لکي غلام شاهه (رپورٽ : نديم جان مهر) چڪ ڀرسان ڳوٺ مزار جو ٻاهران ٻه ٻارڙا پاڻي ۾ ٻڏي فوت ڳولا بعد لاش هٿ ڪيا ويا ٻنهي نينگر جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، چڪ لڳ ڳوٺ مزار جو سومرو واسي 6 سالن جو حسنين پٽ سبحان سومرو ۽ عمر پٽ فوجي سومرو ڳوٺ ويجهي بچاءَ بند هيٺيان قائم لوپ بند جي کڏ واري پاڻي ۾ ٻڏي ويا، ٻن نينگرن جي ٻڏي وڃڻ جي اطلاع تي ڳوٺاڻن پهچي ٻڏي ويل نينگرن جا لاش هٿ ڪري گهر پهچايا ته ڪهرام مچي ويو. فوتي نينگرن کي سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو.