ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته پيپلز پارٽي گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري کي ان لاءِ هٽايو ڇاڪاڻ ته هو سندن غيرقانوني ڪمن ۾ رڪاوٽ بڻيل هو، ايم ڪيو ايم جي ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فاروق ستار چيو ته اڳوڻو گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري کي بلدياتي چونڊن کان اڳ ٻيهر پنهنجي عهدي تي آندو وڃي، هن سوال اٿاريو ته آخر ڪمران ٽيسوري کي گورنر سنڌ جي عهدي تان ڇو هٽايو ويو، جڏهن ته راڻا ثناالله موجب هن جو ڪو به مسئلو نه هو، فاروق ستار الزام لڳايو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو سياسي اثر گهٽجڻ وارو آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جو 140- اي جو مطالبو گذريل 30 سالن کان جاري آهي ۽ 28هين آئيني ترميم به ايم ڪيو ايم جي تجويز آهي، جيڪا هاڻي يا مستقبل ۾ ضرور آندي ويندي، هن چيو ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي باوجود هل پارڪ بابت اين او سي جاري ٿيڻ تي سوال اٿن ٿا ۽ 62 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري ان کي قانوني جواز ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، فاروق ستار موجب هاڻي قبضو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته ڪراچي جي سموري زمين جي ليز ڪي ايم سي کي ملڻ گهرجي، ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ واري ڳالهه نئين ناهي، ڇو ته 1947 کان 1970 تائين ڪراچي وفاق جي انتظام هيٺ رهيو، فاروق ستار الزام لڳايو ته شهر ۾ قبضا مافيا سرگرم آهي ۽ ڪي ايم سي جا ڪجهه آفيسر به انهن سان مليل آهن، هن دعويٰ ڪئي ته جڏهن هو ميئر هو ته هل پارڪ مان قبضو ختم ڪرايو ويو هو، هن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم بلدياتي چونڊن ۾ ڀرپور تيارين سان حصو وٺندي ۽ 18 سالن کان ڪراچي کي قبضا مافيا حوالي ڪيو ويو آهي، پي اي سي ايڇ ايس سوسائٽي جي زمينن ۽ شهر جي پهاڙين کي ڪٽي پلاٽ ٺاهڻ ۽ مهانگي اگهن تي وڪرو ڪرڻ جا به الزام هنيا ويا، فاروق ستار چيو ته ڪراچي آهستي آهستي ڏوهن جو مرڪز بڻجي رهيو آهي، جڏهن ته ميئر ڪراچي جي ذميواري آهي ته هو قبضا مافيا خلاف ڪارروائي ڪري. هن دعويٰ ڪئي ته ڪي ايم سي جا آفيسر به انهن سان مليل آهن ۽ ايم ڪيو ايم انهن کي چئلينج ڪري ٿي، گورنر سنڌ کي غيرقانوني ڪمن ۾ رڪاوٽ سبب هٽايو ويو.
ڪراچي جي سموري ملڪيت جو رڪارڊ عوام آڏو آندو وڃي: جماعت اسلامي
ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي جي ترجمان چيو آهي ته هل پارڪ سميت شهر جي سموري سرڪاري ملڪيت جو مڪمل رڪارڊ عوام جي سامهون آندو وڃي، ترجمان چيو ته ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب کي واضح ڪرڻ گهرجي ته جيڪڏهن هل پارڪ جي زمين ڪي ايم سي جي آهي ته پوءِ اين او سي ڇو جاري ڪئي وئي، جماعت اسلامي موجب ميئر ڪراچي پنهنجي ناڪامين کي لڪائڻ لاءِ حقيقتون بگاڙي رهيو آهي، جڏهن ته ڪراچي جي هڪ انچ زمين به عوام جي امانت آهي ۽ ان جو تحفظ ضروري آهي، ترجمان الزام لڳايو ته ماضي ۾ ايم ڪيو ايم پاران شهر جا ڪيترائي پارڪ متاثر ٿيا ۽ هاڻي پيپلز پارٽي به ساڳي طرز جي عمل ۾ ملوث آهي، ڪراچي جي مختلف علائقن مان ڪچري ۽ الائشن بابت شڪايتون مسلسل اچي رهيون آهن، جڏهن ته صفائي بابت دعوائن ۽ عملي صورتحال ۾ واضح تضاد موجود آهي.
ڪراچي جي عوام متحده جي لساني سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي:سعديه جاويد
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار جي پريس ڪانفرنس تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڪراچي جي عوام ايم ڪيو ايم جي لساني سياست جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي، سعديه جاويد چيو ته جيڪي ماضي ۾ پاڻ ”ماسٽر پلان“ جا قاتل رهيا، اهي اڄ قانون جي ڪتابن تي ڳالهائين ٿا، هن چيو ته جڏهن ايم ڪيو ايم وٽ طاقت هئي ته شهر کي تباهه ڪيو ويو ۽ هاڻي جڏهن شهر بهتر ٿي رهيو آهي ته انهن کان برداشت نٿو ٿئي، هن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم جي الزام بازي واري سياست هاڻي عوام کي گمراهه نٿي ڪري سگهي ۽ عوام هاڻي باشعور ٿي چڪو آهي، سنڌ حڪومت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ شهر ۾ ڀتا خوري ۽ خوف جو ماحول رهيو، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي دعويٰ ڪئي ته هن شهر کي مافيا کان نجات ڏياري امن بحال ڪيو، هِل پارڪ هجي يا ٻيا تفريحي هنڌ، ڪنهن به غيرقانوني ڪم جي اجازت نه ڏني ويندي، قانون سڀني لاءِ برابر آهي ۽ الزام تراشي واري سياست جو وقت ختم ٿي چڪو آهي.
