ڪراچي (حفيظ ڦلپوٽو ) احسن آباد جي علائقي ۾ 4 ماڙ عمارت اوچتو ٽيڙي ٿي وئي، گرائونڊ فلور مڪمل طور تي زمين ۾ دٻجي ويو، اطلاع تي پوليس پهچي 3 مزدورن کي زخمي حالت ۾ ٻاهر ڪڍي ورتو. عمارت جي ڇت ڪرڻ سبب ٻئي منزل جو ملبو سامهون واري گهر ۽ گهٽي ۾ بيٺل ڪار مٿان ڪري پيو، جنهن سبب گهر ۽ ڪار کي نقصان پهتو. زخمين ۾ 3 مزدور 25 ورهين جو عمار پٽ اعجاز، 28 ورهين جو ذيشان پٽ عمران ۽ شاهد پٽ اڪرام کي فوري طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.