سپريم ڪورٽ جي ججن جي اختلافي جنگ ڪٿي دنگ ڪندي؟

تحرير: انصار عباسي

سپريم ڪورٽ جي ججن جا پاڻ ۾ اختلاف هڪ اهڙي جنگ ۾ تبديل ٿي ويا آهن،جيڪا سڀني جي سامھون عوامي سطح تي وڙھي پئي وڃي.ھڪ ٻئي بابت جھڙي انداز ۾ عدالتي حڪم نامن ۽ سپريم ڪورٽ جي خط و ڪتابت ۾ ڳالھيون ڪيون پيون وڃن، ان کي ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ حيران آھن تھ ھي سپريم ڪورٽ جي ججن کي ٿي ڇا ويو آهي ؟  اختلاف ٿيندا رھندا  آهن، پر جنهن انداز ۾ ھڪ ٻئي جي خلاف  ڳالهه ٻول ڪئي پئي وڃي، اهو سڀ ڪجھه اڳ ڪڏهن نھ ٻڌو ۽ نھ وري ڏٺو. ان سان  پاڪستان جي اعليٰ ترين عدالت هڪ اھڙو تماشو بڻجي چڪي آهي جنهن تي هر ڪو تبصرو ڪري رهيو آهي.

پنهنجي اختلافن ۽ رنجشن کي سڄي دنيا آڏو کولڻ ۽ عوامي سطح تي ھڪ ٻئي کي جواب ڏيڻ بدران، ڇا اھو بھتر نھ ھجي ھا تھ سپريم ڪورٽ جا سمورا جج گڏجي ويهي انهن مسئلن کي بند ڪمرن ۾ اھڙي ريت حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ھا جو انصاف جون گھرجون پوريون ٿين ھا.عوام جو سپريم ڪورٽ ۽ عدليه تي اعتماد بحال ھجي ھا. هاڻي، تھ جيڪا رھيل سھيل ڪسر ھئي سا بھ باقي نھ رھي آھي.جنھن طريقي سان  ٽي وي چينلز، سوشل ميڊيا ۽ عوام تي ججن جي روين تي ڳالھھ ٻول ٿي رھي آھي اھو ٻڌي افسوس ئي ٿئي ٿو.

سپريم ڪورٽ اندر موجوده ورھاست ۽ ججن جي پنھنجي  وچ ۾  ڇڪتاڻ ۽ جھيڙي جو عام طور تي سياسي ڪيسن سان لاڳاپو آهن. اھا بدقسمتي جي ڳالھھ آهي ته ملڪ جي اعليٰ ترين عدالتن جي ججن کي ان تاثر جي بنا تي ڏٺو وڃي تھ ڪنھن جو ڪھڙي سياسي ڌڙي ڏانھن جھڪائو آھي ۽ ڪير ڪهڙي سياسي پارٽي جي حق ۾ ۽ ڪهڙي سياسي پارٽي جي خلاف فيصلو ڏئي سگهي ٿو. محسوس ائين ٿي رهيو آهي ته جنھن ورھاست جو سمورو سماج شڪار ٿي چڪو آھي، ان جو  سپريم ڪورٽ بھ  شڪار ٿي چڪي آهي.

هي هڪ اهڙو تاثر آهي،جنهن کي هر صورت ۾ ختم ٿيڻ  گهرجي ۽ جنهن جي لاءِ سڀني ججن کي پاڻ ۾ گڏجي ويهي غور فڪر ڪرڻ  گهرجي.سياسي ڪيسن بابت  پاڻ ۾ انھن جھيڙن بدران، ڪيترو نھ چڱو ٿئي ھا ته سپريم ڪورٽ جا جج  ان نُڪتي تي ويچار ڪرڻ جي لاءِ ويھن ھا تھ ڪھڙي طرح  پاڪستان ۾ انصاف جي نظام ۾ بھتري آندي وڃي تھ جيئن ھر شخص کي سستو ۽ تڪڙو انصاف مھيا ڪري سگهجي ۽ جيڪا پاڪستان جي عدليه جي ساک پت آھي ان کي بهتر بڻايو وڃي. اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي دور ۾ سپريم ڪورٽ جي اندر جيڪا ورھاست نظر ايندي ھئي اھا اڄ اڳي کان پڻ  وڌيڪ خراب آهي.هاڻي تھ سپريم ڪورٽ جا جج پنهنجن فيصلن ۾ هڪ ٻئي تي ٺٺوليون ڪندي  نظر اچي رهيا آهن.

جيڪڏهن ٻن ججن اھو چيو ته اٺن ججن جو فيصلو يعني  اڪثريتي فيصلو غير آئيني آهي ۽ ان تي آئيني ادارن کي عمل نه ڪرڻ گهرجي ته اڪثريتي ججن پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته ٻن ججن جيڪو ڪجھھ پنهنجي فيصلي ۾ لکيو آھي اهو ججن جي منصب جي ابتڙ آهي. ان سان  سپريم ڪورٽ جي سالميت ڪمزور ٿئي ٿي ۽ اھو عمل انصاف جي رستي ۾ رڪاوٽ پئدا ڪرڻ جي ڪوشش آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس کي ون مين شو، جا طعنا پڻ ڏنا پيا وڃن.سپريم ڪورٽ جي اندروني معاملن سان لاڳاپيل لکپڙھ ميڊيا ۾ ليڪ ڪئي پئي وڃي. جيڪڏهن هڪ طرف چيف جسٽس پاران 14 سيپٽمبر تي 8 ججن بابت  رجسٽرار کي جاري ڪيل حڪم نامي يا وضاحت بابت سوال ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويا ته ٻئي طرف جسٽس منصور علي شاهه طرفان ججن جي ڪميٽي  جي بائيڪاٽ ڪرڻ تي جن خدشن جو اظھار ڪيو اھو بھ سڀني جي سامهون اچي ويو.

ٻين لفظن ۾ سپريم ڪورٽ جي اندر هلندڙ جنگ کي لڪائڻ جي ڪا به ڪوشش نه ڪئي پئي وڃي، بلڪھ سڀ ڪجھه عوام جي سامهون  کولي رکيو پيو وڃي،جنهن سان عدالت اعظميٰ  جي ججن جي وچ ۾ تلخي ۽ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي رهي آهي.ھي جيڪو بھ ٿي رهيو آهي ان ۾ ڪنهن بھ جج جي فتح نه پر سڀني جي ھار آھي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ھي آهي ته ان سان  سپريم ڪورٽ جي احترام۽  ان جي حيثيت کي قوم جي نظرن ۾ سخت نقصان پهچي رهيو آهي. ان جو ذميوار ججن کانسواءِ ڪو ٻيو آهي ته مهرباني ڪري اسان کي اھو ٻڌايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.