ڪراچي تباهه لڳو پيو آهي،پنجاب جي هر شهر ۾ تبديلي نظر ايندي:سعد رفيق

اسڪردو (عوامي آواز نيوز) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجاسعد رفيق چيو آهي ته ڪراچي، پشاور ۽ لاهور جي حالت ڏسي عوام پاڻ ئي فيصلو ڪري، پنجاب جي ڪنهن به شهر ۾ ويندؤ ته توهان کي واضح تبديلي ۽ ترقي نظر ايندي. گمبه اسڪردو ۾ هڪ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي سعد رفيق چيو ته نواز شريف پاڪستان ۾ جديد انفراسٽرڪچر جو بنياد رکيو، جيڪڏهن نواز شريف جون حڪومتون بار بار نه ڪيرايون وڃن ها ته اڄ هي ملڪ ڪافي ترقي ڪري چڪو هجي ها. هن چيو ته اسان پنهنجي سياسي ڪوتاهين جو اعتراف ڪريون ٿا، پر اهو به سچ آهي ته 18هين ترميم کانپوءِ وفاق کان وڌيڪ فنڊ صوبن جي حوالي ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ ڪراچي بدقسمتي سان گندگي جو ڍير بڻجي وئي آهي ۽ اتي عوام جي ڪو به داد رسي ڪندڙ ناهي،پنجاب جي ڪنهن به شهر ۾ وڃو توهان کي تبديلي نظر ايندي سعد رفيق گلگت بلتستان جي مالياتي معاملن تي ڳالهائيندي چيو ته نيشنل فنانس ڪميشن( اين ايف سي) ايوارڊ ۾ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير کي سندن جائز حصو ملڻ گهرجي، جڏهن اين ايف سي ۾ توهان جو قانوني حصو اچي ويندو ته پوءِ ڪنهن کان پئسا گهرڻ جي ضرورت ئي نه پوندي. هن اسڪردو ۾ 22 ڪلاڪن جي سخت لوڊشيڊنگ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف علائقي لاءِ 100 ميگاواٽ جو سولر انرجي پراجيڪٽ ڏنو آهي جيڪو بجلي جو بحران حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ملڪ ۾ سمورن سياسي جماعتن کي آزادي سان جلسا ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي. بين الاقوامي سياست بابت ڳالهائيندڙ خواجه سعد رفيق واضح ڪيو ته پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ اسرائيل سان لاڳاپيل ڪنهن به ’ابراهيمي معاهدي‘ کي تسليم نٿو ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.