سماجي تحرڪ، جمهوريت ۽ مسئلن جا حل

تحرير: محمد احسان لغاري

ايئن ئي ڳالهه ڪندي، هڪ سينيئر ڪاموري چيو ”يار! ماڻهن سڄي سنڌ ۾ پاڻي لاءِ آواز ته اُٿاريو آهي، پر ڪرڻ وارا ڪري وجهندا!“ ان جهڙا آواز خاص ڪري آفسر شاهي، غير جمهوري قدمن جي حامي طبقي ۽ ان جهڙي وڏيرڪي واٽ وٺندڙن وٽان ٻڌڻ وٽان ملندا. ڪجهه آواز اهڙا به هوندا، جن وٽ ڏهاڪن کان ڏک ۽ تڪليفون  ڄڻ ميزبان ٿي ويون آهن. مايوسين جي تسلسل جي ڪري اهو پڙلاءُ ڏيندا ته ”سائين ڪجهه به نه ٿيڻو آهي!“ پر برابري، بهتري، جمهوريت ۽ انصاف ڀري معاشري جو خواب ڏسندڙ، ان لاءِ  پتوڙيندڙ اُميد ۽ اُتساهه مان ڪڏهن به هٿ نه ڪڍندا آهن.

پاڪستان ۾ سنڌ شايد اُهو صوبو آهي، جنهن جو ڪڏهن به جمهوريت تان ڀروسو نه ٽُٽو آهي. هُو پاڪستان کي هڪ جمهوري ۽ فلاحي حڪومت جي صُورت ۾ ڏسڻ لاءِ نه صرف خواهشمند آهن، پر اِهو ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ جتن پڻ ڪن ٿا.  ون يونٽ خلاف جدوجهد، ان کانپوءِ آيل جمهوري دؤر ۾ لکڻ، ڪتابن ۽ ڪجهه ٻين پابندين خلاف آواز اُٿارڻ، ضياءَ جي آمريت تي جمهوريت جي بحالي جي هڪ ڀرپور تحريڪ هلائڻ، مشرف جي ڏاڍاين واري فيصلن کي ٿڏڻ ۽ وري جمهوريت جي بحالي لاءِ ڪوشش ڪندڙ پارٽين ۽ اڳواڻن سان گڏ بيهڻ، شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ به جمهوري رستي تي هلي اڳتي وڌڻ، ڪارونجهر جي ڪٽڻ تي سراپا احتجاج ٿيڻ، پاڻي  ۽ ٻين وسيلن جي غير آئيني راتاهن تي پنهنجي سجاڳيءَ کي جمهوري ۽ روشن خيالي جي رنگن سان رڱيو آهي. اسلام  ۽ سڀني عالمي مذهبن ۾ ڏنل  رواداري جي پاسباني ڪرڻ ۽ خاص ڪري مشڪل ترين حالتن ۾ به مظلوم سان گڏ بيهڻ ۽ ظالم خلاف آواز اُٿارڻ، تان جو اهڙي ڪم لاءِ اڳواڻي سنڌ جي عورتن طرفان ٿيڻ سنڌ جو صنفي اڻبرابري تي هڪ عملي مظاهرو آهي!

بظاهر سنڌ ۾ هلندڙ ٻن ڏهاڪن جو جمهوري حڪومت جو تسلسل، حڪومتي قوت، وسيلن ۽ طرز حڪمراني کي  ڪجهه فردن ۽ خاندانن جي تابع ڪري ڇڏيو آهي. ”مسلسل طاقت ۾ رهڻ“ جي ڪري پاڻ کي بيپرواهه ۽ عوام کان مٿارو سمجهڻ“ واري نظريي کي عمل ۾ ايندي  سنڌ ڏٺو ۽ سَٺو آهي، پر اهڙي سوچ ۽ عمل کي سنڌ چئلينج ڪيو آهي جو”طاقت وارن کي پنهنجي طرز حڪمراني کي سڀ کان مٿي هجڻ“ واري حالت کان پوئتي هٽڻو پيو آهي. پاڻي سان لاڳاپيل سڀئي احتجاج، آواز، پروگرام، بحث، لکڻيون، تجزيا، ويچار، خوف ۽ تحرڪ ان ئي چئلينج ۽ للڪار کي ظاهر ڪري ٿو.

