ظلم ڪندڙ به معافيون ڏئي رهيا آهن،ماڻهو مزاحمت تي مجبور آهن:مرتضيٰ جتوئي

نوشهروفيروز(عوامي آواز نيوز)جي ڊي اي ۽ اين پي پي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي  چيو آهي ته سماج ۾ دشمنيون وڌنديون پيون وڃن، جڏهن ته ظلم ڪندڙ به وري معافيون ڏئي رهيا آهن، جيڪا هڪ وڏي فراخدلي ظاهر ڪري ٿي۔پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته تازن واقعن ۽ حالتن دوران ڪيترن ئي معاملن ۾ ماڻهن برداشت جو مظاهرو ڪيو، پر ڪجهه هنڌن تي حالتون ايتريون خراب ٿي ويون جو روڊ بند ڪرڻا پيا ۽ احتجاج ڪرڻو پيو۔هن چيو ته ماضي ۾ به ماڻهن صبر ۽ شرافت سان ڪم ورتو، پر هاڻي حالتون اهڙيون ٿي ويون آهن جو ماڻهو عملي مزاحمت ڪرڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن۔ هن چيو ته جيڪڏهن ناانصافيون جاري رهيون ته ان جا نتيجا وڌيڪ خراب نڪرندا۔هن وڌيڪ چيو ته سماج ۾ اهڙو رجحان وڌي رهيو آهي جتي ماڻهن جا گهر  ۽ دڪان به ساڙيا وڃن ٿا ۽ پوءِ به معافي گهري وڃي ٿي، جيڪا خطرناڪ روايت بڻجي رهي آهي۔سندس چوڻ هو ته هو پاڻ به برداشت ۽ صبر جو قائل آهي، پر قبائلي پس منظر ۾ رهندي به هن هميشه انتقام کان پاسو ڪيو آهي۔ هن زور ڀريو ته دشمنين کي ختم ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اهي نه رڳو ڪمزور برادرين کي متاثر ڪن ٿيون پر مضبوط ڌرين کي به نقصان پهچائين ٿيون۔مرتضيٰ جتوئي چيو ته هر قوم ۽ برادري ۾ دشمنيون وڌائڻ بدران امن، برداشت ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏيڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ سماج وڌيڪ تڪرارن جو شڪار ٿيندو۔

سياسي مخالفن تي ڪوڙا ڪيس ٿي رهيا آهن:رياض چانڊيو

 

حيدر آباد پ ر جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو آهي ته حڪمران ھر روز جڙتو جعلي ايف آرز  ڪٽين پيا تـه جيئن پرامن سياسي جدوجھد ڪندڙ اڳواڻن ڪارڪنن کي ڊيڄارين شھري جيڪي روز پنهنجي امن امان جي بحالي لاءِ منشيات خلاف يا پوليس گردي يا پيپلز پارٽي جي زيادتين خلاف احتجاج ڪن ٿا يا روڊن تي اچن ٿا انھن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا هن ملڪ ۾ بنيادي انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن هن چيو ته  پوليس کي سياسي مخالفن خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي منشيات فروش ڏوهاري لينڊ گريبرن کي کلي آزادي آهي اسان چئون  ٿا قبضا گيريت سنڌ جي ماڻھن کي ڪنهن بـ صورت ۾ قبول ناھي

درياخان مري واقعي کان پوءِ سنڌ ۾ سياسي ڇڪتاڻ تيز

ڪراچي/اوٽاوا(حنيف دوامي)سنڌ ۾ تازن واقعن کانپوءِ سياسي صورتحال تيزي سان گرم ٿي وئي آهي، جتي پيپلز پارٽي جي اندروني  ذريعن طرفان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته پارٽي قيادت ڪجهه تڪراري معاملن تي سخت نوٽيس ورتو آهي۔ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري  ۽بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ پيش آيل واقعن ۽ وڌندڙ عوامي ردعمل تي ڳڻتي ظاهر ڪندي لاڳاپيل ڌرين کان وضاحت طلب ڪئي آهي، جڏهن ته ڪجهه حلقن ۾ “شوڪاز نوٽيس” ۽ طلبي جون ڳالهيون به گردش ڪري رهيون آهن۔هي صورتحال ان واقعي کانپوءِ سامهون آئي، جيڪو تازونوشهروفيروز جي علائقي دريا خان مري ۾ پيش آيو، جتي هڪ غلام حيدر مري نالي شخص جي گهر ۽ دڪانن تي مبينا ڪارروائي دوران نقصان پهتو ۽ پيٽرول پمپ کي به سيل ڪرڻ جون رپورٽون سامهون آيون۔ واقعي کانپوءِ علائقي ۾ سخت احتجاج ٿيو ۽ ماڻهن وڏي انگ ۾ روڊن تي نڪري آيا،جي ڊي اي اڳواڻن به جلسو ڪيو، جتي حڪومت ۽ پيپلز پارٽي تي سخت تنقيد ڪئي وئي۔ اڳواڻن الزام هنيو ته حڪومتي پاليسين سبب عوام ۾ بيچيني وڌي رهي آهي ۽ حالتون ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي سگهن ٿيون۔ٻئي طرف مرتضيٰ جتوئي پڻ علائقي جو دورو ڪيو ۽ متاثر ماڻهن سان همدردي جو اظهار ڪيو۔ هن واقعي جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪندي چيو ته اهڙا واقعا سياسي استحڪام لاءِ خطرناڪ آهن۔پارٽي جي اندروني ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبائي وزير پنهنجي "ذاتي انا” ۽ "سياسي انتقام لاءِ پارٽي جي ساک کي سخت نقصان پهچائي رهيو آهي. مورو ۽ نوشهرو فيروز جا جيالا بدظن ٿي فنڪشنل ليگ ۽ اين پي پي ۾ شامل ٿي رهيا آهن ٻئي طرف، گهرو وزير جي ويجهن ذريعن ۽ لنجار هائوس اهڙين سمورين خبرن جي ترديد ڪئي آهي. سندن چوڻ آهي ته قيادت پاران ڪنهن به قسم جي جواب طلبي ناهي ڪئي وئي، هي محض مخالفن پاران اڏايل افواهه آهن.

مورو واقعي ڪيس ۾ 5 جوابدارن جي ضمانت منظور، آزاد

سکر (رپورٽ: شفيع محمد ابڙو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ مورو واقعي ۾ گرفتار 5 ڳوٺاڻن جي ضمانت منظور ڪندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪيس جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي ٻه رڪني بئنچ جسٽس امجد حسين ٻوهيو ۽ جسٽس علي حيدر ادا ڪئي. عدالت ۾ قلب لغاري، مزمل، مشهود ۽ صدام مري سميت 5 ڄڻن جي وڪيلن پاران داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ فريادي دوست علي سولنگي سميت ٻيا ڌر جا وڪيل پيش ٿيا. ٻڌڻي  دوران ڌرين ۾ ٺاهه ٿيڻ بعد فريادي ڌر جي وڪيل قربان ملاڻو ۽ ٻين ضمانت واري درخواست تي اعتراض واپس وٺي ڇڏيو، جنهن تي عدالت جوابدارن جي هڪ هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي. ياد رهي ته گهرو وزير ضيا الحسن لنجار جي گهر تي باهه ڏيڻ واري واقعي کانپوءِ ڳوٺاڻن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد ٻين جوابدارن، جن ۾ مرتضيٰ خان جتوئي، مسرور جتوئي ۽ ٻيا شامل آهن، انهن جا ڪيس نوشهروفيروز جي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ هلندڙ آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.