خانپور مهر ويجهو موبائل فون رکڻ تي جوابدار جو ناري مٿان تيزاب حملو، حالت نازڪ

خانپورمهر (رپورٽر) خانپورمهر ويجهو گهر ۾ موبائيل فون رکڻ تي جوابدار  ماروٽ پنهنجي 17 ورهين جي ماروٽ ناري مٿان تيزاب هاري ڇڏيو، ناري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس جا جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا، ڳوٺ ڪنڊو مهر ۾ گهر ۾ موبائيل فون رکڻ تان 17 ورهين جي ناري شرمان ڌيءَ هزارو مهر مٿان تيزاب هاري کيس مرڻينگ ڪيو ويو، ناري جي والد هزارو مهر موجب جوابدار ميان داد مهر منهنجي ڌيءَ مٿان تيزاب هاري کيس مرڻينگ ڪيو آهي، ناري جي والدين موجب اسان جو پٽ سعودي رهندو آهي ان سان رابطي وغيره لاءِ گهر ۾ موبائيل فون پيل هو جنهن تان جوابدار ميانداد مهر منهنجي ڌيءَ شرمان مٿان تيزاب هاري ڇڏيو، هوڏانهن واقعي جون خبرون ميڊيا ۾ اچڻ بعد ايس ايس پي گهوٽڪي نوٽيس ورتو جنهن بعد پوليس جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ايس ايڇ او خانپورمهر برڪت ڀٽي جي اڳواڻي ۾ پوليس واقعي واري ڳوٺ پهچي جوابدار جي گهر  کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، 17 ورهين جي ناري شرمان مهر کي تيزاب هاري زخمي ڪرڻ واري معاملي بعد پوليس جا جوابدار ميان داد مهر جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي پوليس جوابدار جي گرفتاري لاءِ سندس گهر کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، متاثر ناري شرمان جي والدين ٻڌايو ته جوابدار ميان داد گهر ۾ گهڙي ننڊ ستل اسان جي نياڻي تي تيزاب هاريو جنهن سبب نياڻي جو چهرو اکيون سڙي ويون سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي هنن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان جي گهر ۾ موبائيل فون پيل هو جنهن تان جوابدار ميان داد اسان جي نياڻي مٿان تيزاب هاري ظلم ڪيو آهي جوابدار خلاف سخت ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.