راڻي پور جو سيد شادي کان پوءِ دوستن سان گڏ زيادتي ڪندو رهيو:روهڙي واسڻ ناري

راڻي پور (عوامي آواز نيوز) روهڙي واسڻ ناري خوشي راڻي پور جي سيدن تي الزام هڻندي چيو آهي ته راڻيپور وارن پيرن ڏاڍو ظلم ۽ زيادتي ڪئي، هي اهي پير آهن جن فاطمه ڦرڙو سان زيادتي ڪئي هئي، گادي نشين دلشاد شاھہ ٻين مردن سان گڏجي زيادتي ڪندو ھو جڏھن ته پاڻ مونکي نڪاح ڪري وٺي آيو ھو، هڪ وڊيو بيان ۾ روهڙي واسڻ ناري چيو ته ڪجهه وقت ٿيو آهي راڻي پور جي سيد سان شادي ٿي آهي، گادي نشين دلشاد شاهه ڪجهه وقت صحيح رهيو، ان کان پوءِ ٻين مردن سان گڏجي زيادتي ڪندو هو، پنهنجي مائٽن کان مون کي زيادتي جو نشانو بڻائيندو هو، اهو رشتو ڪيئن ٿيو، ڇو ٿيو مون کي خبر ناهي، علم ڪيو ويو، فاطمه ڦرڙو وارا سيد  ساڳيا ئي آهن، هن مون سان وڏو ظلم ڪيو آهي، مان اتان ڀڄي نڪتي آهيان، گادي نشين جا گهروارا به ظلم ڪندا هئا، جيترو ظلم ٻڌايان پئي اهو تمام گهٽ آهي تمام گهڻو هنن مون سان ظلم ڪيو آهي، مون کي حويلي ۾ قيد ڪيو ويو، ظلم ٿيو آهي، انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.