صوبائي خودمختياري ۽ بلدياتي نظام کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ايم ڪيو ايم ڪئي:شرجيل ميمڻ
ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قيادت جي پريس ڪانفرنس تي ردِعمل ڏيندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم بي بنياد الزامن ۽ پراڻين فرسوده ڪهاڻين جي سهاري پنهنجي سياست کي زنده رکڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي سياست هميشه نعرن، الزامن ۽ بحران پيدا ڪرڻ جي چوڌاري ڦرندي رهي آهي ۽ اڄ به ساڳيو پراڻو طرزِ عمل ورجايو پيو وڃي.هڪ بيان ۾ هن چيو ته صوبائي خودمختياري، آئيني اختيارن ۽ بلدياتي نظام کي سڀ کان وڌيڪ تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ايم ڪيو ايم ڪئي. هن چيو ته ڪراچي ۾ جاري ترقياتي منصوبا زميني حقيقتون آهن، جن کي ڪنهن به پروپيگنڊا ذريعي رد نٿو ڪري سگهجي. سندس چوڻ هو ته ييلو لائين، شاهراهه ڀٽو ۽ ٻيون ترقياتي رٿائون ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهن ته سنڌ حڪومت عملي ڪم تي يقين رکي ٿي.هن چيو ته ڪنهن به عوامي هنڌ بابت جيڪڏهن ڪو قانوني يا انتظامي مسئلو موجود آهي ته ان جو حل عدالتن ۽ لاڳاپيل ادارن جي ذريعي ٿيڻ گهرجي. شرجيل انعام ميمڻ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اهي عنصر جيڪي سالن کان پنهنجي ناڪام ۽ مفاد پرست سياست ذريعي شهر جي مسئلن ۾ اضافو ڪندا رهيا آهن، اڄ ٻيهر پاڻ کي نجات ڏيندڙ طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت بلدياتي ادارن کي نه رڳو اختيار ڏنا آهن، پر کين مالي وسيلا ۽ قانوني سهائتا پڻ فراهم ڪئي آهي. هن چيو ته ڪراچي ڪنهن هڪ جماعت جي جاگير ناهي، پر پاڪستان جو معاشي مرڪز آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪي عنصر ترقي جي هر قدم تي تنقيد کي پنهنجو سياسي هٿيار بڻائين ٿا، حقيقت ۾ اهي پنهنجي سياسي زوال جو پاڻ ئي اعتراف ڪري رهيا هوندا آهن.
هل پارڪ ڪي ايم سي جي ملڪيت آهي ۽ رهندو:مرتضيٰ وهاب
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته هل پارڪ جي هڪ انچ زمين به ڪنهن کي ناهي ڏني وئي ۽ هل پارڪ ڪي ايم سي جي ملڪيت هئي، آهي ۽ رهندي، پريس ڪانفرنس دوران مرتضيٰ وهاب چيو ته عيدالاضحيٰ دوران لينڊ فل سائيٽن تي 81 هزار 525 ٽن الائشون پهچايون ويون، جڏهن ته صفائي مهم دوران 88 هزار 436 ٽن جانورن جو گند ۽ ڪچرو ٺڪاڻي لڳايو ويو، ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته هل پارڪ بابت لڳايل الزام بي بنياد آهن ۽ پارڪ جي زمين تي ڪي به رعايتون نه ڏنيون ويون آهن، ميئر ڪراچي وڌيڪ چيو ته کَلن ۽ لاشن جي سياست شهر ڪراچي کي نقصان پهچايو آهي، شهر کي ورهائڻ واري سياست کان پاسو ڪندي عوامي مفاد کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.
هل پارڪ ڀرسان مبينا قبضي ۽ تڪراري تعمير بابت سوال اڀرڻ لڳا
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ هل پارڪ ڀرسان مبينا قبضي ۽ تڪراري تعميرن واري معاملي ۾ نوان سوال سامهون اچي ويا آهن، هڪ پاسي ڪي ايم سي جي لينڊ ڊپارٽمينٽ لاڳاپيل پلاٽ لاءِ ڪنڊيشنل اين او سي جاري ڪئي، جڏهن ته ٻئي پاسي ڊائريڪٽر لينڊ پوليس کي خط لکي مبينا تجاوزات، جعلي دستاويزن ۽ غيرقانوني تعميرن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو، دستاويزن موجب پي اي سي ايڇ ايس بلاڪ 6 جي پلاٽ بابت 30 اپريل تي جاري ڪيل ڪنڊيشنل اين او سي ۾ چيو ويو هو ته جيڪڏهن لاڳاپيل سوسائٽي ۽ ٻين مجاز ادارن کي ڪو اعتراض نه هجي ۽ سرڪاري يا ڪي ايم سي جي زمين تي تجاوزات شامل نه هجن ته لينڊ ڊپارٽمينٽ کي تعميرن تي ڪو اعتراض نه هوندو، اين او سي ۾ اهو به واضح ڪيو ويو هو ته اها ملڪيت جي قانوني حقن يا حدبندي جي تصديق نٿي ڪري، هوڏانهن ڊائريڪٽر لينڊ ڪي ايم سي ايس ايس پي اوڀر کي خط لکي دعويٰ ڪئي آهي ته ڪجهه ماڻهو مختلف دستاويزن ۽ اين او سيز جي بنياد تي سرڪاري زمين ۽ هل پارڪ جي ايراضي تي قبضي يا تعميرن کي قانوني ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، خط ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته سرڪاري زمين تي مبينا قبضي ۽ غيرقانوني تعميرن کي روڪڻ لاءِ قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.