شڪارپور (عوامي آواز نيوز) شڪارپور جي ڪچي واري علائقي ۾ جاري آپريشن دوران گهربل ڏوهاري ٻيلو تيغاڻي سميت 60 خطرناڪ ڌاڙيلن هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا، ايس ايس پي شڪارپور ڪليم ملڪ موجب ٻيلو تيغاڻي 102 مختلف ڪيسن ۾ گهربل هو، جڏهن ته سندس گرفتاري لاءِ هڪ ڪروڙ رپين جو انعام به مقرر ڪيو ويو هو، ايس ايس پي ٻڌايو ته ٻيلو تيغاڻي سان گڏ سندس 50 کان مٿي ساٿين پڻ هٿيار ڦٽا ڪيا آهن جيڪي مختلف سنگين ڏوهن ۾ ملوث ۽ خطرناڪ ڌاڙيل طور سڃاتا ويندا هئا، پوليس موجب هٿيار ڦٽا ڪندڙن ۾ بڊاڻي، سبزوئي ۽ ٻين بدنام گينگن سان واسطو رکندڙ ڌاڙيل به شامل آهن، جن مان ڪيترن جي گرفتاري تي لکين رپين جا انعام مقرر هئا، ايس ايس پي ڪليم ملڪ چيو ته سرينڊر ڪندڙ سڀني جوابدارن سان قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ کين عدالتي عمل مان گذاريو ويندو.