اُتر سنڌ جتي بدامني جي باهه ايتري ئي شديد آهي، جيڪا پوئين صدي جي 90 واري ڏهاڪي ۾ هئي، ماڻهن جو ڄڻ ساهه مُٺ ۾ آهي، پر ان ئي اُتر سنڌ ۾ پوين ٻن/ٽن ڏينهن ۾ ٽي سجاڳي، روشن خيالي، نواڻ ۽ ڄاڻ جا عمل ٿيا آهن، انهن ٽنهن ئي پروگرامن ۾ نوجوان سنڌ هڪ وڏي اُتساهه سان شريڪ ٿي آهي. هڪ بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي ۽ اسڪل ڊولپمينٽ ۾ ”موسمي ڦيرگهير ۽ ماحولياتي پائيداري تي عالمي ڪانفرنس ٿي آهي.

سکر ۾ ٽن ڏينهن جي ”آرٽ ان دي ورلڊ آف ڊجيٽائيزيشن لينڊ آرٽيفشل انٽيليجنس“ شاندار ڪانفرنس ٿي آهي. پروفيسر اجمل ساوند شهيد جيڪو شايد سنڌ جو يگانو اي آءِ ۾ پي ايڇ ڊي هو، ان جي دُکائڪ شهادت اڃا سنڌ کان نه وسري آهي، پر پوءِ به سنڌ سڀني پيڙائن جي بار کي اُميد ۽ جُستجو سان گهٽائي اڳتي وڌي رهي آهي. سائنس، تحقيق، پاليسي سڌارا، معياري علم متان سمجهو ته ”وڏن ڪمائو پراجيڪٽن“ واري حڪمتِ عملي ۾ ايمان رکندڙ حڪومتي وهنواري ڪندڙن ۽  افسر شاهي جون ترجيحون ٿي سگهن ٿيون! اهو سنڌ جي تحقيقي، سول سوسائٽي، ادبي، سياسي، سماجي، فني ۽ صحافتي لڏي جون گڏيل ڪوششون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ اهڙا پروگرام ٿين ٿا. ها، روشن خيالي ۽ اهڙن خيالن کي اڳتي وڌائڻ ۽ سهولتون ڪري ڏيڻ، سنڌ جي ھن سياسي حڪومت جو گُڻ آهي. ان کي تسليم به ڪجي  ۽ مڃتا به  ڏجي. ٽيون اهم روشن خيالي ۽ ادب جي ترويج وارو ڪم لاڙڪاڻي ۾ ”لاڙڪاڻو لٽريچر فيسٽيول“ ٿيو آهي. ان کان علاوه سنڌ جي ٻين ڪيترن شهرن ۾ ننڍا وڏا پروگرام ٿيا آهن.

سنڌ جو هي هلندڙ ’سماجي تحرڪ‘ جتي هڪ روشن خيالي ۽ بهتري لاءِ جدوجهد جو مثال آهي. ان  مان اِھوپڻ ثابت ٿئي ٿو ته ملڪ ۾ ٿيندڙ طرز حڪمراني مسئلن کي حل ڪرڻ جي بجاءِ ڳنڀير ڪري رهي آهي. تعليم، صحت، نوڪريون، روزگار، رستا روڊ، روزي روٽي جا ذريعا، صحتمند ماحول، انصاف، امن، پاڻي ۽ ٻين وسيلن تائين پهچ عام ماڻهو لاءِ گهٽجي رهي آهي ۽ اشرافيه ان وسيلن جي ورڇ ۾ ڳپل حصو سڌي ۽ اڻ سڌي طرح کڻي وڃي ٿي. اهڙي حالتن ۾ جمهوريت جي عرق ۽ اساس کي قائم ڪرڻ لاءِ سماجي تحرڪ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. سياست جي علم مطابق ’جمهوريتون اُهي سياسي حڪومتون هونديون آهن، جن ۾ بالغ شهرين کي چونڊن وسيلي  (جيڪي صاف ۽ شفاف هجن) حڪمرانن ۽ قانون ساز اسيمبلي ميمبرن کي چونڊڻ جو حق حاصل هوندوآ هي. ان لاءِ اِهو پڻ ضروري آهي ته چونڊن جا نتيجا ايمانداريءَ سان ڳڻيا وڃن ۽ کٽيندڙن کي اقتدار منتقل ٿئي. اهڙن (جمهوري قدرن واري) حالتن تائين پهچڻ لاءِ اِهو پڻ ضروري آهي ته عوام جي شهري ۽ سياسي آزادين جو تحفظ ٿئي، گڏ ٿيڻ، تنظيم ڪاري ڪرڻ، پنهنجن خيالن جي اظهار جي آزادي هجڻ ۽ معلومات تائين رسائي پڻ حاصل هجي!“ اهڙي جمهوري معاشري تائين سفر ڪرڻ ۾ اڃا اسان کي وڏو وقت گُهربل آهي. انهن ۾ جيڪا به گهٽ وڌائي هوندي آهي، ان کي سماج پنهنجي شعور ۽ جدوجهد جي ذريعي للڪاريندو آهي ۽ جمهوري لاڙن ۽ طرز حڪمراني ۾ بهتري ايندي آهي. ان ڪري پاڻي جي حقن جي جدوجهد ۽ اهڙن ٻين آوازن کي جيڪي ڀل تنظيمي طور تي مختلف پارٽين/تنظيمن کان ايندا هجن، پر انهن جو پڙلاءُ هڪ ئي آهي ۽ اُهو عوام لاءِ پاڪستان جي آئين ۽ لاڳاپيل قانونن مطابق ڏنل حقن ۽ وسيلن تائين پهچ بابت آهي.

