ڪراچي(پ ر)سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪڻڪ جي وڪري تي حد ختم ڪرڻ ۽ في ايڪڙ پنج ٻوري جي شرط ختم ڪرڻ هڪ اهم فيصلو آهي. سنڌ حڪومت جي ان فيصلي سان ننڍن آبادگارن کي سڌو لاڀ ملندو ۽ ھاري بنا ڪنهن رڪاوٽ جي پنهنجي پيداوار سرڪاري مرڪزن تي وڪرو ڪري سگهندا. هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڪڻڪ جي امدادي قيمت 3,500 رپيا مقرر ڪرڻ ۽ خريداري جو هدف 10 لک ميٽرڪ ٽن رکڻ حڪومت جي ھاري دوست پاليسين جو ثبوت آهي. آبادگارن کي هڪ ڏينهن اندر سنڌ بئنڪ ذريعي فيول سبسڊي جي فراهمي شفافيت ۽ ڪارڪردگي جو بهترين مثال آهي. هن چيو ته ضلعي انتظاميه، اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي فيلڊ ۾ سرگرم ڪيو ويو آهي ته جيئن ھارين کي ڪنهن به قسم جي پريشاني جو منھن ڏسڻُ نھ پوي. آبادگار پنهنجي ڪڻڪ سرڪاري خريداري مرڪزن تي وڪرو ڪن .