آسٽريليا کي وڏو ڌچڪو، ڪپتان مچل مارش پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز مان ٻاهر

لاهور (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪپتان مچل مارش انجريءَ سبب پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز مان ٻاهر ٿي ويو آهي، جنهن ڪري جوش انگلس سيريز ۾ مهمان ٽيم جي ڪپتاني جا فرض انجام ڏيندو.
ڪرڪيٽ آسٽريليا مچل مارش جي پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز مان ٻاهر ٿيڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته مچل مارش انجري سبب سيريز مان ٻاهر ٿي ويو آهي، وڪيٽ ڪيپر جوش انگلس سيريز ۾ ٽيم جي قيادت ڪندو.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، مچل مارش آءِ پي ايل ۾ لکنئو سپر جائنٽس جي آخري ميچ مِس ڪئي هئي، مچل مارش علاج ۽ وڌيڪ معائني تائين پرٿ ۾ رهندو، بنگلاديش جي وائيٽ بال ٽور لاءِ مچل مارش جي دستيابيءَ جو فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو.
واضح رهي ته ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 30 مئي تي راولپنڊي ۾ شيڊيول آهي، ٻه جون تي ٻي ۽ چار جون ٽِين ۽ آخري ون ڊي کيڏي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.