ڪراچي ۾ کليل گٽر نالا پ پ جي نااهلي جو ثبوت آهي: حليم عادل

ڪراچي(رپورٽر) ڪورنگي واري علائقي ۾ اسڪول ويندي معصوم ٻارڙي کليل گٽر ۾ ڪري پئي، جنهن کي علائقي واسين ٻاهر ڪڍيو، جنهن تي تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ چيو آهي ته ڪراچي ۾ کليل گٽر نالا پيپلز پارٽي جي نااهلي جو ثبوت آهي.حليم عادل شيخ واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ ڪراچي جي ميئر ٻنهي جو تعلق پيپلز پارٽي سان آهي، هن چيو ته کليل گٽرن سبب اسڪولي ٻارڙا به غير محفوظ آهن، پيپلز پارٽي ڪراچي کي برباد ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.