موجوده دور ۾ سمارٽ فونز جي چارجنگ اسپيڊ ۾ وڏو واڌارو ٿيو آهي ۽ گهڻا اينڊرائيڊ فون فاسٽ چارجنگ واري سهولت سان ليس آهن، پر ماهرن موجب بيٽري جي ڊگهي مدي واري صحت لاءِ عام چارجنگ ڪجهه حد تائين وڌيڪ فائديمند ٿي سگهي ٿي.
رپورٽ موجب، فاسٽ چارجنگ دوران 15 واٽ يا ان کان وڌيڪ طاقت وارو ڪرنٽ استعمال ٿيڻ سبب فون جي بيٽري وڌيڪ گرم ٿي سگهي ٿي، جنهن سان وقت سان گڏ بيٽري جي ڪارڪردگي متاثر ٿيڻ جو امڪان وڌي ويندو آهي.
هڪ تجربي دوران 6 اينڊرائيڊ فونن کي 500 ڀيرا فاسٽ ۽ عام چارجنگ ذريعي چارج ڪيو ويو، جنهن مان ڄاڻ ملي ته فاسٽ چارجنگ سبب بيٽري جي گنجائش ۾ اضافي 0.3 سيڪڙو گهٽتائي آئي.
ماهرن موجب، 5 واٽ وارو عام چارجر فون کي لڳ ڀڳ 3 ڪلاڪن ۾ مڪمل چارج ڪري ٿو، جڏهن ته 15 واٽ فاسٽ چارجر ساڳيو ڪم اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ ۾ مڪمل ڪري ٿو، پر ان دوران بيٽري وڌيڪ گرم ٿي وڃي ٿي.
ان کانسواءِ گرمي پد بيٽري جي عمر ۽ ڪارڪردگي تي ناڪاري اثر وجهي سگهي ٿو.
ٻئي پاسي رپورٽ موجب، ماهرن جو چوڻ آهي ته جديد اينڊرائيڊ فون فاسٽ چارجنگ کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ڪيا ويندا آهن.
ان باوجود به واهپيدارن کي صلاح ڏني وئي آهي ته سٺي معيار جا چارجر استعمال ڪن ۽ فون کي غير ضروري طور گهڻي دير فاسٽ چارجر سان ڳنڍيل نه رکن، جيئن بيٽري کي واڌو گرمي ۽ دٻاءُ کان بچائي سگهجي.