الله اڪبر جي هٿيار ايراني قوم کي طاقت عطا ڪئي، هاڻ ڪو به ملڪ آمريڪي سامراج جي ڍال نه بڻجندو : سپريم ليڊر

تهران(ويب ڊيسڪ) ايراني سپريم ليڊر آيت الله مجتبيٰ خامنائي حج جي مبارڪ موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته ايران آمريڪا کي اهڙي چماٽ هنئي آهي، جنهن کانپوءِ هاڻ کيس خطي ۾ شرارتن ۽ فوجي اڏن جي قيام لاءِ ڪا به محفوظ پناهه گاهه حاصل نه ٿيندي.
هن واضح ڪيو ته ”الله اڪبر“ جي هٿيار ايراني قوم کي اها طاقت ۽ قوت عطا ڪئي آهي، جنهن دشمن جي سمورن ناپاڪ ارادن ۽ مقصدن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي، مستقبل هاڻ رڳو نئين اسلامي تهذيب جو آهي.
ايراني سپريم ليڊر صهيوني رياست تي سخت تنقيد ڪندي وڌيڪ چيو ته صهيوني حڪومت ۽ اسرائيل هن وقت پنهنجي عمر جي آخري مرحلن جي ويجهو پهچي چڪا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته خطي جون قومون ۽ ملڪ هاڻ آمريڪي اڏن لاءِ ڍال نه بڻجندا، جنهن ڪري آمريڪي سامراج کي هاڻ هتان شڪست کائي واپس وڃڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.