ميرپورخاص (بيورو) ميرپورخاص جي نجي ميڊيڪل ڪاليج ۾ هراسمنٽ سبب پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪندڙ شاگردياڻي فهميده لغاري واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. پوليس پاران ڪيس ۾ گرفتار ڪيل نجي ڪاليج جي استاد عابد لغاري ۽ فهميده لغاري جي ساٿي شاگرد عبدالرحمان جو عدالت مان حاصل ڪيل رمانڊ پورو ٿيڻ تي کين لاڳاپيل عدالت ۾ ٻيهر پيش ڪيو ويو. پوليس پاران ڪيس جي وڌيڪ جاچ لاءِ جوابدارن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي وئي، جنهن تي عدالت جوابدارن کي وڌيڪ 2 ڏينهن لاءِ پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ذريعن موجب، جوابدارن کان وڌيڪ جاچ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪيس جي مختلف پهلوئن کي واضح ڪري سگهجي.