اسلام آباد(اجمل جامي)صدر ٽرمپ ابراهيمي معاهدي بابت کليل نموني سامهون اچي ويو آهي، پاڪستان سميت مسلمان ملڪن تي ابراهيم اڪارڊ تي صحيح لاءِ دٻاءُ وڌي ويو آهي،آمريڪا جا صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڊگهي پوسٽ سوشل ميڊيا تي ڪئي جنهن ۾ هن سڄي ڪهاڻي بيان ڪئي ۽ عرب ۽ مسلم ملڪن آڏو مطالبا رکيا ته ابراهيم اڪارڊ تي صحيحون ڪن.اهو ڪو درخواست وارو معاملو ناهي، پر “لازمي ڪرڻو پوندو” واري لهجي ۾ ڳالهه ڪئي وئي آهي. جڏهن ته لنڊسي گراهم (اتر ڪيرولائنا جو سينيٽر) جيڪو اڳ فوجي آفيسر ۽ وڪيل آهي ۽ اسرائيل جو حامي سمجهيو وڃي ٿو، هن چيو هو ته جيڪڏهن ايران سان ڊيل جي بدلي ابراهيم اڪارڊ تي صحيحون ٿي وڃن ته اها وڏي ڪاميابي هوندي.هي ساڳيو شخص آهي جنهن ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان جي ٽياڪڙي تي به سوال اٿاريو هو،هاڻي هڪ ٻي رپورٽ “براڪ ريڊ” جي طرفان آئي آهي، جيڪو وائٽ هائوس جو رپورٽر آهي. ان موجب ايران سان ڊيل اڃا مڪمل نه ٿي آهي، پر ويجهو ضرور آهي.ٻي پاسي هڪ اسرائيلي چينل “سي فورٽين نيوز” به چوي ٿو ته ايران کي ڪنهن به صورت ۾ جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ نه ڏنا ويندا.ٽرمپ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ايران سان ڳالهيون سٺي نموني اڳتي وڌي رهيون آهن.،ايراني پرڏيهي وزارت به چيو آهي ته ڪجهه نڪتن تي اڳڀرائي ٿي آهي، پر معاهدو اڃا فوري ناهي.ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ پاڪستان جو به ذڪر ڪيو آهي، ٽرمپ سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان يو اي اي جي اڳواڻ قطر جي نمائندن پاڪستان ترڪي مصر اردن بحرين جي قيادت جا نالا کنيا،هن چيو ته جيڪڏهن ايران سان ڊيل ٿي وڃي ٿي ته پوءِ انهن سڀني ملڪن کي هڪ ئي وقت ابراهيم اڪارڊ تي صحيحون ڪرڻيون پونديون.پر هن اهو به چيو ته شايد هڪ يا ٻه ملڪ انڪار ڪن، ۽ اهو به قبول ڪري وٺن پاڪستان جي پرڏيهي وزارت واضح ڪري ڇڏيو آهي ته اسان جو فلسطين بابت موقف تبديل نه ٿيو آهي.ڪجهه مغربي حلقا پاڪستان بابت غلط تاثر پيدا ڪري رهيا آهن.ٻي طرف سعودي عرب، قطر ۽ پاڪستان ۾ هن بيان تي سخت ردعمل به اچي رهيو آهي.سعودي سوشل ميڊيا صارفين ۽ صحافين به چيو آهي ته فلسطين جو مسئلو ڪنهن به معاهدي جو حصو نه بڻجي سگهي ٿو.هاڻي سوال اهو آهي ته:ڇا ابراهيم اڪارڊ حقيقت بڻجي ويندو؟ماهرن جي راءِ ۾ عرب ملڪ سلامتي ۽ استحڪام کي ترجيح ڏيندا، پر فلسطين واري معاملي کي نظرانداز ڪرڻ ممڪن نه آهي.ڪجهه تجزيه نگار چون ٿا ته عرب ملڪن جو معمول بڻجڻ فلسطين جي معاملي تي حقيقي اڳڀرائي سان ڳنڍيل آهي، رڳو علامتي قدمن سان نه.هاڻي اهم ڳالهه اها آهي ته ٽرمپ هڪ وڏو سياسي ۽ سفارتي دٻاءُ ٺاهي رهيو آهي، جنهن جو مرڪز ابراهيم اڪارڊ آهي.هاڻي پاڪستان لاءِ اهم سوال اهو آهي ته ڇا هو هن معاهدي جو حصو بڻجندو يا نه.تازين رپورٽن موجب پاڪستان هن وقت ڪنهن به ابراهيم اڪارڊ تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي ۽ فلسطين بابت پنهنجي پوزيشن تي قائم آهي.ساڳئي وقت ايران-آمريڪا ڳالهين ۾ اڳڀرائي جاري آهي، پر مڪمل معاهدو اڃا ناهي ٿيو. ٽرمپ جو دٻاءُ وڌي رهيو آهي ته سڀ ملڪ هڪ ئي وقت معاهدي تي اچن.
اسرائيل کي تسليم ڪرائڻ لاءِ آمريڪي چال وائکي، پاڪستان فلسطين سان گڏ
You might also like