي اڳواڻن جي منع ڪرڻ باوجود بيانيئو بڻايو ويو ۽ پوءِ تڪرار جي اهڙي سياست شورع ٿي جيڪا نئين يعني موجودھ آرمي چيف سان نھ رڳو  جاري رهي بلھ ٽڪراءُ ۾ ايترو اضافو ڪيو ويو جو  9 مئي جو  سانحو ٿي ويو. پاڻ کي بھ  احساس هو، ٻيا ساٿي به سمجهائيندا رهيا ته هاڻي تھ رڪجي وڃڻ گهرجي، پر  پنھنجي سوشل ميڊيا ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ ويٺل ڪجهه اڳواڻن جي ھشي ڏيارڻ  تي  فوج سان ٽڪراءَ جي سياست جاري رهي.پنھنجن  ماڻهن سمجهايس ته سياستدانن سان ڳالهايون ڪرڻ گھرجن، پر ان تي به اھو چيو ويو ته ڳالهايون نھ ُانھن سان ڪرڻيون آھن، جن سان ٽڪراءُ  ٿي رهيو آهن. ۽ اهڙيءَ طرح نه ته سياسي طرح سان ڪو فائدو ٿيو ۽ نه ئي ھوءِ پاڻ کي جيل مان ٻاھر ڪڍڻ ۾  ڪامياب ٿيو. کٽيل  اليڪشن بھ ھارجي ويو. ان جي باوجود، پاليسي تڪرار واري ئي رهي. ان دوران ساٿين وري سمجھايو ته فوج سان ويڙهه ختم ڪريو. پنھنجي سوشل ميڊيا کي ڪنٽرول ڪريو،ٻاھر  ويٺي اڳواڻن ۽ يوٽيوبرز جي نه ٻڌو پر پوءِ به رويو ٽڪراءُ وارو ئي رهيو. احتجاج، احتجاج ۽ احتجاج، ان کانسواءِ ٻي ڪا به پاليسي ناهي. هر ڀيري بلڪھ  بار بارڪوشش ڪئي پئي وڃي تھ ماڻھن جو سمنڊ نڪري ۽ فوج کي مجبور ڪري ڇڏي تھ اھا ئي سڀ ڪجهه قبول ڪري جيڪو عمران خان چاهي ٿو پر سوشل ميڊيا تي انقلاب آڻيندڙ  گهرن مان نڪرڻ  لاءِ تيار نه آهن ۽  ان ڪري ڪو بھ  احتجاج ڪامياب نٿو ٿئي.

احتجاج ڪرڻ کان اڳ ڌمڪيون ڏنيون وينديون آهن ۽ گذريل ڪجهه مهينن کان تھ بار بار  خيبرپختونخواهه، جتي تحريڪ انصاف جي حڪومت آهي،اتان کان  پنجاب ۽ اسلام آباد طرف مارچ ڪيو وڃي ٿو جيڪو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ تشدد تي ختم ٿئي ٿو.ھاڻي جيڪو تازو ئي  اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪيو ويو ان  جي تاريخ جو اعلان عمران خان ڪنهن به اڳواڻ جي مشاورت کانسواءِ ڪيو هو. پي ٽي آءِ ج اڪثر سينيئر اڳواڻن جو نھ رڳو اھو چوڻ ھو تھ مارچ جي تاريخ  (24 نومبر) گھڻي تڪڙي ڏني وئي آھي بلڪھ ان سان ٽڪراءُ  وڌندو.ذريعن موجب علي امين گنڊاپور به  ان مارچ جي حق ۾ نه هو، بئريسٽر گوهر، عمر ايوب، اسد قيصر، شبلي فراز به ان جي حق ۾ نه هئا.

جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ان مارچ جي اجازت نه ڏني هئي،تھ پوءِ  ذريعن موجب سلمان اڪرم راجا جي بھ اھا راءِ ھئي تھ مارچ نه ٿيڻ گهرجي. ان حوالي سلسلي ۾ عمران خان سان جيل ۾ ملاقات ڪري کيس  سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ان دوران کيس ملاقات جي اجازت نه  ملي. ٻئي طرف پارٽيءَ جي اعليٰ قيادت جي مارچ خلاف راءِ هئڻ جي باوجود، کيس ان فيصلي جو  اختيار نه هو ته هو پنهنجي طور تي ڪو ٻيو فيصلو ڪري سگھي. پي ٽي آءِ جو سوشل ميڊيا ۽ٻاھر  ويٺل يوٽيوبرز ۽ اڳواڻ ان مارچ جي نتيجي ۾ ممڪنه انقلاب جو پيغام ٻڌائيندا رھيا. ذريعن موجب پارٽي اندر اھا ڪوشش بھ ٿي ته بشرا بي بي کان فيصلو ورتو وڃي پر هو بھ ضد ڪري ويھي رھي ته مارچ ٿيندو ۽ ڊي چوڪ ئي وڃڻو آهي.

جڏهن مارچ ھلڻ شروع ٿيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ رابطن جي نتيجي ۾ علي امين گنڊاپور هر ٻھ ڏينھن  عمران خان سان ملاقات ڪندو رھيو ۽ کيس سمجھايو تھ سنگجاني تي مارچ کي روڪيو وڃي.هن ڀيري عمران خان تھ مڃي ورتو  پر بشرا بي بي نه مڃيو ۽ اهڙي طرح هڪ ڀيرو ٻيهر تحريڪ انصاف جي سياسي چال نه رڳو ناڪام ٿي وئي پر ان کي وڏي شرمندگيءَ جو به منهن ڏسڻو پيو،جنھن کي مٽائڻ جي لاءِ اھا پروپئگينڊا  اڳ ئي سوشل ميڊيا ۽ ٻاهر ويٺل يوٽيوبرز جي ذريعي ڪيو ويو تھ سوين مظاهرين کي شهيد ڪيو ويو.

اھا  ڳالهه اڳواڻن  چوڻ شروع ڪري ڏني. ڪنهن چيو ته سوين شهيد ٿي ويا، ڪنهن چيو 270، ڪنهن چيو 150، ڪنهن چيو 40-50 ماڻهن جي شھيد  ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي ۽ پوءِ  بعد ۾ چيو ته 8 ڪارڪنن جي شهادت جي تصديق ٿي چڪي آهي، جنهن بابت حڪومت، تحريڪ انصاف کان تفصيل طلب ڪري رهي آهي. چار پنج رينجرز ۽ پوليس اهلڪار به شهيد ٿيا. ڪنهن به ڌر جو هڪ ماڻهو به شهيد ٿي وڃي ته اهو وڏو نقصان آهي. اڃان بھ وقت آھي تھ تحريڪ انصاف پنهنجي سياست جو نئين سري سان جائزو وٺي، جيڪڏهن  ھا سوشل ميڊيا ۽ ٻاهر ويٺل   شرپسند اڳواڻن ۽ يوٽيوبرز جي چوڻ تي  ھلندي رھي.تھ  ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. هاڻي تھ ڪجهه سبق سکڻ گهرجي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.