سياسي ۽ جمهوري حڪومتن جي هڪ اهم خاصيت اِها پڻ هوندي آهي ته اها پنهنجن منشورن، پروگرامن، پلان، بجيٽن ۽ ٻين اهم ابلاغي ۽ دستاويزي ذريعن وسيلي عوام جي سهنج، پراجيڪٽن ۽ سهولتن وسيلي مسئلن کي حل ڪندا آهن. مختلف عوامي فورم، مخالفت ڌر، سول سوسائٽي ۽ سماجي تحرڪ جا ٻيا ذريعا حڪومتن تي دٻاءُ وجهندا رهندا آهن ته جيئن حڪومتي قدمن تي نظر رکي سگهن ۽ ماڻهن لاءِ پنهنجي لاءِ خيال ۽ لاڙا/ووٽ حاصل ڪري سگهن!

انهن ڳالهين کي ذهن ۾ رکندي، اسان سنڌ جي مسئلن جا دڳ ڳولي سگهون ٿا. جيئن پاڻي لاءِ هڪ گهڻ پاسائو، مربوط ۽ جاگرافيائي ۽ سياسي طور تي وسيع تحرڪ مضبوطيءَ سان سامهون آيو آهي. ساڳئي طريقي سان ٻين اهم مسئلن تي پڻ اهڙي ئي مالڪي ڪري سگهجي ٿي. تعليمي ادارا، اسڪول، اسپتالون ۽ ٻين ادارن جي ڪمن ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي. ايندڙ سال لاءِ جيڪڏهن هڪ مضبوط سياسي ۽ سماجي شعور سان ”معياري تعليم تائين سنڌ جي پهچ“ جو مقصد اپنائي جدوجهد ڪئي وڃي ته پرائمري، سيڪنڊري، هائر سيڪنڊري، هنري ۽ اعليٰ تعليم جي معيار کي بهتري ڏانهن وٺي وڃي سگهجي ٿو. ترقي لاءِ ”معياري تعليم ۽ سکيا“ اهڙو عنصر آهي، جنهن جا هاڪاري نتيجا گهڻن حالتن کي سنئون ڪري ٿا وجهن ۽ قومون کاهي کان نڪري اڳتي وڌڻ شروع ڪن ٿيون. جمهوري حڪومت جا سربراهه ”ترقي واري ڪمن“ جي رفتار ۽ معيار لاءِ پڻ جاچ رکندا آهن ۽ واسطيدار ماڻهن سان ميٽنگون ڪندا آهن. وزيراعليٰ سنڌ پڻ نه صرف صوبائي سطح تي پر هر ضلعي جي ’ترقيءَ جي ڪمن جي رفتار‘ معلوم ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل اَفسرن ۽ ميمبرن سان ميٽنگ رکندو آهي. ترقي وارا ڪم، بجيٽ ۽ ٻيا اهم دستاويز ۽ معلومات نيٽ تي رکيل هوندا آهن. هر ضلعي جي ترقيءَ جي ڪمن جي تفصيلن کي ڏسي سگهجي ٿو، ان تي ’سماجي تحرڪ‘ ذريعي بحث ڪري سگهجي ٿو ۽ ان جي معيار، مقصد ۽ رفتار ۾ جيڪڏهن اوڻايون آهن ته ان جي نشاندهي ڪري  حڪومتي ادارن ۽ حڪومت تي دٻاءُ وجهي سگهجي ٿو ته جيئن عوام جا مسئلا معياري طور تي حل ٿين ۽ انهن ۾ پائيداري پڻ هجي!

’سماجي تحرڪ ۽ شعور‘ سنڌ کي مليل اُهي گُڻ آهن، جنهن سان صوبو سنڌ پنهنجن مسئلن کي حل به ڪري سگهي ٿو ته حق به وٺي سگهي ٿو!

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.