گلگت چونڊون، نواز ليگ جي ريلي ۾ هوائي فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا

ديامر (م ڊ) گلگت بلتستان ۾ چونڊ مهم دوران هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي مسلم ليگ (ن) جي ريلي ۾ هوائي فائرنگ دوران 2 ڄڻا مارجي ويا، رپورٽن موجب هوائي فائرنگ ڪندڙ شخص اوچتو بندوق تي ضابطو وڃائي ويٺو، جنهن سبب گوليون ريلي ۾ موجود ماڻهن کي لڳيون ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، ذريعن جو چوڻ آهي ته گوليون لڳڻ سبب 2 ڄڻا موقعي تي ئي  مارجي ويا، جڏهن ته واقعي جي وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، افسوسناڪ واقعو گلگت بلتستان اسيمبلي جي تڪ جي بي اي-18 ديامر-4 ۾ پيش آيو، جتي چونڊ مهم زور شور سان جاري آهي، ياد رهي ته جي بي اي-18 تڪ تي آءِ پي پي جي اڳوڻي وڏي وزير حاجي گلبرگ خان ۽ مسلم ليگ (ن) جي اميدوار ملڪ ڪفايت الله وچ ۾ سخت مقابلي جو امڪان آهي، سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو کان پوءِ واهپيدارن ريلي ۾ هوائي فائرنگ ۽ هٿيارن جي نمائش ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.