سيد امداد محمد شاهه، 29 سيپٽمبر 2004ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس وفات کان پوءِ سياسي توڙي سماجي وڏو خال پيدا ٿيو جيڪو اڄ ڏينهن تائين ڀرجي نه سگھيو آهي. سيد امداد محمد شاهه عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هميشه تيار ۽ نروار رهيو. پاڻ مظلوم ماڻهن جو آواز بڻجي ميدان ۾ نڪري پوندو هو. خاص ڪري اقليتي برادرين کي به دل سان ڀائيندو هو. سيد امداد محمد شاهه جي خدمت چاڪري ڪندڙ سندس نوڪر پيارو خاصخيلي ٻڌايو ته ”هڪ دفعو سائين وٽ باگڙي برادري جا ڏهه، ٻارنهن ماڻهو آيا. صبح جو وقت هو. سائين چانهه پي رهيو هو. باگڙين جي سواءِ ڪي ٻيا ماڻهو به ويٺل هئا. مون، انهن کي به چانهه ڏني. پر، باگڙين کي ڪونه ڏنم. سائين امداد محمد شاهه ڪاوڙجي پيو ۽ چيو ته هنن کي چانهه ڇو ڪونه ڏني اٿئي. منهنجي ڪوپ ۾ هنن کي چانهه پيار. هي به انسان آهن. انسانيت سان پيار ۽ محبت ڪرڻ سکو. مون، سائين جي ڪاوڙجڻ کان پوءِ سڀني آيل باگڙين کي چانهه پياري ان وقت سائين سمجهائيندي چيو ته، هي اسان جي سماج جو حصو آهن. اسان جا ڀائر آهن. انهن کان هرگز نفرت نه ڪرڻ گھرجي ٻيهر هنن کي نظرانداز نه ڪجان“
مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته، سڄي سنڌ ۾ انتها پسندن هندن جي عبادت گاهن تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا هئا. ان وقت هندستان ۾ بابري مسجد جو معاملو هلندڙ هو. هندستان جي مسلمانن تي ظلم ڪيا ويا پئي. ان آڙ ۾ هتي به انتهاپسندن هندن تي ظلم جا پهاڙ ڪيرايا پئي. سڪرنڊ جي مندر کي به نشانو بڻايو ويو هو. مندر کي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي. باهه جا شعلا ۽ دونهون پري، پري تائين نظر آيو پئي. مندر جو تمام گھڻو نقصان ٿيو. ان واقعي جي جڏهن سيد امداد محمد شاهه کي خبر پئي ته نه رڳو مذمت ڪيائين. پر، ضلعي جي عملدارن سان پڻ ڳالهايو. اهو معاملو عدالت ۾ ويو ته سيد امداد محمد شاهه عدالت ۾ به هندو برادريءَ جي قانوني ويڙهه ۾ مدد ڪئي. ان واقعي تي هندو برادري سان دلي همدردي ڪرڻ لاءِ انهن وٽ هلي ويو ۽ ڏک جو اظهار پڻ ڪيائين جڏهن ته ڪي ڳجها هٿ وري انتهاپسندن جي مدد ڪري رهيا هئا. جنهن ڪري انهن شرپسندن جو من وڌي ويو هو. هو، ڳجهن هٿن جي ڏٺ تي هندن کي ستائي ۽ رنجائي رهيا هئا. اها ڳالهه مذڪوره عظيم شخصيت کي هرگز قبول ڪونه هئي ۽ سيد امداد محمد شاهه هندن جي حفاظت لاءِ قانوني ويڙهه ڪندو رهيو. اڄ به سڪرنڊ جي هندو برادري ان ڳالهه کي محسوس ڪندي سائين امداد محمد شاهه کي سٺن لفظن ۾ ياد ڪندي رهي ٿي.
اسان وٽ بيروزگاري اصل کان هلندي پئي اچي. هتي روزگار جا موقعا ۽ وجهه گھٽ آهن. جنهن ڪري پڙهيل طبقو پريشان حال نظر اچي ٿو. سيد امداد محمد شاهه ان ڳالهه کي محسوس ڪندي. اقليتي برادرين کي روزگار ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي. ان ڏس ۾ هن ڪيترن ئي هندو ڪميونٽي جي نوجوانن کي مختلف کاتن ۾ سرڪاري نوڪريون وٺي ڏيارڻ ۾ مدد ڪئي اسي جو ڏهاڪو هو. ملڪ ۾ عام چونڊون ٿي رهيون هيون. اميدوار چونڊن جا فارم ورتا ۽ ڀري جمع پئي ڪرايا. سيد امداد محمد شاهه هڪ غريب هندو برادري جو ماڻهو نالي سچو مل کي چيو ته، اوهان به فارم ڀرايو. سچو مل ڳوٺ مجيد ڪيريو جو رهاڪو هو. شاهه صاحب سندس مدد لاءِ به تيار هو. پر، پوءِ سرندي وارن ماڻهن ميڙ منٿون ڪرائي کيس هٿ کڻايو. شاهه صاحب جو موقف هو ته، اقليتي برادري کي اڳيان آڻجي. ان وقت جي اميدوارن کي ڏاڍي ڏکيائي محسوس ٿي هئي ته سندن جي مقابلي ۾ هڪ غريب اوڏ طبقي جو ماڻهو چونڊ ۾ سامهون ٿيو آهي. ان فارم ڀرائڻ کان پوءِ سچو مل اوڏ جي شخصيت تمام گھڻي مشهور ٿي. سائين امداد محمد شاهه هندو برادري جي نياڻين کي اغوا ڪري، زبردستي مذهب مٽرائي شادين ڪرائڻ جو به سخت مخالف رهيو. اهڙو ڪو واقعو ٿيندو هو ته، متاثر خاندان جي مدد ڪندو هو ۽ اهو مسئلو حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو هو ته جيئن اغوا ٿيل نياڻي پنهنجي مائٽن کي واپس ملي. انهن سان نا انصافي ۽ بي واجبي نه ٿئي. سنڌ ۾ ڪٿي به هندو برادري سان ڪا بي واجبي ٿيندي هئي ته پاڻ انهن وٽ پهچي همدردي ڪندو هو ۽ ڀرپور نموني سان قانوني ويڙهه ۾ مدد ڪرڻ کان پوئتي ڪونه هٽيو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي ڄاڻايل برادري اڄ به کيس ياد ڪندي رهي ٿي ۽ سندس واکاڻ جا ڍڪ ڀريندي رهي ٿي.